نو گڊ باءِ رنگريز ڀوَن سنڌي
جڏهن هن جي مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ چاهيندڙن کيس پنهنجن هٿن سان مٽيءَ ماءُ جي حوالي پئي ڪيو، تڏهن به اهي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ته ڪو هو هاڻ هيءَ دنيا ڇڏي وڃي چڪو آهي ۽ هاڻي کيس گڊ باءِ ئي چئي ڇڏڻ گهرجي. ظاهر آهي ته هو جيڪو سدائين انهن جي وچ ۾ رهيو، ان لاءِ اهي قبول به ڪيئن ٿي ڪري سگهيا ته ڪو هاڻ هو انهن جي وچ ۾ ڪڏهن به نظر نه ايندو! ۽ سدائين لاءِ وسري ويندو؟ پر ڇا ڪجي! وقت هر درد جو مرهم آهي ۽ ڏاڍو بي رحم به، جيڪو ذهنن تان هر شيءِ کي آهستي آهستي ميساريو ڇڏي ۽ نيٺ ماضيءَ ۾ اماڻي ان کي هميشه لاءِ دفن ڪريو ڇڏي. هاڻ جڏهن ان اوطاق وٽان گذر ٿئي ٿو، جيڪا رنگريز جي خاص بيٺڪ هئي ته ان اوطاق جا در ته کليل ملن ٿا ۽ ماڻهن جا جهميلا به نظر اچن ٿا، پر انهن ۾ رنگريز نظر نٿو اچي، جيڪو اڪثر اوطاق جي اندر ته وري ڪڏهن سياري جي مند ۾ اوطاق جي ٻاهر سج جي تڙڪي تي ويٺل نظر ايندو هو ۽ هاڻي هن جي چاهيندڙن جو به آهستي آهستي اوطاق واري رستي تان گذرڻ گهٽبو وڃي ۽ هاڻي شايد اهي به يقين ڪرڻ لڳا آهن ته هو واقعي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ ٻئي پار هليو ويو آهي. هي ميڙاڪو جيڪو اڄ هن جي ياد ۾ رکيو ويو آهي، ان کانپوءِ شايد ڪڏهن ڪڏهن ورلي ڪنهن هنڌ تي هن جو ذڪر ٿئي ۽ پوءِ ممڪن آهي ته هڪ ڏينهن کانپوءِ شايد اهو به نه ٿئي؟ تنهنڪري هاڻ بهتر ٿيندو ته هن کي گڊ باءِ چئي ئي ڇڏجي! پر جڏهن به ڪو علم ۽ ادب جو اڃايل هن ڪائنات جي پر اسراريت کي ڄاڻڻ لاءِ ڪتاب جا پنا ڦلهوريندو ۽ تخيل جي عميق گهرائي ۾ ٽٻي هڻندو ته هن کي رنگريز پنهنجي مڪمل وجود سميت ضرور محسوس ٿيندو. موت ماڻهو جي جسم کي فنا ڪري سگهي ٿو، پر ڪتاب کي نه. جسم ته دفن ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ ڏينهن صفحه هستي تان ميسارجي به وڃي ٿو، پر ڪتاب کي ڪڏهن به دفن ڪري نٿو سگهجي، ڪتاب سدائين جيئرا رهن ٿا. اهي ڳالهائين ٿا، محسوس ڪرائين ٿا ۽ دل ۾ گهر ڪري ويهي رهن ٿا ۽ روح رهاڻيون ڪن ٿا ۽ اهو شخص جيڪو ڪتاب ۾ موجود آهي، اهو ڪڏهن به نه مرندو ۽ توهان جي ۽ اسان جي دلين ۾ هميشه موجود رهندو. انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
غلام حسين رنگريز پنهنجي ڪلا جي وسيلي جيڪو به هن کان ٿي سگهيو شعور جي آبياري لاءِ ڪوشش ڪئي. پوءِ ايئن به ٿيو ته هن جو ڇٽيل ٻج ڪڏهن ڪلراٺي زمين تي ڪريو ته ڪڏهن بي رحم موسمن جي ور به چڙهيو، پر جتي به جيڪي به گل ڦٽا انهن خوشبوءَ کي ڦهلايو، جنهن ۾ تخيل جا سڀئي رنگ ۽ رمزون موجود آهن. ان حقيقت کان انڪار ڪونهي ته وقت گذرڻ سان گل جيتوڻيڪ ڪومائجي ۽ هڪ ڏينهن ختم به ٿي وڃن ٿا، پر انهن جي خوشبوءِ جنهن ۾ تخيل جي مٺاس ۽ سُرور سمايل آهي، هڪ ڳلي کان ٻي ڳلي، هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ، وستي وستي واهڻ واهڻ سواس سواس ۾ اوتجي، انهن کي معطر ڪندي رهي ٿي، خوشبوءِ جو ڪينواس، جنهن ۾ تخيل جا سڀ سانگ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ ادائن سان موجود آهن، ڦهلبو ئي رهي ٿو، حد کان لا حد تائين ۽ لا حد ۾ ڀلا موت ڪٿي آهي؟ انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
مڃون ٿا ته هاڻ رنگريز جي نئين تحرير پڙهڻ لاءِ ڪونه ملندي، پر آئون ان کي فل اسٽاپ نٿو ڏيان ۽ هن جي تخليقن جو کاتو بند نٿو سمجهان. سيفو کان وٺي ڪوي ڪاليداس تائين، شيڪسپيئر کان وٺي شاهه ڀٽائي تائين، ماياڪووسڪي کان وٺي ٽئگور، نزار قباني، ڪرشن چندر ۽ شيخ اياز تائين، هاڻ رنگريز به ان ڪلاسيڪل ادبي سٿ جو حصو بڻجي چڪو آهي، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ جدت آندي ۽ ادب جي کيتر ۾ نوان لاڙا ۽ فڪر متعارف ڪرايا. ڪلاسيڪل سٿ جي تخليقي پورهئي جو نچوڙ (ڳر) ۽ بيانيو ئي نئين دور جي ادب جو محور ۽ حوالو آهي. ڪلاسيڪل دور جو ادب ئي اهو بنياد بڻجي ٿو، جنهن تي نئين دور جي ادب جي عمارت کڙي ٿئي ٿي. ڪلاسيڪل دور جي ادب جي سفر کان وٺي، نئين دور جي ادب جي سفر تائين ۽ ان کانپوءِ ايندڙ دور جي ادب جي تسلسل واري سفر ۾ رنگريز پنهنجي لکڻين جي ڪايا ۽ مايا سان سدائين موجود رهندو ۽ روحن کي گرمائيندي پنهنجي زنده هئڻ جو احساس ڏياريندو رهندو. انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
چون ٿا ته درياهه تهذيبن جا خالق آهن، ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي. ماڃر ۾ سنڌو درياهه سانت ۾ وهي ٿو. ڪڏهن هن جي پيٽ ۾ پنهنجن لاءِ پاڻي آهي ته ڪڏهن هن تي بند ٻڌي ان کي ويڙهيچن جي ويڙهن تائين پهچڻ کان روڪيو وڃي ٿو ۽ تڏهن لڳندو آهي ته درياهه جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري شايد هن ڌرتي جي ماڻهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، پر پوءِ شينهن درياهه، پنهنجي وجود جي هئڻ جو احساس ڏياريندو آهي ۽ جلال ۾ اچي سارا بند ٽوڙي اڃايل کيتن جي اڃ اجهائيندو آهي ۽ جهرن جهنگن کي سيراب ڪري ڇڏيندو آهي. جتي درياهه تهذيبن جا خلقڻهار آهن ته اتي تخليقڪار وري انهن تهذيبن ۾ تخيل جا رنگ ڀريندڙ آهن. جي درياهن کي وهڻ ۽ تهذيبي عمل جي سرجڻ کان روڪي نٿو سگهجي ته تخليقڪارن جي تخيل جي اڏام جي حدن کي موت ڪيئن ٿو ڇهي سگهي؟ انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
آئون طبيعت ۽ مزاجن رولاڪ آهيان. منهنجي زندگيءَ ۾ ڪٿي به ٺهراءُ ناهي، مون کي سمنڊ جون ڇوليون به رولاڪ لڳنديون آهن، جيڪي ڪنارن کي پائڻ لاءِ الائجي ڪٿان کان ڪيڏانهن نڪري وينديون آهن. مون کي هوائون به رولاڪ لڳنديون آهن، جيڪي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن بيچيني ۾ سفر ڪنديون وتنديون آهن. ايئن ئي هن خانه بدوش ليکڪ کي پنهنجي روح جي ڪٿا (غلام حسين رنگريز جي ڪتاب ”خانه بدوش روح جي ڪٿا“ کي حوالي طور استعمال ڪيو آهي) جي تڪميل تائين، الائجي ڪيترا ڀيرا سفر ڪرڻو آهي. هن جي ڪٿا جنهن ۾ ڌرتيءَ جو جياپو ۽ انسانن جو آجپو آهي، جيستائين مڪمل نٿي ٿئي، تيستائين هن خانه بدوش جو روح ڀٽڪندو رهندو ۽ اسان کي جاڳائيندي پنهنجي وجود جي هئڻ جي محسوسات ڪرائيندو رهندو ۽ جڏهن اهو خانه بدوش روح اسان جي دل ۽ دماغ تي هر وقت ڇانيو رهي ۽ جنهن جي ڪٿا ۾ اسين ۽ توهين سڀ شامل هجون ۽ اسان ۽ توهان سڀني جو آدرش به ان ڪٿا جو حصو هجي ته پوءِ اسين ڪيئن ٿا هن کي گڊ باءِ چئي سگهون؟ انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
ميرپوربٺورو جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ويٽنام جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو، اتي ان زماني ۾ ٽي اوتارا هئا، هڪڙو فقير عيسيٰ جو، جنهن تي وڏيرڪي سياست ٿيندي هئي ۽ اقتداري جهان جو وهنوار هلندو هو. ٻيو اوتارو قاسم پٿر جي ماڙي هئي، جنهن تي قومپرست ۽ ترقي پسند ڪامريڊن جا راڄ لٿل هوندا هئا ۽ سنڌ جي روشن آئندي لاءِ ڊگها بحث مباحثا ۽ واٽون تجويز ٿينديون هيون ۽ ٽيون اوتارو هو سائين غلام حسين رنگريز جي اوطاق، جتي هر وقت ادب جا لوازمات سکڻ وارن نوجوانن، اديبن ۽ شاعرن جون ڪچهريون متل هونديون هيون. جي ايم سيد جي فڪر سان توڙ تائين واڳيل سائين رنگريز هڪ روشن خيال اديب ۽ شاعر هو. رنگ ته هونئن به رنگريز کي وراثتي پيشي ۾ مليل هئا. انهيءَ ڪري سندس شاعري توڙي نثر ۾ اهي سڀ رنگ ۽ چٽ موجود هئا جيڪي اجرڪ ۽ چنري کي سونهن بخشين ٿا ۽ جڳ کي موهيندي اکين جو ٺار بڻجن ٿا. ميرپوربٺوري ۾ جيڪي به ادبي ميڙاڪا ٿيا ان جو روح روان سائين رنگريز هو. مون کي ياد نٿو پوي ته بٺوري ۾ جيڪي به ادبي پروگرام ٿيا، انهن ۾ سائين مون کي گهرايو نه هجي ۽ اسٽيج تي ڳالهرايو نه هجي، مون کي انتهائي افسوس پيو ٿئي ته جنهن شخص مون کي سدائين پنهنجن پروگرامن ۾ گهرايو ۽ اڄ وري آئون وطن کان ڏور هئڻ سبب ان شخص جي تعزيتي پروگرام ۾ به شريڪ ٿي نه سگهيو آهيان. وڇوڙو ۽ ورلاپ هن ڌرتيءَ جي دل ۾ شامل آهي ان کان وري ڪلاڪار به ڪٿي آجو آهي؟ شاهه لطيف جي سر سامونڊي کي پڙهي ڏسو رڳو دردن، ڪربن، وڇوڙن ۽ ورلاپن جو جهان آهي، پر لطيف وٽ انهن دردن ۽ وڇوڙن جي پويان وصال جي آشا آهي جيڪا جيئڻ جو سامان ۽ سبب مهيا ڪري ٿي. غلام حسين رنگريز به انهيءَ تصور جو پانڌيئڙو آهي، جنهن ۾ انيڪ دردن، ڪربن ۽ مايوسين ۾ زندگي ڪر کڻي اڀري ٿي ۽ هڪ روشن ڏِئي جيئن، اونداهه ۾ لاٽ ٿي ٻري، انهيءَ ڪري نو گڊ باءِ رنگريز!
غلام حسين جو ادبي سفر ته هونئن ئي بهتر رهيو، پر هڪ اديب هئڻ ناتي، هن جي اديب تنظيم جي حوالي سان ڪارڪردگي به شانائتي رهي. ڀلي ڪنهن کي ڪاوڙ لڳي، پر آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته غلام حسين رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري وارو دور، نه صرف ادبي سرگرمين جي حوالي کان شاندار رهيو، پر غير متنازع پڻ. هو جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ، ڪالم نويس ۽ ادبي سرگرمين جو روح روان هو، پر ان جي باوجود به هو مزاجن سادو ماڻهو هو ۽ هن ۾ پاڻ وارن نام ڪٺين اديبن جيان فيوڊل آڪڙ ڪونه هئي. هن منهنجي پرڏيهي ڪهاڻين جي پهرئين ترجمي جي ڪتاب ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ (1985) ۽ شاعري جي ڪتاب ”سندري سپنا ۽ صليب“ (1986) تي تبصرو لکيو.