ڊاڪٽر صائمه ناز: يورپ ۾ عالمي تحقيق ڪندڙ پاڪستان جي مايا ناز سائنسدان! جوکيو جسارت الياس سنڌي پي ايڇ ڊي اسڪالر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو
ھمت، حوصلو، بُردباري، دل ۽ جان سان محنت ڪرڻ، ايمانداري، ذھانت، جستجو، پنھنجي شعبي سان سچائي، صبر ۽ برداشت ۾ بي مثال، پيشيوراڻي توڙي سماجي قدرن تي پورو لھڻ ۽ ھر وقت سائنسي، تعميري، تخليقي، اصلاحي، فڪري ۽ اسڪالرلي ڪمن ۾ مصروف رھڻ جو بھترين مثال؛ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي زولاجي شعبي سان تعلق رکندڙ ھڪ انتھائي ھوشيار ۽ نوجوان سائنسدان ڊاڪٽر صائمه ناز جھڙي قابل فخر نياڻيءَ جي نالي سونھي ٿو. جنھن ٿوري ئي عرصي ۾ ”يڪ را گِير، محڪم گِير“ جي مصداق، زندگيءَ جي سائنسي اڀياس جي وشال شاخ حياتيات جي، چند اھڙن نَوَن ۽ ڏُکين موضوعن تي نج توڙي گھڻ پاسي معياري تحقيق ڪري، عالمي مُحققن ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻپ ٺاھي ورتي آھي. کيس سندس شعبي جي عالمي ماھر ڪري ليکيو وڃي ٿو، جنھن جو ھڪ ڪارڻ سندس ڏاھپ، محنت ۽ تحقيق ذريعي عالمي قِيو ايسQS ريسرچ جرنلز ۾ ڇپيل معياري تحقيقي مقالا ۽ ان جا سائنسي ميزبان رھندڙ مختلف جانور به آھن، جن سان سندس چاھت آھي.
سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي کجين جي مِٺي خوشبوءِ سان مھڪندڙ مشھور ضلعي خيرپور جي شھر کھڙا شريف ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي آفيسر حاجي الله بخش خواجه جي گھر ۾ جنم وٺندڙ صائمه ناز، مختلف شھرن جي انيڪ تعليمي ادارن ۾ پڙھي. پرائمري تعليم کان اڳ، اسڪول وڃڻ جي عادت لاءِ سندس مائٽن کيس ڪي جي (ڪنڊر گارٽن) لاءِ، ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي موسيٰ لين کارادر ۾ نيشنل ايجوڪيشنل سينٽر ماڊل اسڪول ۾ موڪليو. جنھن کان ھن کھڙا شريف گمبٽ ۾ ڪلاس پھرين کان ٻيون ۽ اسٽيل ٽائون ڪراچيءَ جي خوشحال خان خٽڪ پرائمري اسڪول ۾ ڪلاس ٽئين کان پنجين تائين پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇھون ڪلاس ولي محمد حسن علي گورنمينٽ اسڪول بغدادي لياري، ستون ڪلاس خوشحال خان خٽڪ سيڪنڊري اسڪول اسٽيل ٽائون ڪراچي، ڪلاس اٺين کان يارھون علامه اقبال ھائر سيڪنڊري اسڪول مان پڙھيو. اھڙيءَ ريت، ھن 1992ع ۾ اي گريڊ ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ھائر سيڪنڊري اسڪول مان مئٽرڪ سائنس ۽ 1994ع ۾، علامه اقبال ھائر سيڪنڊري اسڪول مان بي گريڊ ۾ انٽر، 1996ع ۾ مادر ملت پاڪستان اسٽيل ملز ڊگري ڪاليج ڪراچيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ بي ايس سي ۽ 1999ع ۾ زولاجي شعبي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پڻ فرسٽ ڊويزن ۾ ماسٽر آف سائنس ڪئي.
سندس شوق مطابق ھن تحقيق جي شعبي کي چونڊڻ سان گڏوگڏ مختلف نجي اسڪولن ۾ ليڪچرار ۽ پرنسپل طور پيشيوراڻي زندگيءَ جي ڪامياب شروعات ڪئي ۽ ڪامياب استاد ٿي ڪري، تعليم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ حڪومت، 2003ع ۾ جڏھن نج ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار ڀرتي ڪيا ته صائمه ناز سکر ڊويزن ۾ پھريون نمبر کڻي، ليڪچرار مقرر ٿي. سندس محنتن جي عيوض، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي پڻ کيس نج ميرٽ تي 2005ع ۾ سموري سنڌ ۾ اول نمبر سان زولاجي شعبي ۾ مستقل ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو ۽ ھن ڪراچيءَ جي مختلف سرڪاري ڊگري ڪاليجن ۾ ليڪچرار طور مستقبل جي معمارن کي پڙھايو، پر سندس جذبي ۽ ھمت کيس اتي ئي رڪجي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ۽ ھن تحقيق جي شعبي ۾ ”سِرَ جو ڪَر مَ سانگ“ وانگر پنھنجو پاڻ کي وقف ڪرڻ لاءِ 2004ع ۾ سنڌ جي منفرد مادر علمي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽر آف فلاسافيءَ جي اعليٰ تعليمي ڪورس ۾ داخلا ورتي. جنھن ۾ ھن ايتري ته معياري ۽ جامع تحقيق ڪئي جو کيس اڳتي ھلي، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڊاڪٽر آف فلاسافيPhD جي ڊگري ڏني وئي. سندس اھو تحقيقي ڪم، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ملندڙ پکين جي پَرن، کنڀن سميت جسم جي ٻاھران ملندڙ مفت خور جُؤنLice جي مٿان ھو. ان دوران ھن ڪراچيءَ جي باغن، باغيچن، گھرن، بازارن، روڊن، رستن، وڻن ۽ عام ھلندڙ ڦرندڙ پکين کي ڪجھ منٽن لاءِ جھلي، سندن جسم تان ملندڙ ”ٽولر يا بوٽ يا جؤن“ کي زنده محفوظ ڪيو ۽ انھن جيتن جا بنيادي تحقيقي انگ اکر Baseline ٺاهيا، جيڪي اڄ پاڪستان سميت دنيا جي سوين محققن لاءِ مشعل راھ بڻجي رھيا آھن. ان موضوع تي تڏھن مواد تمام گھٽ ملندو ھو. ھن ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نامور سائنسدان ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر سيد انصر رضوي (سابقه چيئرمين، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، يونيورسٽي آف ڪراچي) جي زير نگراني اھا تحقيق ڪئي، جنھن کي ھوءَ پنھنجي تحقيق جي ڪاميابي ارپي ٿي. اھڙيءَ ريت کيس پاڪستان ۾ ايڪٽو پيرا سائيٽالاجيءَ جي شعبي جو بنياد رکندڙ چند سائنسدانن ۾ پڻ شامل ڪري سگھجي ٿو. جنھن تحقيق جا نوان ۽ جديد لاڙا متعارف ڪرايا آھن.
سنڌ سميت پاڪستان جي مايه ناز پيرا سائيٽالاجسٽ ڊاڪٽر صائمه ناز کان ننڍي عمر جا ڪيترائي اسڪالر پنھنجي تحقيقي ڪمن کي شروع ڪري اڌ ۾ ڇڏيندا ويا، پر ھن پنھنجي اڻٿڪ محنتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران 2013ع ۾ جڏھن زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جون خالي جڳھيون آيون ته ڊاڪٽر صائمه ناز به ان ۾ فارم ڀرايو. سندس انٽرويو وٺندڙ ماھر تڏھن دنگ رھجي ويا جڏهن ھن ننڍڙي عمر جي نياڻيءَ پنھنجي قابليت ۽ ذھانت سان گڏوگڏ پنھنجي ڇپيل تحقيقي مقالن کي انٽرويوورز آڏو رکيو. بين الاقوامي بايولاجيڪل تحقيق جي اعليٰ اصولن تحت، معيار تي پورو لھندڙ مقالن سان گڏوگڏ، ڊگرين ۽ لکت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صائمه ناز کي 2013ع ۾ نج ميرٽ تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور چونڊيو ويو ته ھن اتي به پنھنجي تحقيقي ڪم کي ويتر وڌايو. کيس تحقيق جي رستي ۾ ھزارين رڪاوٽون اينديون ويون، جن کي ھوءَ پنھنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ھٽائيندي وئي تان جو پاڻ زولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪامياب استادن ۾ شامل ٿي وئي ۽ مختلف سبجيڪٽن کي ھن جنھن مھارت سان پڙھائڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ان جا مثال تمام گھٽ ملن ٿا.
ھن ھڪ ڪامياب استاد ھجڻ سان گڏوگڏ پنھنجي جديد تحقيق جو سلسلو به جاري رکيو. ان سلسلي ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ موجود ايڊوانسڊ پيرا سائيٽالاجي ليبارٽريءَ جو کيس ھيڊ ڪيو ويو، جيڪو پاڻ خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪندي پئي اچي. نه صرف اھو، پر ان ليبارٽريءَ سان گڏ، پنھنجي نوعيت جو پاڪستان جو پھريون پيراسائيٽس جو ميوزم به قائم ڪيو آھي، جنھن ۾ پاڪستان ۾ ملندڙ پکين جي جسمن تان گڏ ڪيل ٻاھريانExternal توڙي اندريانInternal مفت خور جيوڙاParasites محفوظ ڪري رکيل آھن. ان ليبارٽريءَ ۾ سندس ڳچ شاگردن ايم فل ڪئي ۽ ھن وقت انھن مان ڪجھ پي ايڇ ڊي ڪن پيا. سندس تحقيق جي ڪاميابيءَ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو جو ٿوري ئي عرصي ۾ ھن 24 ايم فل ۽ 5 پي ايڇ ڊي جا شاگرد، اسڪالر طور رھنمائي ڪري تيار ڪيا آھن.
ھڪ سٺو محقق پاڻ اسڪالر ھوندو آھي. ان وانگر خود اعتمادي سان ڀرپور. ڊاڪٽر صائمه ناز جي طبيعت ۾ علم حاصل ڪرڻ جي تشنگي ۽ نئين کوجنا ڪرڻ جو جذبو برقرار رھيو. اھڙيءَ ريت پاڻ 2014ع ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۾ نيشنل ريسرچ پراجيڪٽ لاءِ اپلاءِ ڪيائين، جيڪو کيس 2015ع ۾ منظور ٿي مليو. جنھن ۾ پاڻ سموري سنڌ جي پکين جي مفت خور جراثيمن تي کوجنا ڪئي ۽ پنھنجي اسڪالرز جي اڳواڻي ڪندي 2019ع ۾ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيائين. ان دوران کيس پاڪستان ڪائونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي اسلام آباد طرفان اي-A ڪئٽيگري ۾ ريسرچ پراڊڪٽيوٽي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ان کانپوءِ ھن 2019ع کان 2021ع لاءِ يورپ ۾ وڃي، پوسٽ ڊاڪٽريٽ جو فيصلو ڪيو ۽ اڄڪلھ ھوءَ يورپ جي تاريخي رياست چيڪ ريپبلڪ جي سرڪار پاران مليل اسڪالرشپ تي، پوسٽ ڊاڪٽريٽ اسڪالر طور بين الاقوامي ماھرن سان گڏ، ڊپارٽمينٽ آف ويٽرنري سائنسز، فئڪلٽي آف ايگرو بائلاجي فوڊ اينڊ نيچرل ريسورسز، چيڪ يونيورسٽي آف لائف سائنسز پراگ 6، چيڪ ريپبلڪ ۾ بين الاقوامي گھڻ رُخي پيراسائيٽن جي مٿان تحقيق ڪري رھي آھي. سندس ھڪ انٽرنيشل ريسرچ پراجيڪٽ، چيڪ ريپبلڪ جي حڪومتي فنڊ تي فئڪلٽي آف ٽراپيڪل ايگري سائنس، چيڪ يونيورسٽي آف لائف سائنسز پراگ پاران ھلي رھيو آھي. ان دوران ھن انڊيا سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي جانورن جي پيرا سائيٽس جو سائنسي تجزيو ڪيو آھي.
محنت ڪندڙ ادي ڊاڪٽر صائمه ناز جي ڪاوشن تي کيس عالمي سائنسدانن به سائنسي طريقي سان خراج تحسين پيش ڪيو آھي. انھن مان ماھر ٽئگزانامسٽ ڊينيئل گُف ٽيفسن، 2018ع ۾ پاڪستان مان مليل ھڪ فِنچFinch پکي جي لائيس مٿان ڊاڪٽر صائمه ناز جي نالي تان سائنسي نالوBrueelia nazaev رکيو. جڏھن ته ڊاڪٽر صائمه پاڻ خود ڇھن پيرا سائيٽ اسپيشز جي ڳوليندڙ باني به آھي، جڏھن ته سندس شاگردن به ان ڏس ۾ سائنسي ادب ۾ ڪجھ نه ڪجھ حصو ضرور ملايو آھي.
سنڌ جي ھيءَ منفرد سائنسدان نه صرف تحقيق ڪري ڇپرائي ٿي، پر پاڻ 2011ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين مختلف قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪندي پئي اچي، جتان ھن ڳچ مقالن کي پڙھڻ سان گڏوگڏ تحقيقي پوسٽرن جي مقابلن ۾ پڻ ايوارڊ ماڻيا آھن. پنجاھ کان وڌيڪ تحقيقي ريسرچ پيپر جي تخليقڪار، ڊاڪٽر صائمه ناز، 2000ع ۾ عمرو ڪرڻ دوران سعودي عرب گھمڻ، کان علاوه آسٽريليا، جرمني، يونان، آسٽريا، اٽلي، رومانيا، ھنگري، بلغاريه، سلوواڪيا ۽ چيڪ ريپبلڪ جھڙا ملڪ ۽ انھن ۾ موجود تاريخي، علمي، ادبي ۽ تفريحي مقام به گھمي چڪي آھي، جتان ھن وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي آھي. جنھن ڪري پاڻ علم جو خزانو وڏو آھي. ھوءَ انگريزي ٻوليءَ ۾ 2012ع ۾ ٽي عدد سائنسي ۽ تحقيقي ڪتاب به ڇپرائي چڪي آھي. جڏھن ته ھن وقت سندس ھڪ ڪتاب زير تصنيف آھي.
ننڍي عمر ۾ عالمي شھرت ماڻيندڙ ڊاڪٽر صائمه ناز جيتري گھڻي ھوشيار آھي، اوترو ئي الله تعاليٰ کيس ڪردار، سيرت ۽ صورت ۾ خوبصورت بڻايو آھي. شاگردن وچ ۾ جڏھن پاڻ کين علم ڏيڻ لاءِ ويٺل ھوندي آھي ته ان مھل سنڌ جي آئندي جي سڌاري جي پَڪَ ٿيندي آھي. سندس ڪاميابين کي ڏسي، وري سندس عاجزيءَ کي ڏسجي ته يقين ناھي ايندو ته اھڙي عظيم استاد ۽ ماھر به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آھي!
سوئي راھَ رَدِّ ڪري، سوئي رَھَنُماءُ،
وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.

