نيب جي ايڪيهه سالا تاريخ جي وڏي پلي بارگين جي درخواست منظور

قومي احتساب بيورو (نيب) جي 21 سالن جي تاريخ جي وڏي پلي بارگين جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. نيب هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي طرفان 2 ارب 25 ڪروڙ رپين جي پلي بارگين جي درخواست منظوري ڪري ڇڏي. نيب لاهور موجب سوا ٻه ارب رپين جي پلي بارگين جي منظوري ريجنل بورڊ اجلاس ۾ ڏني وئي، جڏهن ته احتساب عدالت به جوابدار رياض چوهاڻ جي پلي بارگين جي درخواست جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. نيب موجب پلي بارگين تي عملدرآمد لاءِ جوابدار جون 4 جائيدادون بحق سرڪاري گروي طور رکڻ جي منظوري ڏني وئي، جوابدار کان 75 ڪروڙ 53 لک رپين جي پهرين قسط به وصول ڪئي وئي آهي. نيب لاهور موجب سوسائٽي جي 2150 متاثرين کي رليف ڏنو پيو وڃي.

1 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments