ننگر پارڪر ۾ چائنا ڪلي جون غير قانوني فيڪٽريون قائم هجڻ جو انڪشاف، ڪيميڪل گاڏڙ پاڻي کوهه کارا ڪري ڇڏيا

ننگر پارڪر تعلقي ۾ چائنا ڪلي جون 30 کان مٿي فيڪٽريون لڳي ويون، رهواسي رائلٽيءَ کان محروم، فيڪٽرين ننگر پارڪر شهر کي  پاڻي فراهم ڪندڙ کوهن کي زهريلو ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ٺيڪيدار پاران بنا ليز چائنا ڪلي (اڇي مٽي) ڪڍڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ساڳئي وقت چائنا ڪلي مٽي ڪڍڻ لاءِ کوٽيل کڏا رهواسين ۽ چوپائي مال لاءِ موت جا کوهه بڻجي ويا. گذريل 20 سالن کان مٽي ڪڍندڙ غير مقامي ٺيڪيدار رهواسين لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا. کاتي وارين ٻنين کانسواءِ الاٽ ڪرايل ۽ قبضي واريون يڪسالا ٻنيون بااثر ٺيڪيدار پاران زبردستي هارين کان کسي کڏا کوٽڻ معمول بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق ڳوٺ ڪاڙڪي، ڳوٺ پاڙو ڌڙو، ڍيڍ ويرو ۽ رامجي جو وانڍيو چائنا ڪلي سان مالا مال آهن، پر ڄاڻايل ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم آهن. واعدن باوجود ٺيڪيدار ڳوٺاڻن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ننگر پارڪر تعلقي ۾ 400 چورس ڪلو ميٽر ايراضيءَ ۾ چائنا ڪلي اڇي مٽيءَ جا ذخيرا موجود آهن. ان حوالي سان ويرا واهه، ڪاڙڪي، پاڙو ڌڙو، موتي جو وانڍيو، ڍيڍ ويرو ۽ رامجي جو وانڍيو ۾ چائنا ڪلي موجود آهي، جتي ٺيڪيدار مقاطعي تي زمينون وٺي ٻنين ۾ 50 فوٽن تائين کڏا کوٽي مٽي ڪڍن ٿا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اهڙي کوٽائيءَ کان پوءِ اها ٻني پوکائيءَ جي لائق نه رهندي آهي. ننگر پارڪر ۾ چائنا ڪلي فيڪٽريون جيڪي مٽي صاف ڪن ٿيون انهن جو گندو پاڻي کوهن جي ڀرپاسي ڇوڙ ڪرڻ سبب کوهن جو پاڻي زهريلو ۽ گدلو ڪري ڇڏيو آهي چائنا ڪلي وارو پاڻي پيئڻ جي ڪري شهري پيٽ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن. ڪارونجهر رينج ۾ چائنا ڪلي جي ليز جا حڪم ناما ٻاهرين ضلعن جي با اثرن وٽ آهن. ڄاڻايل ٺيڪيدار اڇي مٽي کوٽائي ڪڍن ٿا، پر ان کانپوءِ اهي کڏا پورڻ جي زحمت به نٿي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري ڪيترائي رهواسي، پالتو توڙي جهنگلي جانور انهن کڏن ۾ ڪِري زخمي ٿين ٿا. مقامي ماڻهن کي رائٽلي ته پري جي ڳالهه آهي، چائنا ڪلي فيڪٽري جي بااثر ٺيڪيدارن ننگر پارڪر شهر جي کوهن ڀرسان گندو پاڻي ڇوڙ ڪري هزارين رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments