بلاگ

نوريئڙو ۽ ان جو ماحول دوست ڪردار جوکيو جسارت الياس سنڌي

جھڙيءَ ريت ھر جانور جا ڌرتيءَ کي مختلف فائدا ملن ٿا، بلڪل اھڙي طرح ڪوئن جي خاندان سان تعلق رکندڙ، ٿڻائتوMammal  جانور نوريئڙو يا لوکڙSquirrel  پڻ ڌرتيءَ تي مختلف ڪارائتن عملن ذريعي، وڏا فائدا ڏئي ٿو. 4000 ميٽرن کان ھيٺ اوچائي تي رھندڙ نوريئڙو ھڪ وقت 1 انچ کان 1.5 انچن جيترا، 2 کان 8 ٻچا ڄڻي، انھن جي پالنا ڪري ٿو، جيڪي پيدائش وقت بنهه بي نور ھوندا آھن ۽ 2 کان 3 مھينا تيار ٿيڻ تائين ھر حال ۾ ماءُ تي ڀاڙيندا آھن. سڄي دنيا ۾ ان جون 200 کان وڌيڪ مخصوص جنسون مليون آھن، جن مان 44 اھڙا قسم آھن، جيڪي ھوا ۾ پڻ ٽپو ڏيئي تري سگھندا آھن، جڏھن ته ان جا ٻيا قسم زمين کان 30 ميٽرن جي بلندي تان پنھنجي لچڪدار پيرا شوٽ نما توازن رکڻ واري پُڇ جي مدد سان، ھيٺ زمين تي ٽپو ڏيئي ھلندا آھن. وڻن تي ملندڙ نوريئڙا وڏي وڻ جي ٿڙ جي مٿين حصي ۾ ڪاٺ ڪُٺيWoodpecker  جي ٺاھيل سوراخن ۾ يا پنن سان ڪجھ آکيرا ٺاھي، جڏھن ته زمين تي ھلندڙ نوريئڙا وري غارن، کڏن ۽ ٻِرن ۾ رھندا آھن، جتي اڪثر ٿڌ جي ڏينھن ۾ ڊگھي ننڊhibernation  به ڪندا آھن. ڪجھ نوريئڙا جھڙوڪ:Eastern fox squirrel زمين کان وڻ جي مٿين حصن تان ٽپا ڏيندا آھن. جڏھن ته Eastern gray squirrel وري دريائن ۽ ندين مان ترڻ به ڄاڻندا آھن. نيشنل جيو گرافڪ چئنل مطابق 5 کان 36 انچ (ھڪ چانھه جي ڪوپ) جيتري ھڪ نوريئڙي جو وزن 0.5 اونس کان 4 پائونڊ ھوندو آھي، جڏھن ته پڇ 150 کان 250 ملي ميٽرن جو ھوندو آھي. ان جون اکيون اھڙي ريت ٺھيل آھن جو اڳيان ۽ پٺيان ھڪ ئي وقت ڏسندو آھي، جيڪو انسان کان ڪجھ فاصلي تي رھڻ پسند ڪندو ھو، پر آھستي آھستي ھاڻي انسانن سان به مانوس ۽ عادي ٿي وڃڻ ڪري، ويجھو ٿي رھي پيو. ان جي ڀڄڻ جي رفتار 20 ميل في ڪلاڪ آھي ۽ کاڌ خوراڪ ۾ مختلف ٻجَ جھڙوڪ: بيهي مڱ، کجور، اخروٽ، بادام، پستا ۽ ڦرھيون، ميوا، گل، ڦل، مکڙيون، پن، ڏانڊيون ۽ فنجاءِ وغيرہ کائي ٿو. انھن جا ڪجھ قسم وري ٻيا نوريئڙا، زخمي پکي، آنا، جيت، ڪوئا ۽ سھا وغيرہ به کائيندا آھن جھڙوڪTamiasciurus hudsonicus : وغيره. اھڙي ريت اھي کائڻ ۾ omnivorous آهن. نوريئڙا خود به ٻين شڪاري پکين ۽ جانورن جو کاڌو بڻجندا آھن. ڪجھ ملڪن ۾ نوريئڙي کي انسان به شڪار ڪري کائيندو آھي، جيئن آمريڪا، چين، آفريڪي جھنگن ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ به انسان نوريئڙي کي کائين ٿا. انھن جي اڪثر جنسن ۾ سيليولوز ھضم ڪرڻ جي قوت ناھي ھوندي ان ڪري کين ڳچ پروٽين، ڪاربو ھائيڊريٽ ۽ چرٻي کپي، جيڪا اھي ٻجن ۽ ميون مان حاصل ڪندا آھن. نوريئڙي جي عجيب ڳالھ ته انھن جا ڏند گھڻو ئي تيز ھجڻ سان گڏوگڏ سڄي عمر (سراسري 20 سال) وڌندا رھندا آھن، جيڪي کين زمين ۾ وڏو ٻج ڍڪڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. ھڪ تحقيق مطابق سندن پُڇ ڪئليفورنيا آمريڪا ۾ انسان جي مدد ڪندو آھي، ڇو ته نوريئڙا پنھنجي پڇ جي حرڪت سان پيدا ٿيندڙ گرمي جي ڪري انسانن کي زھريلي نانگنRattle Snakes  کان بچائيندا آھن، اھڙي تحقيقي تجربي جي پاڪستان ۾ جتي زھريلا نانگ عام آھن، وڏي گھرج آھي. اھي پڇ جي مدد سان مختلف اشارا ڏيئي، تمام ننڍي آواز ۾ پنھنجن جوڙن کي خطري کان آگاھ ڪري عام حالتن ۾ به رابطو ڪندا آھن. سياري جي مند کان اڳ، گھڻو کائي، وزن وڌائي، ٿلھا ٿيندا آھن ته جيئن ٿڌ کان بچي سگھن.

ھي تمام گھڻو چالاڪ ۽ ماحول دوست جانور آھي، جنھن جي سُونگھڻ جي حس ايڏي تيز ھوندي آھي جو برف اندر لڪل خوراڪ تائين به سرنگ ٺاھي سولائي سان پھچي ويندو آھي (جنھن جو 25 سيڪڙو ھو ٻين جانورن لاءِ ان ڪري قربان ڪندو آھي جو کيس ڍڪيل کاڌي جي جڳھ وسري ويندي آھي)، جنھن جي ڪري ٿڌن علائقن ۾ ھي خوراڪ جي ڪمي جو شڪار ناھي ٿيندو. کاڌو کائي، زمين ۾ ڍڪڻ سندس فطرت ۾ شامل آھي ۽ جيڪڏھن کيس زمين ۾ کاڌو ڍڪيندي ڪو جانور ڏسي وٺي ته ھي صرف ان کي دوکو ڏيندي، ان جڳھ کڏ کوٽي ڀڄي ويندو، پر کاڌو ڪونه ڍڪيندو. يونيورسٽي آف فلوريڊا جي ماحولياتي ۽ جھنگلي جيوت جي بچاءُ جي ماھر پروفيسر مِڪ ڪليري مطابق نوريئڙي جي ان عادت جا فطرت ۽ ايڪوسسٽم کي وڏا فائدا پھچن ٿا. ڇو ته نوريئڙو جڏھن وڻن مان مختلف ٻج ڪڍي زمين ۾ ڍڪي ٿو ته اھي ٻج، ڪجھ ڏينھن اندر ڦُٽي ڪري نيٺ وڏا وڻ بڻجيو وڃن. ان ڪري ڌرتيءَ تي وڻن جي بناوٽ ۾ جان وجھي، قدرتي ٻيلا لڳائڻ ۾ نوريئڙي جو صدين کان وٺي اھم ڪردار اھم آھي.

سنڌ ۾ عام طور ملندڙ نوريئڙيPalm Squirrel  جو سائنسي نالو Funambulus pennantii آهي، جنھن جي پٺي تي پنج پٽيون به ھونديون آھن. اسان جي ٻارن جي توجهه پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ نوريئڙي جي پسنديدہ خوراڪ ميوا، گل، ڦل، سايون ڀاڄيون، مڪئي جو سنگ ۽ وڻن جا ٻيا جزا آھن. ھي ڏينھن ڏٺي، ھاڻي تمام گھٽ تعداد ۾ ساون ديسي وڻن پاسي ڏسبو آھي، جنھن جو وڻڪاري ڪرڻ ۾ ٻين نوريئڙن جيان ھڪ بنيادي ڪردار آھي. پراڻي زماني ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپن جي مختلف علائقن جھڙوڪ: ڪيٽي بندر لڳ تمام گھڻا بادام ۽ کجيءَ جا باغ ھئا، جن جي قدرتي طور لڳڻ ۾ انھن نوريئڙن جو وڏو ڪردار ھوندو ھو. واضح رھي ته ڪيٽي بندر جي باغن مان ھاڻي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ باغ ئي وڃي بچيا آھن، باقي سڀ انڊس ڊيلٽا جي تباھي ۽ نوريئڙي جي تعداد جي گھٽجڻ ڪري سُڪي ختم ٿي ويا. 20 ھين صديءَ عيسوي جي اڌ تائين، سنڌ ۾ نوريئڙو به عام ھو، پر سنڌو ندي جي ڪپن تان ٻيلا وڍجڻ ڪري ان جي نسل ڪشي ٿي ڇو ته ان جا فطري ۽ آزاد ماحول وارا ديسي وڻ جھڙوڪ: ٻٻر، نم، ڄار، آمري، انجير، کجور، سفيدو، ڪرڙ، بڙ، بادام، زيتون وغيرہ ئي آھن، جيڪي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي واڍي ڪري فطرت سان ھٿ چراند ڪئي وئي. سنڌ جي جابلو علائقن ۾ نوريئڙو جڏھن کنڀيون Mushrooms کائي، ھضم ڪري پولڙيونfeces  ڏيندو آھي ته انھن مان کنڀين، فنجاءِ ۽ ٻين ٻوٽن سان گڏ نوان حياتياتي سرشتا جنم وٺندا آھن، جيڪي اسان جي ماحول ۾ ساوڪ ۽ کنڀين جي ٻجن جي پکيڙڻ جا وڏا ذريعا آھن. اھڙي عمل جنھن ۾ ٻج ۽ ميوا جانورن ذريعي پکڙجن، ان کي Zoochory چئبو آھي، جنھن ۾ نوريئڙو اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪجھ ماھرن موجب دنيا جي چند علائقن ۾ جتي نوريئڙي جو تعداد گھڻو آھي، اتي ڪجھ نقصان به ڪري پر اسان وٽ ڪڏھن به اھڙي نوبت ناھي آئي. اھوئي سبب آھي جو پاڪستان ۾ نوريئڙو اڄڪلھ گھرن جي باغيچن ۾ پالتو جانورPet  ڪري به سانڍيو وڃي ٿو ۽ ان جي ھڪ سٺي جوڙي 3 ھزار رپين ۾ ملي سگھي ٿي. ان جي سنڀال سولي آھي ۽ خوراڪ ڪا خاص نه پر گھر ۾ کاڌل ڀاڄين ۽ ميون جو بچيل ڪچرو ئي آھي، جيڪو اسان ڪنھن جانور کي ڏيڻ بدران ڪچري جي دٻن ۾ وجھي ساڙي ڇڏيندا آھيون. جنھن تي نوريئڙا پنھنجو پيٽ پالي نسل وڌائي سگھن ٿا. نوريئڙي ذريعي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ اسان وڻڪاري وڌائي سگھون ٿا ته گڏوگڏ ان جو ڪاروبار ڪري به ڪمائي سگھون ٿا جيئن آمريڪا جي مسيسپي رياست ۾ ساليانو 12.5 ملين ڊالر روينيو صرف نوريئڙن جي ڪاروبار مان حاصل ٿيندو آھي ۽ اتي جا فطرت سان پيار ڪندڙ ماڻھو پکين کانپوءِ ٻئي نمبر تي نوريئڙن کي چاھين ٿا. ان ڪري نوريئڙو سندن معيشت تي به ھاڪاري اثر ڇڏي ٿو.

REFERENCES:

https://animaldiversity.org/accounts/Funambulus_pennantii/

https://www.wildlifeonline.me.uk/animals/article/squirrel-interaction-with-humans-woodland-regeneration

https://www.livescience.com/28182-squirrels.html

https://www.uwsp.edu/biology/VertebrateCollection/Pages/Vertebrates/Mammals%20of%20Wisconsin/Tamiasciurus%20hudsonicus/Tamiasciurus%20hudsonicus.aspx

https://animaldiversity.org/accounts/Funambulus_pennantii/

https://www.researchgate.net/publication/312119463_Economic_damage_by_invasive_grey_squirrels_in_Europe

http://www.biokids.umich.edu/critters/Sciurus_carolinensis/