نواز شريف، احسن اقبال، فواد حسن فواد، عليم خان ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، هن جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ احسن اقبال سميت ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ هن جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد سميت ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب جو ايمان ڪرپشن فري پاڪستان آهي، ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، نيب جو تعلق ڪنهن سياسي پارٽي، گروهه ۽ فرد نه پر رياست پاڪستان آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments