نواز شريف جي علاج کان بغير واپسي ممڪن ناهي
مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته هو هميشه عدليه جو احترام ڪندو آهي، پر نواز شريف جي علاج کان بغير واپسي ممڪن ناهي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته بغير علاج جي واپسي سان نواز شريف جي زندگي کي شديد خطرو آهي ۽ زنده رهڻ جو حق سڀ کان اهم آهي، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مسئلو واپسي جو ناهي، پر نواز شريف جي علاج جو آهي، بيگم ڪلثوم نواز جي علاج وقت پي ٽي آءِ وارا ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا ته هوءَ ٺيڪ آهي، ڇا ان نقصان جو ازلو ممڪن آهي؟ شهباز شريف چيو ته ڊاڪٽرن چئي ڇڏيو آهي ته موجوده حالتن ۾ نواز شريف لاءِ سفر ڪرڻ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي ۽ حڪومت به اعتراف ڪيو هو ته نواز شريف جو پاڪستان ۾ علاج نٿو ٿي سگهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڊاڪٽرن جي تصديق ۽ تجويز تي حڪومت نواز شريف کي لنڊن موڪليو هن جي علاج ۾ ڪورونا سبب دير ٿي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ ضمانت ختم ٿيڻ کانپوءِ عدالتي حڪم باوجود سرينڊر نه ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي 22 سيپٽمبر جي لاءِ ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا ۽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران حاضري کان استثنيٰ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ هڪ ڪنسلٽنٽ جي راءِ آهي جيڪو ڪنهن اسپتال طرفان ناهي، اڃان تائين ڪنهن اسپتال ناهي چيو ته اسين ڪوووڊ سبب نواز شريف کي داخل ڪري علاج نه پيا ڪري سگهون، وفاقي حڪومت ته اڃان تائين هتان جي ميڊيڪل رپورٽن تي شڪ ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اسپتال کان ٻاهر ئي رهڻو آهي ته پاڪستان ۾ ڇو نه؟ هو پهرين به پاڪستان ۾ اسپتال ۾ داخل ۽ علاج هيٺ رهيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضمانت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.