خاص

-عوامي تحريڪ ۽ نيشنل پارٽي جي سربراھن جي ڪوئٽه ۾ ملاقات قومي وحدتن جي ڳجھون سازشون بند ٿيڻ گھرجن.سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي، ٻٽن ۽ زمينن تي قبضا نا منظور

نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي وفد نيشنل پارٽي جي مرڪزي آفيس ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نيشنل پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جان محمد بليدي، مرڪزي فنانس سيڪريٽري فدا حسين دشتي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. اڳواڻن مختلف سياسي صورتحال ۽ ٻين ضروري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عوامي تحريڪ طرفان 11 جولاءِ تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي بابت ٿيندڙ ترقي پسند ڌرين جي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال کي انتهائي مايوس ڪن قرار ڏيندي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. انهن چيو ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري مهانگائيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ عوام جيئن پوءِ تيئن محتاج ۽ بيوس ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته هن ملڪ ۾ منصوبابنديءَ واري انداز سان قومي وحدتن خلاف سازشون شروع ڪيون ويون آهن. 18 هين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ قومي وحدتن جي اختيارن ۾ مداخلت جي ذريعي عوام دشمن آرڊيننسن جي ڀرمار ڪئي پئي وڃي ۽ انهن آرڊيننسن جي ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون. آئين ۽ قانون کان بالاتر نيشنل ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آڻي سڌيءَ طور قومي وحدتن جي اختيارن ۾ مداخلت جا ڏوهي ثابت ٿيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن قومي ۽ سياسي مسئلن کي عوام کي متحرڪ نه ڪيو ويو ته انهن ٻنهي قومي وحدتن کي وڏن نقصانن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. هنن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ورهائڻ جي سازش جو گڏيل مقابلو ممڪن آهي. هنن چيو ته سنڌ ۽ خاص طور سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ لينڊ مافيا جي ذريعي صدين کان آباد سنڌي ۽ بلوچ قبيلن ۽ ذاتين جي ايراضين تي قبضو ڪرڻ جو عمل ان سلسلي جون ڪڙيون آهن. انهن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وفاق جي طرفان غير ملڪي ڪمپنين کي ماهيگيري جا لائسنس ڏيڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي پوريءَ طرح بلوچستان جي اڏن ۾ سامونڊي زندگيءَ جي سامونڊي حياتيات جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته پاڪستان کي ملڪ جي آئين ۽ قانون جو احترام ڪندي قومي وحدتن جي اختيار ۾ مداخلت بند ڪرڻ پوندي. هنن چيو ته ملڪ جون ترقي پسند جماعتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته پاڪستان جي بقا قومن جي مڪمل خود مختياري ۽ ملڪ جي حقيقي وفاق سان آهي جنهن ۾ سمورين قومي وحدتن کي مڪمل خود مختياري حاصل هجي ۽ اجائي وفاقي مداخلت بند ڪئي وڃي ۽ قومن جي قومي ٻولين، ثقافت ۽ تاريخ جو احترام ڪيو وڃي. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي مرڪزي عورتن جي تنظيم جي سيڪريٽري ياسمين لهري، نياز بلوچ، مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر ستار بلوچ، علي احمد لانگو، رياض زهري، انيل ڪمار، صديق خطران، مختيار ڇلگري ۽ بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن جو تربت جو صدر به موجود هو.