هاڻ واٽس ايپ تان ملندڙ تصويرون ۽ وڊيو محفوظ نه ڪري سگهبيون
مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ بيٽا ورزن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي واٽس ايپ انتظاميه طرفان واٽس ايپ جي نئين ورزن 2.21.9.3 جي اپ ڊيٽ گول پلي بيٽا پروگرام جي ذريعي جمع ڪرائي وئي آهي، پر واٽس ايپ صارفين کي هن اپ ڊيٽ بابت نئين ڄاڻ ٻڌي خوشي ٿيندي ڇو ته ان اپ ڊيٽ جي ذريعي جلد ئي نئون واٽس ايپ فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن فيچر جي تحت واٽس ايپ صارفين وٽ اهو آپشن موجود هوندو ته هو هن فيچر کي ان ايبل ڪري ڪنهن به تصوير، وڊيو يا جف موڪليندو ته اهو موڪليندڙ شخص کي ڏسڻ کانپوءِ چيٽ ونڊو کان فورن پاڻ ئي غائب ٿي ويندو. واٽس ايپ جي هر سرگرمي تي نظر رکندڙ سائٽ ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ هن فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جلد هن فيچر کي متعارف ڪرايو ويندو. واٽس ايپ موجب هن فيچر جي ذريعي صارفين کي پنهنجون تصويرن ۽ وڊيو کي وڌيڪ پرائيويٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڇو ته ان جي تحت پيغام وصول ڪندڙ اوهان جي تصوير يا وڊيو کي غائب ٿيڻ کان اڳ ئي کولي سگهي ٿو. واٽس ايپ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پيغام وصول ڪندڙ پيغام موڪليندڙ واري جي تصوير کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ اسڪرين شاٽ به وٺي سگهي ٿو، پر ان جي باوجود انتظاميه ان قسم جي ميڊيا لاءِ اسڪرين شاٽ يا وڊيو ڪيپشن کي روڪيندڙ ڪو فيچر متعارف نٿي ڪرائڻ چاهي.