ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات

الطاف شيخ

انگريزن جي ڏينهن ۾ 1853ع ۾ جڏهن ممبئي کان 34 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٿاني (Thane) تائين پهرين ريل هلي ان وقت هندستان اڄ جي هندستان کان گهڻو وڏو هو جو ان ۾ اسان جو پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويو ٿي. سو هيءَ ٽرين انڊيا جي هڪ ڪنڊ ۾ شروع ٿي.. يعني اولهه واري حصي ۾.

انگريز جڏهن هندستان آيا ته پهرين هنن جو مرڪز ڪلڪتي ۾ هو جيڪو پوءِ دهلي ٿيو. سو ڪلڪتو (بنگال وارو حصو) به هنن لاءِ اهم هو جو هيڏانهن اولهه ۾ ممبئي جهڙو بندرگاهه هو ته هوڏانهن اوڀر ڏي يعني بنگال ۾ وري ڪلڪتي جهڙو اهم بندرگاهه هو جِتان پڻ جهاز انگيلنڊ ۽ انگريزن جي ٻين ڪالونين: ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ چين ڏي ويا ٿي. سو 1845ع ڌاري ئي ڪلڪتي کان دهلي تائين ريل هلائڻ جي سروي شروع ڪئي وئي هئي ۽ پوءِ ممبئي ٿاني ريل جي ڪم شروع ٿيڻ جي اجازت بعد هائوراهه (ڪلڪتي) کان راني گنج تائين ريل جو ڪم ٽن سالن بعد شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. 1853ع تائين 61 ڪلو ميٽرن تي ريل جا پٽا وڇايا ويا. ان بعد هڪ ئي وقت ممبئي ۽ هائوراهه (Howrah) لاءِ انگلينڊ کان ريل جا دٻا ۽ انجڻيون ڊسپئچ ڪيون ويون جن سان عجيب بئڊ لڪ پيش آيو. ڪلڪتي لاءِ روانو ٿيل پاڻي جو جهاز HMS Goodwin ڀُل ۾ آسٽريليا کان وڃي نڪتو ۽ ٻئي جهاز جنهن ممبئي لاءِ لنگر کنيو اهو لنڊن کان نڪرڻ بعد خراب موسم ۽ سمنڊ ڪري ٻڏي ويو. ٻيو مسئلو اهو ٿيو جو هائوراهه (ڪلڪتي) کان اڳتي ويندڙ ريل جا پٽا انڊيا جي علائقي چندن نگر مان به گذريا ٿي جيڪو علائقو ان وقت فرينچن جي ڪنٽرول ۾ هو. هنن کڻي ڦڏو هنيو ته هِتان ٽرين نه لنگهندي. انهن سان ٺاهه ڪرڻ ۾ انگريزن کي وڏو عرصو لڳي ويو. آسٽريليا پهتل جهاز پوءِ ڪلڪتي موٽي آيو ۽ ريل جا دٻا ۽ انجڻ لاٿائين، پر فرينچن سان انگريزن جي هلندڙ جھيڙي ڪري ريل گاڏي هلي نه سگهي نه ته تاريخ ۾ ممبئي بدران ڪلڪتي واري ريل پهرين ٿئي ها، پر پوءِ سال بعد 1854ع ۾ ڪلڪتي کان هگلي شهر تائين ٽرين جي هلڻ جو افتتاح ٿيو. رستي تي هن کي پالي، سيرامپور ۽ چندن نگر شهرن ۾ ترسڻو پيو. ان ٽرين جي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ 3 رپيا هئا ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ست آنا. (هڪ رپئي ۾ سورهن آنا هوندا هئا.) بهرحال اها ڪا سستي ٽڪيٽ ناهي جو ان وقت چانديءَ جو تولو هڪ رپيو هو… بلڪه رپئي جي سڪي جي تور ئي هڪ تولو هئي ۽ اهو چانديءَ جو ٺهيل هو. رپئي جي اها قيمت ٻي جنگ عظيم تائين رهي. ان بعد چاندي جو اگهه وڌڻ تي ماڻهن رپين جي سڪن کي وٽرائي چاندي طور وڪڻڻ لڳا. باءِ دي وي ان وقت جا ڪجهه چاندي جا رپئي وارا سڪا مون وٽ به آهن جيڪي مون 1960ع ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ سڪا ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ جي شوق ۾ في رپيو 15 رپئي هالا جي هڪ سوناري جي دڪان تان خريد ڪيا هئا.

بهرحال اهڙي طرح انگريز انڊيا جي ٻين هنڌن تي به ريل جا پٽا وڇائي ريل گاڏيون هلائيندا ويا. جيئن ته ڏکڻ هندستان ۾ 1856ع ۾ مدراس وٽ 63 ميلن جي فاصلي تي ريل هلائي، اتر ۾ الهه آباد کان ڪانپور 1859ع ۾ ريل هلائي وغيره. پوءِ ته انگلينڊ مان ريل جون لوڪو موٽو انجڻيون گهرائڻ بدران 1895ع کان اجمير ۾ اهي انجڻيون ٺاهڻ جو ڪارخانو تيار ڪيو ويو.

ريل گاڏي مان انگريز راڄ کي ايڏي سهولت ٿي ۽ ايڏي ڪمائي ٿيڻ لڳي جو 30 سالن اندر، سن 1883ع ڌاري انڊين ريل سسٽم کي روٽ مائيليج ڏهه هزار ميل ٿي ويو.

اڄ جيڪو پاڪستان آهي ان حصي ۾ انگريز راڄ ۾ پهرين ڪراچي ۾ ريل گاڏي هلائڻ جو پروگرام ٺهيو هو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ 1847ع ۾ هنن اهو سوچي ته ايندڙ وقتن ۾ ڪراچي اهم بندرگاهه ٿي ويندو… ان کي ڳنڍڻ جي رٿا ٺاهي. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر فريئر سڄو نالو Sir Henry Edward Frere جنهن سنڌي الف ب لکڻي به ٺهرائي ۽ جنهن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ ۽ فريئر ٿاڻو آهي تنهن ان وقت جي وائسراءِ لارڊ الهوزي کان 1858ع ۾ ڪراچي بندرگاهه ۽ ريلوي لائين جي سروي جي اجازت ورتي جيئن ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريل هلائي وڃي. ان بعد درياهه سنڌ ۽ چناب ۾ آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙا) هلائي ڪوٽڙي کي ملتان سان ڳنڍيو وڃي جِتان پوءِ لاهور کي ريل ذريعي ڳنڍيو ويو.

13 مئي 1861ع ۾ اڄ واري پاڪستان جي پهرين ريل گاڏي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 169 ڪلو ميٽر (105 ميل) جي فاصلي کي هلائي وئي. لاهور کان ملتان 336 ڪلو ميٽر (209 ميل) فاصلي تي ڳنڍڻ لاءِ 6 آڪٽوبر 1865ع ۾ ريل گاڏي هلڻ جو افتتاح ڪيو ويو. 1876ع ۾ ٽي پليون راوي، چناب ۽ جهلم ندين تي مڪمل ٿيڻ سان لاهور کان جهلم گاڏي هلڻ جي شروعات ٿي. پهرين جولاءِ 1878ع تي لاهور کان پنوعاقل (334 ڪلو ميٽر/208 ميل) فاصلي تي ريل گاڏي جي پبلڪ لاءِ سروس شروع ٿي وئي.

1886ع ڌاري چار ريلوي ڪمپنيون ان حصي ۾ ڪم ڪرڻ لڳيون جيڪو پوءِ اڳتي هلي 61 سالن بعد پاڪستان ٿيو. انهن چئن ڪمپنين ۾ هڪ “سنڌ ريلوي ڪمپني. به هئي جنهن ۾ سنڌ لفظ ان وقت تائين “Scinde” لکيو ويو ٿي. 1880ع  ڌاري رڪ کان سبي ريلَ جا پٽا وڇائجي ويا ۽ ٽرين شروع ٿي وئي. سبي کان اڳتي جابلو علائقو آهي جِتي ريل گاڏي جي هلائڻ لاءِ لوهي پٽا وڇائڻ ڪو سولو ڪم نه هو، پر هي انگريز ڪامياب ٿي ويا ۽ مارچ 1887ع کان ريل گاڏي ڪوئيٽا تائين هلڻ لڳي.

1878 ۾ لوڌران کان پنو عاقل گاڏي هلڻ بعد سگهوئي چئن مهينن اندر سنڌو ندي جي اولهه واري ڪپ تي ڪوٽڙي کان سکر گاڏي شروع ڪئي وئي. سکر ۽ روهڙي کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو ندي مٿان لئنسڊائون پل ٺاهي وئي جنهن جو افتتاح 25 مارچ 1889ع تي ٿيو جنهن بعد ڪراچي کان پشاور کي ريل رستي ڳنڍيو ويو.

1947ع ۾ پاڪستان کي خود مختياري ملڻ وقت اڄ واري پاڪستان جي حصي ۾ 8122 ڪلو ميٽر ريل آئي جنهن مان 6880 روٽ ڪلو ميٽر براڊ گيج هئي، 506 ڪلو ميٽر ميٽر گيج هئي ۽ 736 ڪلو ميٽر نئرو گيج هئي. ان ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪيترو واڌارو ۽ سڌارو اسان پاڻ آندو آهي اهو سڀني سامهون آهي. اسان ننڍا هئاسين ته ٽنڊو آدم کان پڊعيدن هلندڙ نئرو گيج واري ريل گاڏي اسان جي شهر هالا مان اچي لنگهندي هئي جنهن جو سهڻو نظارو ۽ ڦيٿن جي ڇڪ ڇڪ اڄ به دماغَ ۾ تازگي پيدا ڪري ٿي. چوٿين درجي جو ڪلاس ٽيچر سائين عبدالهادي شيخ (هالا جي هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ هيڊ ماستر سائين فتح محمد شيخ جو چاچو ۽ PTCL جي جاويد بابو شيخ جو نانو) اسان شاگردن کي ريلوي اسٽيشن تي موڪليندو هو ته سندس خط اتي اسٽيشن ماسٽر کي ڏئي اچون ته هينئر ئي هليو وڃي. انگريزي اسڪول يعني ڪلاس فائو ۾ پهچي اتي پڙهندڙن ٻن ڀائرن آغا دلبر ۽ آغا مسعود سان ملاقات ٿي جن جو والد اسان جي ڳوٺ هالا نوان جي ريلوي اسٽيشن جو اسٽيشن ماسٽر هو. اسان سندن گهر به ويندا هئاسين. ڇا ته نيڪ ۽ با اخلاق ماڻهو هئا. اهو 1954 جو سال هو. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته هو سڀ اسان سان ڪيڏو ته سٺي سنڌي ۾ ڳالهائيندا هئا. مسعود ۽ دلبر اڄ به سنڌي ۾ ڳالهائين ٿا جن سان منهنجي ڪراچي ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. آغا مسعود کان سڄو پاڪستان واقف آهي جو هو اڪثر ٽي وي تي ائنڪر ٿي اچي ٿو ۽ اڙدو جي اخبارن ۾ مستقل ڪالم لکندو رهي ٿو. بهرحال ننڍپڻ ۾ اسان کي مسعود يا دلبر سان ملڻ کان وڌيڪَ سندن گهران ريل ڏسڻ جو وڏو شوق هو. دنيا ۾ ريل ۽ ان جو نظارو هر هڪ کي موهي ٿو. اڄ اها ريل نئرو گيج مان براڊ گيج ٿيڻ بدران يعني سڌرڻ بدران تباهه ٿي وئي آهي. سندس ريل جي پٽن جا نالا نشان نه آهن. سرڪاري پٽن واري زمين تي ماڻهن قبضا ڪري گهر، دڪان ۽ پوکون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي چند ماڻهو پنهنجو پاڻ ڦٻجڻ تي خوشيون پيا ملهائين…. اهو نه سرڪار کي ۽ نه انهن قبضا مافيا کي فڪر آهي ته غريبن جي سستي سواري ختم ٿي وئي جنهن ۾ هو پنهنجي رڍ يا ٻڪريءَ سان به سواري ڪري سگهيو ٿي. ۽ اڃان وڏي افسوس جي اها ڳالهه آهي ته ان قسم جو گهڻو ڪارو منهن سنڌ ۾ ئي ٿيو آهي. اسڪول ۽ اسپتالون به سنڌ ۾ ئي بند ٿيا پيا آهن ۽ ان کان وڌيڪَ اسان جي ڪهڙي بدنصيبي چئبي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ تي حڪومت ٻئي ڪنهن بدران به اسان سنڌين جي آهي…. ۽ اسان جا هي حاڪم ٻيو ڪو صحيح ڪن يا نه، پر عوام تي صحيح طرح حڪومت ڪري رهيا آهن… انگريزن به اسان تي اهڙو راڄ نه ڪيو جهڙو هي اسان جا، اسان جي ووٽن تي اسان تي ڪري رهيا آهن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments