نيويارڪ جي ليکڪ اسڪول ٽيچر سان ملاقات
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
نيويارڪ جي ليکڪ اسڪول ٽيچر سان ملاقات
الطاف شيخ
آمريڪا جي گذريل سفر ۾ جنهن ۾ اسان پنهنجي دل پسند ليکڪه ايريڪا جونگ سان سندس شهر نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي، ان سفر دوران نيويارڪ (بروڪلن)، فلڊلفيا ۽ نيواورلينس جي بندرگاهن مان اتي جي “سي مينس” ڪلبن مان ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا کنيا. جهاز جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو ڪنارو ڇڏيو ته آئون پهرين ڏينهن ئي پنهنجي ڪتابن سان ڀريل کوکي مان ڪجهه ڪتاب ڪڍي پنهنجي دوست ڪئپٽن زيديءَ کي سندس ڪئبن ۾ ڏيئي آيس. هو انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو چيف آفيسر هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر. اسان ٻنهي جي واچ، يعني جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ساڳي هئي… شام جو چئين کان اٺين تائين ته صبح جو به چئين کان اٺين تائين. آئون انجڻ روم ۾ هوندو هئس ۽ هو “برج” تي جتان جهاز جو رخ موڙي سگهجي. رکي رکي اسان فون تي ڪچهري پڻ ڪندا هئاسين. منهنجي ڪتاب ڏيڻ کانپوءِ ٽئين ڏينهن رات واري واچ ۾ فون تي خبر چار ڪندي زيدي چيو “يار جيڪي تو ڪتاب مون کي ڏنا آهن انهن ۾ پهريون ئي ڪتاب اهڙو زبردست آهي جو پڙهڻ وقت کلندو رهان ٿو.”
“ته بس اهو مون کي به ڏجانءِ” مون چيومانس. ڪئپٽن زيدي جي پڙهڻ ۾ رڳو رفتار تکي هئي، پر هو پڙهڻ کي وقت به گهڻو ڏيندو هو. سمنڊ ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن ڪناري تي به گهمڻ لاءِ شهر ڏي وڃڻ بدران ڊيڪ تي آرام سان ڪرسي رکي ڪتاب ويهي پڙهندو هو. آئون به اهو چاهيندو هئس ته گهڻي کان گهڻو ڪتاب پڙهي پوءِ پنهنجي راءِ ڏئي ته ڪهڙو دلچسپ آهي ۽ ڪهڙو بور… جيئن آئون بور ڪتابن تي وقت ضايع ڪرڻ بدران فقط مزيدار پڙهان.
ڊيوٽي ختم ٿيڻ تي سڌو زيديءَ جي ڪمري تي آيس ۽ هن سندس پلنگ جي سيرانديءَ کان رکيل هڪ ڪچي جلد وارو ڪتاب Everything but Money کڻي مون کي ڏنو.
“هي ڪتاب اڳ ۾ جي پڙهيل هجي ها ته نيويارڪ ۾ ايرڪا جونگ سان ملڻ بدران هن ڪتاب جي ليکڪ سئم ليون سن (Sam Leven son) سان ملون ها.” مون پڇيو.
“ڇو ڀلا هي به نيويارڪ ۾ رهي ٿو ڇا؟ ۽ اهڙو مڙيئي ٽاپ جو ليکڪ آهي ڇا؟” مون پڇيو.
“مون کي ته ايرڪا کان به بهتر ٿو لڳي… وڌيڪ تون پاڻ پڙهي ٻڌائجانءِ” زيدي چيو.
ڪتاب ڪو اهڙو ٿلهو نه هو. سندس ٽائيٽل ڪور به رنگين هئڻ بدران بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ هو. سنڌي ۽ اردو جي مزاحيه ليکڪ عبدالحليم بروهي پهرين انگريزي ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ٻه ڪتاب Nothing in Earnest ۽ Nothing in particular جيڪڏهن ڪنهن ڏٺا هوندا ته سئم ليونسن جو هي ڪتاب “ايوري ٿنگ بٽ مني” بلڪل انهن جهڙو هو. مزي جي ڳالهه ته انهن ڪتابن جي ڇپائي جا سال به ساڳيا هئا. حليم بروهي جا ڪتاب حيدرآباد مان ڇپيل هئا ته سئم جا نيويارڪ مان.
سئم ليونسن جو ڪتاب مون کي ڏاڍو مزو ڏنو جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏاڍو خراب هو ۽ مون هي ڪتاب سخت “سي سڪنيس” ۽ “ڊپريشن” جي حالت ۾ پڙهي پورو ڪيو. اهڙي مايوسي حالت ۾ آئون رکي رکي کلندو رهيس ۽ لکڻ واري جي حس لطافت کي داد ڏيندو رهيس. انهيءَ وقت ارادو ڪيم ته ان جا ڪجهه حصا پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪندس… ۽ پوءِ اڳتي هلي ترجمو ڪيم ۽ اهي حصا نه فقط اخبارن ۾ ڇپيا پر منهنجي هڪ ڪتاب، شايد “خدا ڏي خط” يا ڪنهن ٻئي ترجمي جي ڪتاب ۾ پڻ شايع ٿيا هئا. هتي پڻ ان جو ڪجهه حصو ڏيان ٿو.
ڪتاب پورو ڪندا اچي آمريڪا جي ڪناري سان لڳاسين ۽ جبرالٽر (پورچوگال ۽ موراڪو جي وچ وٽان) سامونڊي سوڙهي گهٽي لتاڙي ائٽلانٽڪ کان ميڊيٽيرينين سمنڊ ۾ داخل ٿياسين ان سفر ۾ اسان کي اسپين جي بندر گاهه بار سلونا ۽ لبنان جي بندرگاهه بيروت ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ بعد سئيز ڪئنال مان لنگهي ڪراچي پهچڻو هو.
پنهنجي دوست مظهر زيدي کي چيم ته جيڪڏهن پنهنجي جهاز کي ٻئي سفر ۾ نيويارڪ وٺي هلڻو پيو ته پوءِ هن شخص سئم ليونسن سان ضرور ملاقات ڪبي. ڪراچي ۾ ٻه هفتا کن رهڻ بعد اسان کي چٽگانگ ۾ وڃڻو پيو، جيڪو هاڻي اسان جي ملڪ پاڪستان جو نه پر بنگلاديش جو بندرگاهه ٿي چڪو هو. اسان جو جهاز هن بندرگاهه لاءِ بار سلونا مان يا شايد ڪراچي مان پاڪستان جون ٺهيل ريل گاڏيءَ جون بوگيون آنديون هيون. چٽگانگ بعد وري ڪراچي آياسين جتي اسان جي جهاز جي ٻئي سفر بابت فيصلو ٿيو ته اهو هڪ دفعو وري USA-Canada روٽ تي رهندو.
اسان جو جهاز هميشه وانگر آمريڪا جي ملڪ برازيل ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو مان ٿيندو، پهرين بالٽيمور آيو ۽ پوءِ نيويارڪ. نيويارڪ جي مئن هٽن ۽ بروڪلن ۾ هفتو ڏيڍ بيهڻ دوران اسان سئم ليونسن کي ڳولي ورتو. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان سئم سان ۽ هن کان اڳ وري سفر ۾ ايرڪا سان ملياسين ضرور، پر اسان ان وقت ايڏو ڪو گهڻو خوش يا excitement ۾ نه رهياسين… اهو ته سالن پڄاڻان هاڻ ٿو سوچيان ته خوشي ٿئي ٿي ته ڪيئن اهڙن ماڻهن کي وڃي ڳولي لڌوسين ۽ ساڳئي وقت اها به وڏي ڳالهه ٿو سمجهان جو هنن هيڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن اسان جهڙن عام ماڻهن جي خوشيءَ لاءِ پنهنجو وقت ڪڍي اسان کي عزت بخشي. نه ته ان وقت اسان ڇا هئاسين؟ معمولي ڊرائيور ته هئاسين، پوءِ ڪار يا ٽرڪ جا نه ته کڻي پاڻيءَ جي جهاز جا… ڪهڙو فرق ٿو پوي. ساڳئي وقت آئون دنيا جي مشهور سياستدان مهاتير محمد ۽ لي ڪئان يو کي به قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو جن سان ملائيشيا ۾ ماستري دوران جڏهن به ملڻ وڃبو هو ته لک عزتون ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ اتي مون سان گڏ هلندڙ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به مون کي ياد ڏياريندو هو ته پاڻ ته ٿياسين ماستر ماڻهو، واقعي ڪي ڪي ماڻهو ڪيڏو مشهور ۽ طاقتور هجڻ جي باوجود “همبل” ٿين ٿا.
سئم ليونسن سان اسان جي ملاقات ٿي ته اسان 26 سالن جا هئاسين پاڻ ان سال 60 سالن جو هو. هو 1911ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو هو جتي 1980ع ۾ وفات ڪيائين پاڻ نيويارڪ جي علائقي بروڪلن ۾ رهيو ٿي، جتي اسان جي ملاقات ٿي. اتي جيڪو بروڪلن ڪاليج آهي ان مان هن 1934ع ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هو بنياد طرح ٽيچر هو جنهن هسپانوي ٻولي پڙهائي ٿي. پڙهائي دوران هن لکڻ جو به ڪم شروع ڪيو. هونئن به ماستر ماڻهو لاءِ لکڻ جهڙي وندر ضروري آهي. مون ته لکڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ماستري کي ترجيح ڏني. ڇو جو ماستر ماڻهو واندڪائي ۾ وندر لکڻ يا ٽيوشن جو ڪم نه ڪري ته ٻيو ڀلا ڇا جوا ويهي کيڏي… هوٽلن تي ويهي چانهه پيئي؟ پر اسان جي ملڪ ۾ بلڪه اسان جي صوبي ۾ امتياز ابڙو، حفيظ ڪنڀر، زيب سنڌي، نياز پنهور، منوج هالائي ۽ ٻين ڪيترن ٽاپ جي اديب ۽ شاعر ماسترن کي ايجوڪيشن جي اڳئين وزير صاحب نوٽيس اشو ڪيا ته توهان اخبارن ۾ ڪالم لکڻ بند ڪريو. جيتوڻيڪ هنن اهو ڪم ناڻي ڪمائڻ لاءِ نٿي ڪيو ڇو جو هر هڪ کي خبر آهي ته سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون موڪلڻ واري کي اجورو نه ملندو آهي بلڪه ٽپال جو خرچ به هو پنهنجي کيسي مان ڀريندا آهن.
سئم ليونسن جي ڪتاب “ايوري ٿنگ بٽ مني” 1966ع ۾ لکيو. Sex & Single Child سندس “بيسٽ سيلر” ڪتاب آهي. ان کان علاوه “You can say that again, sam” ۽ “In One Era & Out the other” سندس ڪتاب پڻ مشهور ٿيا، جيڪي هن اسان جي ملاقات بعد 1975ع ڌاري لکيا هئا… جنهن بعد هو سگهو ئي گذاري ويو. پاڻ ٽي وي تي به ڪيترن پروگرامن ۾ اينڪر ٿي رهيو، بروڪلن ڪاليج جتان هو پڙهيو، اتي 150 سيٽن وارو آڊيٽوريم سندس نالي منسوب آهي. جيڪو سندس وفات کان 8 سال پوءِ ڪيو ويو. ان ۾ سندس مٿين ڌڙ Bust جو مجسمو به رکيل آهي.
“ايوري ٿنگ بٽ مني” ڪتاب جنهن جا ڪجهه حصا هيٺ ڏيئي رهيو آهيان دراصل سندس آٽو بايوگرافي آهي. سئم ليونسن “Time Tested Beauty Tips” نالي هڪ نظم پنهنجي پوٽي لاءِ لکيو، جيڪو اڄ تائين مشهور آهي. ڪيترائي ماڻهو ان لاءِ سمجهن ٿا ته اهو ان وقت جي مشهور حالي ووڊ جي فلم ائڪٽريس آڊري هيپبرن جو آهي، پر ايئن نه آهي اهو سئم ليونسن 1976ع ۾ لکيو هو. جيڪو 1992ع ۾ آڊري هيپبرن هڪ فنڪشن ۾ پڙهيو، جنهن ۾ هن کان جڏهن پڇيو ويو ته سندس حسن ۽ سونهن جو ڇا راز آهي ته هن سئم ليونسن جو هي نظم پڙهي ٻڌايو.
بهرحال ان نظم جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
Time Tested Beauty Tips
For attractive lips, speak words of kindness.
For lovely eyes, seek out the good in people.
For a slim figure, share your food with thy hungry.
For beautiful hair, let a child run his or her fingers
Through it once a day
For a poise, walk with the knowledge you, ll never walk alone
People, even more than things, have to be restored,
Renewed, revived, reclaimed, and redeemed,
Never throw out any body.
Remember, If you ever need a helping hand, you’ ll
find one at the end of your arm.