خاص

نيب چوڌري شگر مل ڪيس ۾ مريم نواز کي ڇويهه مارچ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو

قومي احتساب بيورو (نيب) چوڌري شگر مل ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي 26 مارچ جمعي جي ڏينهن نيب لاهور ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مريم نواز ان کان اڳ 11 آگسٽ 2020 تي نيب لاهور ۾ پيش ٿي هئي. رپورٽون آهن ته مريم نواز جي حوالي سان نيب لاهور کي نيون شاهديون مليون آهن. انهن شاهدين جي روشني ۾ مريم نواز کان جاچ ڪرڻي آهي. نيب مذڪوره ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر فيصل بخاري جو موقف آهي ته مريم نواز چوڌري شگر مل مني لانڊرنگ الزامن ۾ ضمانت تي آزاد آهي ۽ رياستي ادارن جي خلاف بيان بازي ڪري رهي آهي. نيب عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته مريم نواز نيب پاران نوٽيس جي باوجود رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو، ان ڪري ان جي ضمانت رد ڪئي وڃي.