نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي

اين سي او سي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا هاٽ اسپاٽ 20 شهرن جي هنڌن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. خبر موجب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت سڄي ملڪ جي 20 هنڌن کي مڪمل بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اين سي او سي طرفان ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا، سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي جي مختلف هنڌن کي ڪورونا هاٽ اسپاٽ قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ جي-نائن، ٽو-ٿري سيل ڪيا ويا ۽ ڪراچي جي هڪ ڪمپني ۾ به 300 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ان کي به سيل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ آءِ ايٽ، آءِ ٽين، غوري ٽائون، باره ڪهو، جي-سڪس، جي-سيون، به نوان هاٽ اسپاٽ بڻجي ويا آهن. انهن نون هاٽ اسپاٽن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪنهن به وقت سيل ڪري سگهجن ٿا.