اُم رباب جي ٽن ڀاتين جو قتل ڪيس: روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قمبر ۽ ميهڙ جي جابلو پٽي تي آپريشن، سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو
حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو جي ڊي آءِ جيز جي اڳواڻي ۾ پوليس جو ٻنهي گهرن تي سرچ آپريشن، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار
سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پوليس جي ڪارروائي نظر اچي رهي آهي، قاتلن سان ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، عدليه مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب
اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ڦڙتيون، قمبر ۽ ميهڙ جي جابلو پٽي تي پوليس جو آپريشن جاري، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو جي ڊي آءِ جيز جِي اڳواڻي ۾ پوليس جون ڪارروائيون، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي قمبر واري بنگلي ۽ گڙتل واري علائقي ۾ رهائشگاهه کي ڪڙو، پوليس ڪيتري ئي دير تائين ٻنهي گهرن تي سرچ آپريشن ڪيو، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار ٿيڻ جا اطلاع، اُم رباب ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻن سالن کان پوليس ڪوبه ڪم نه پئي ڪيو ۽ رڳو آسرا ملي رهيا هئا، سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پوليس جي ڪارروائي نظر اچي رهي آهي، اُميد ته جوابدار گرفتار ٿيندا ۽ عدليه مان انصاف ملندو، آءِ جي سنڌ به جوابدارن جي جلد گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي.

