ن ليگ جا بيوروڪريسيءَ تي غير آئيني حملا انور حسين قاضي

اسان جو ملڪ نون نون تجربن جي ليبارٽري بڻيل آهي، آخر ڪيستائين اسان تجربا ڪندا رهنداسين بجاءِ اسان پنهنجي گذريل ڪيل تجربن جي بنياد تي صحيح فيصلا ڪريون، اسان وري به نوان تجربا ڪري نيون غلطيون ڪري رهيا آهيون. اسان کي حڪومت جو ڪاروهنوار آئين مطابق هلائڻو آهي. ڇو ته اسان وٽ آئين موجود آهي ۽ آئين ۾ هرهڪ ماڻهو ۽ هرهڪ اداري جو ڪم ۽ ان جي ذميواري تحرير ٿيل آهي پوءِ اسان ان آئين کي استعمال ڇو نٿا ڪريون؟ اسان ڇو نٿا سمجهون ته اگر اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام کي خوشحال ڪرڻو آهي ته پوءِ آئين کي سڀ کان مٿانهون سمجهڻو پوندو ۽ صرف ۽ صرف آئين تي هلندي ۽ ان موجب ڏنل اختيارين ۽ ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو. اصل ۾ ان ۾ اسان جي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو فارمولو موجود آهي، پر اها اسان جي خوش فهمي آهي ايئن ٿئي ڪونه ٿو آئين جي لتاڙ اهي ئي ڪن ٿا جيڪي پنهنجي تقريرن ۾ پاڻ کي آئين جي پاسداري جو وڏو محافظ چوندا آهن، پر جڏهن وقت اچي ٿو انهن کي سوديبازي ڪري حڪومت ۾ اچڻو هوندو آهي ته هو پنهنجي چيل ڳالهين کان بلڪل منڪر ٿي ويندا آهن. صرف پنهنجو فائدو ڏسن ٿا ۽ قوم جي مفادن جو سودو ڪري ويهن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ سڀ سياسي اڳواڻ اهڙا آهن، اگر حڪومت ۾ هجن ته انهن جو نظريو هڪڙو آهي ۽ وري جي آپوزيشن ۾ هجن ته سندن بيان ٻيو آهي. جڏهن هو آپوزيشن ۾ هوندا آهن ته محسوس ٿيندو آهي ته هنن ويچارن کي عوام جو ۽ ملڪ جو ايترو ته درد آهي جو هو ٻه وقت ماني به نٿا کائين ۽ وري جڏهن ساڳيا اڳواڻ سوداگري ڪري حڪومت ۾ اچن ٿا ته پوءِ انهن جا افعال ڏسو عوام ويچارو انهن جي مٺين مٺين ڳالهين جي ڄار ۾ پکيءَ وانگر ڦاسي ٿو. عوام وٽ هنن ٻيو ڪو رستو ڇڏيو به نه آهي. هن وقت جي سرڪار جيڪا اتحادين تي مشتمل آهي ان جي اڳواڻي ن ليگ ڪري رهي آهي، ان ڪري ئي ان حڪومت جي ڪيل چڱن ۽ ڪڌن ڪمن جي تعريف ۽ تنقيد ن ليگ جي حصي ۾ ويندي ۽ ٻين پارٽين جو بچاءُ ٿي ويندو. شايد اها ڳالهه ن ليگ نٿي سمجهي يا سودي ۽ واپار جي دستاويز ۾ اهو ئي لکيل آهي. ڇو ته هن سرڪار هن وقت تائين سڀ جا سڀ  فيصلا عوام دشمن ڪيا آهن ۽ اڳتي به شايد ايئن ئي ڪندا رهندا. چوڻي آهي ته “جنهن سج اڀرندي تاءُ نه ڪيو سو لهندي ڪهڙو ڪندو”. هاڻي جڏهن اڳواڻي ن ليگ وٽ آهي ته پوءِ تعريف ۽ تنقيد به انهن تي ئي ٿيندي، ٻين پارٽين جا اڳواڻ ته چون ٿا ته جيئن وزيراعظم صاحب ڪري اسان ساڻس گڏ آهيون، وزيراعظم صاحب لاءِ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو اسٽيج جو ناڪام اداڪار آهي جنهن کان پنهنجا ڊائلاگ به وسريو وڃن ٿا. بس هن کي شوق هو ته وزيراعظم ٿيان ۽ ڪيئن به ٿيان. هاڻي هو پاڻ کي ناڪام وزيراعظم طور سڃاڻپ لاءِ وٺي وڃي رهيو آهي.

اسان سڀني کي خبر هئي ته ملڪ جون حالتون سازگار نه آهن ملڪي معيشت تباهيءَ جي ڪناري تي آهي ڇا اها خبر ن ليگ کي ۽ ان جي اتحادي پارٽين کي نه هئي؟ بلڪل هئي هو صرف اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين پيا ته جيئن ملڪ جا وسيلا استعمال ڪن نه ڪي ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪن، بلڪل ايئن ئي ٿي رهيو آهي. مهانگائي جنهن پاڪستان جي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي، ان مهانگائي ۾ حڪومت ايترو ته اضافو ڪيو آهي جو هاڻي عام ماڻهو زنده لاش بڻجندو پيو وڃي. پيٽرول جا اگهه، بجليءَ جا اگهه، گئس جا اگهه هڪ سفيد پوش ماڻهو جي برداشت کان به مٿي هليا ويا آهن غريب ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان جا نتيجا ويجهي مستقبل ۾ انتهائي هاڃيڪار نڪرندا. ڏوهاري ماڻهو ته شروع کان ڦرلٽ ڪن پيا، پر هاڻي شريف ماڻهو به بک ۽ بدحاليءَ کان مجبور ٿي ڏوهاري بڻبا. ٻيو ته ڇڏيو گهرن مان اچي کاڌي پيتي جو سامان ڦريندا، پر هنن سوداگرن کي صرف اداڪاري ڪرڻي آهي، هي ماضيءَ مان نه سکيا آهن هنن کي جيڪو به حڪم ملي ٿو ان جي بجاآوري ڪن ٿا. نه ته هنن کي خبر آهي ته هنن جي حڪومت ختم. هنن وٽ آئين نالي ڪوبه دستاويز ناهي جنهن جي تقدس کي برقرار رکندي فيصلا ڪن.

حڪومتن کي هلائڻ لاءِ ملڪ جي بيوروڪريسي جو انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي ۽ آئين ۾ ان جي ڪردار جو تفصيل لکيل آهي. گذريل حڪومت نيب جي نالي سان ملڪ جي بيوروڪريسي کي بيلڪ ميل ڪري رهي هئي، جنهن جي ڪري بيوروڪريسي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري رهي هئي ۽ ٻيو ڪم صرف پنهنجي فائدي وارا ڪرايا جنهن تي ن ليگ وڌ کان وڌ تنقيد ڪندي هئي ۽ شهباز شريف جي لاءِ ته اهو مشهو آهي ته هو بيوروڪريسي کان چڱيءَ طرح سان ڪم وڍي سگهي ٿو ۽ سندس بيوروڪريسي سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن، پر ن ليگ لاءِ شرم جو مقام آهي جو هاڻي انهيءَ بيوروڪريسي کي قابو ڪرڻ لاءِ سندس حڪومت ان کي قانوني طور خفيه ايجنسين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايئن محسوس پيو ٿئي جيئن پاڪستان نارٿ ڪوريا ٿي ويو هجي. افسوس اهو سڀ ڪم ڪير پيو ڪري؟ ن ليگ ۽ ان جي اتحادي حڪومت، جن صرف ٻه مهينا پهرين پي ٽي آءِ جي اهڙن فيصلن جي مخالفت ڪئي هئي. هي نوٽيفڪيشن ته هر بيوروڪريٽ جي پوسٽنگ، ان جي ترقي هاڻي ايجنسين جي مرهونِ منت هوندي ڄڻ ته اوهان سڄي بيوروڪريسي کي هٿ ٻڌي، ٻانهون  ٻڌي ۽ ٽنگون ٻڌي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ انهن ايجنسين جو پهرين به اهو ڪردار رهيو آهي جو اهي هر محڪمي جي ماڻهوءَ جي اسڪروٽني ڪندا رهندا هئا، پر اهو سڀ ڪم غير آئيني طريقي سان ٿيندو هو، پر هاڻي انهيءَ نوٽيفڪيشن ذريعي انهن کي ايترو طاقتور ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته جيئن “سرڪار وڏي” چوي تيئن ڪريو نه ته گهر وڃو. اسان جڏهن آئين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ به حڪومت وٽ آفيسرن جي ڪمن ڪارين جي رپورٽ ڏيڻ لاءِ هڪ سول خفيه ايجنسي پڻ آهي، جيڪا سرڪار کي آفيسرن جي ڪمن ڪارين ۽ سندن ڪردار جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي رهندي آهي، پوءِ اوهان آئين کان مٿانهون قدم کڻي بيوروڪريسيءَ کي ڪيئن ٿا ڪنهن ٻي خفيه ايجنسي حوالي ڪريو، ان جو مطلب واضح آهي ته توهان انهن شرطن تي حڪومت حاصل ڪئي آهي. خبر ناهي ڇو اهي ايجنسيون دهشتگردن کي قابو نٿيون ڪري سگهن؟ منشيات وڪرو ڪندڙن کي قابو نٿيون ڪري سگهن؟ خودڪش حملا آورن کي حملا ڪرڻ کان روڪي نٿيون سگهن؟ ۽ ڌاڙيلن کي قابو نٿيون ڪري سگهن؟ پر هاڻي انهن جو ڪم آفيسرن کي قابو ڪرڻ آهي، افسوس! شايد ان ڪري جو جيڪڏهن دهشتگرد، ڌاڙيل، منشيات وڪرو ڪندڙ قابو ٿيندا ته ملڪ ۾ امن امان ٿيندو ۽ عوام خوشحال ٿيندو جيڪو پاڪستان ۾ ايندڙ ڪنهن به حڪومت جو اصل مقصد نه آهي. سندن ڪم هاڻ اهو بچيو آهي ته آفيسرن کي قابو ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ڪرائين جيڪو انهن جو چوڻ نه ڪري انهن کي گهر موڪلين. ن ليگ پاڻ کي تاريخ ۾ هڪ دفعو وري مجرم ثابت ڪري چڪي آهي، جنهن جي لاءِ کيس هزار دفعا سوچڻو پوندو ۽ اهڙو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻو پوندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments