هو ماٽيلو آھي
هو ماٽيلو آھي
تحرير: سهيل وڙائچ
سنڌيڪار: علي عاجز شر
هي جيڪو سڳو ڀاءُ هو ان جو درد سڌو سنئون سيني ۾ محسوس ٿيندو هو ان جو بلڊ پريشر وڌندو هو ته جذبات ڀڙڪندا هئا، پليٽي ليٽس ڪِرندا هئا ته دل جون ڌڙڪنون ڪمزور ٿي وينديون هيون ان سڳي ڀاءُ جي طبيعت خراب ٿيندي هئي ته شھر جو مزاج بدلجي ۽ خراب ٿي ويندو هو، انهن جذبن، احساسن، ڀائپي ۽ قرابت داري اھڙو ڪم ڏيکاريو جو ان جا ڏک درد گهٽ ٿيا جيل جا ڪڙا ٽٽي ويا عدالتون لڳي ويون ڪابينائن جا اجلاس ٿيا هيڏانھن هوڏانھن ڌوڙ مٽي اڏاري وئي آخرڪار نتيجو اهو نڪتو ته اسان جو سڳو ڀاءُ وڃي لنڊن پهتو ۽ هاڻي اتي سندس علاج ٿي رهيو آھي ۽ اسان جي جگر کي سڪون مليو آھي .
هُو جيڪو ماٽيلو آھي اهو جيل ۾ مري ٿو ته ڀلي مري، ان کي بيماريون آھن ڀلي هجن، پاڻ منھن ڏئي بيمارين کي، ان جو بلڊ پريشر وڌي ٿو ته ڀلي وڌي، شگر ليول وڌي يا گهٽجي ڀلي وڌندي گهٽبي رهي اسان جو ڇا؟ هو ڪھڙو اسان جو سڳو ڀاءُ آھي يا اسان جو جو ڪو قرابت دار آھي!!
نه هو منھنجي برادري جو نه منھنجي صوبي جو نه اسان جي پڳ جھڙي پڳ پائيندو آ نه هو منھنجي رسم و رواج جو قائل آھي هو ماٽيلو آھي سڳو ته ناهي سدائين ماٽيلو ئي رهندو ڪڏهن به سڳو ٿي نٿو سگهي منھنجي سڳي ڀاءُ جي جڳھه ته وٺي ئي نٿو سگهي. منھنجو پنھنجو سڳو ڀاءُ اگر جيل ۾ مري وڃي ها ته تحريڪ انصاف ۽ ان جي پويان لڪل طاقتورن کي ڪيترائي سال سياسي ڀُنگُ ڀرڻو پوي ها، ماٽيلي جو هتي ڪير همدرد آھي!!؟ جيڪو هن جي لاءِ سوچي يا هن ماٽيلي جي مدد ڪري ڪير هن لاءِ آواز اٿاري ته آخر ڇو اٿاري هي آھي ئي ماٽيلو..!
سڳي ڀاءُ جا عدالتي ٽرائل هن جي پنھنجي صوبي ۾ ٿيا هن کي پنھنجي ئي شھر لاهور جي جيل ۾ رکيو ويو مگر ماٽيلي جا ٽرائل راولپنڊي ۾ ٿي رهيا آھن ان جي جيل به گهر کان سوين ميل پري راولپنڊي ۾ آھن ماٽيلي سا اهوئي سلوڪ ٿيڻ گهرجي ماٽيلي جي صوبي وارا راولپنڊي کي ٽن سنڌي وزير اعظمن جو قتل گاهه سمجهن ٿا لياقت علي خان ۽ بينظير ڀٽو کي ان شھر راولپنڊي ۾ ڀريل جلسن ۾ قتل ڪيو ويو .
ذوالفقار علي ڀٽي کي به هن شھر ۾ ڦاسي تي ٽنگيو ويو ان صورتحال ۾ سنڌ وارا راولپنڊي کي ڪوفو نه چون ته ڇا لاڙڪاڻو چون..!؟
ڇو ته هو ماٽيلو آھي ان ڪري هر صورت ۾ سندس ٽرائل راولپنڊي ۾ ئي ٿيندو! هو سڳو هجي ها ته دل ۾ ٿوري نرمي اچي ها ڀلا غيرن جي لاءِ ڪير ٿو سوچي غيرن کي ڪير رعايت ڇو ڏيندو جنھن جي لاءِ دل نرم ڪرڻو هو ڪيوسين ماٽيلي جي لاءِ دل ۾ اهڙي گنجائش ئي ڪونه آھي.
ڪرپٽ چور ڌاڙيل ته اسان جي قبيلي ۾ به جام آھن ڪيس ته اسان جي ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن تي به آھن جن جون تاريخون اسان جا پنھنجا به ڪَٽِيندا رهيا آھن ڇا اسان جي چورن ڌاڙيلن کي به سزائون ملن ٿيون يا ڇا بغير سزا جي انھن کي به جيل ۾ رکيو وڃي ٿو..!!؟
پر اصل ۾ هُو ماٽيلو اهڙو ڌاڙيل آھي جنھن کي بغير ڪنھن عدالتي سزا جي يارنھن سال پھريان جيل ۾ رکيو ويو ۽ هاڻي 150 ڏينھن کان مٿي جيل ۾ رکيو ويو، پر ڪو به ڪيس شروع نه ٿيو.
نه عدالت ۾ فرد جرم عائد ٿئي ٿو، پر هو قيد ۾ آھي اسان هن کي ايئن ئي قيد ۾ رکيو آھي ڇو ته هو ماٽيلو جو آھي ..!!
هي..!! ته چون پيا هاڻي اسان هن کي اھڙن ثبوتن سان پڪڙيو آھي جو هاڻي سندس بچڻ مشڪل آھي.
هي ته دعويٰ ڪندا هئا ته هن جا سوين جعلي اڪائونٽ آھن اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي اٿائين الزام ته اهو به هئس ته ريڙھي وارن فالودي وارن جي نالن تي جعلي اڪائونٽ کولرائي ڪروڙين اربين ڊالرن جي هيرا ڦيري ڪئي هئائين ٻيو ته ٺھيو پر شيخ رشيد ته ايتري قدر به چيو ته اومني گروپ وارا اعترافِ جرم قبول ڪري جرمانو ادا ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويا آھن، هاڻي ته ماٽيلو ڀاءُ گرفتار آھي نيب آزاد آھي، حڪومت خود مختار آھي، طاقتور ڌريون زور آور آھن پوءِ آخر ثبوت ڇو نٿا آندا وڃن..!!؟
۽ اُهي فالودي وارا وعده معاف گواهه ڇونه ٿا ٿين..!!؟
اصل سڌو چئو ته ماٽيلي ڀاءُ لاءِ انصاف آھي ئي ڪين، واضح ڪري ئي ڇڏيو ته ماٽيلي ۽ لاڏُلَي ۾ فرق آهي، ھو برابر ٿي ئي نٿا سگهن ۽ دل جي ڳالھه سامھون آڻيو ته سنڌي لاءِ انصاف جا پئمانه الڳ آھن ۽ پنجابي لاءِ الڳ بلوچ ۽ پٺاڻ به اهو درجو نٿا رکن جيڪو اسان جا سڳا ۽ لاڏلا رکن ٿا.
ماڊل حسينه ايان علي ايئرپورٽ اسلام آباد تان گرفتار ٿي تارون وڄي ويون نغارا وڄايا ويا ۽ هڪ خاص پيادو قافلو لاهور آيو ۽ ان منصف کي چيو ته ملڪ جا سڀ لٽيل اثاثا هاڻي ايان علي جي ذريعي ٻاهر ڪڍنداسين ان کي نه ڇڏجو ان جي ضمانت نه ڪجو ۽ ان پيادي قافلي هر جڳھه تي پيغام ڏنو ته ماٽيلو ڀاءُ ڦاسي چڪو آھي.
وقت گذرندو ويو ۽ پوءِ ايان علي نالي پکيءَ عدالتي شيخن جا قلف ٽوڙي ڏينھن ڏٺي جو اڏامي ويو ۽ چيو ويو ٿي ته ايان علي ۽ بلاول جا ٽڪيٽ ھڪ ئي اڪائونٽ مان ٺھندا هئا ڪيترائي سال گذري ويا، پر اڃا تائين ڪو به دستاويز سامھون نه آيو ڪو به مقدمو نه ٺھيو ها مگر ماٽيلي ڀاءُ کي بدنام ڪرڻ لاءِ هي الزامَ بار بار دهرايا وڃن ٿا ۽ دهرائبا رهبا. طالبانن جي ملزماڻي اقرار جي باوجود گرفتاري ۽ سزائن جي هوندي به اڪثر اڃا تائين کيس گهرواريءَ جو قاتل چيو وڃي ٿو اهڙيون اهڙيون سازشي ڪھاڻيون گهڙيون وڃن ٿيون جن جي ڪري هي ماٽيلو ڀاءُ سچ پچ قاتل لڳي ٿو، مگر هيءُ ڪھڙو قاتل آھي جنھن کي هن جي پارٽي تسليم ڪيو ۽ پنج سال صدر بڻائي رکيو…!!!؟
اسٽيبلشمينٽ اختلافن باوجود به هن ماٽيلي ڀاءُ جون تعريفون به ڪندي رهي، هن چين سان دوستي جا رستا کوليا بينظير جو لاش سنڌ ويو ته پوري سنڌ ۾ هر جڳھه تي هنگاما ٿي رهيا هئا اهڙين حالتن ۾ هن ماٽيلي ڀاءُ “پاڪستان کپي” جو نعرو هنيو خيبر پخونخواهه کي ان جو قومي نالو هن ماٽيلي ڀاءُ ڏنو ارڙھين ترميم منظور ڪري هن خود پنھنجا اختيار پارليامان جي حوالي ڪيا اهو ڪو ٻيو نه پر هي ماٽيلو ڀاءُ هو جنھن گهڻي دير کانپوءِ صوبائي خود مختاري جي خواب کي رضا رباني جي سربراهي ۾ منظور ڪري ارڙھين ترميم جي صورت ۾ ان خواب کي تعبير ڏني.
هي اهوئي ته آھي جنھن سڀني سياسي جماعتن گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هي اهوئي آهي جنھن جي اقتدار جي زماني ۾ پوري ملڪ ۾ ھڪ به سياسي قيدي نه هو هي اهوئي آهي جنهن نواز شريف، افتخار چوڌري ۽ جنرل ڪياني سڀني جا ناز کنيا، اقتدار جي ڏکي راند ۾ هن ماٽيلي ڀاءُ خوب نڀايو، پر سندس ئي احتساب جي عدالتن ۾ حاضريون ڪيون ويون، سڳي هجڻ ۽ ماٽيلي هجڻ جي به حد هوندي آهي…!
هي ماٽيلو ئي سهي هن جا ڏوهه لامحدود ئي سهي پر جڏهن توهان جي ضرورت هئي ته کيس پاڪ صاف بڻائي ڇڏيوَ ۽ جڏهن ضرورت ختم ٿي وڃي ٿي ته سڀئي گناهه ۽ ڏوهه هن تي وجهي سندس چهرو چچري ڇڏيو ٿا. اهو ياد رکي ڇڏجوَ ته جيڪڏهن هاڻي هي ماٽيلو ڀاءُ پنجاب ۾ مري ويو ۽ ان صورت ۾ سنڌ جي ته ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي قبرستان ۾ دفن ٿيندو، پر پوءِ اتان هن ماٽيلي ڀاءُ جو سياسي روح انهن سڀني کي روئاڙيندو جيڪي سالن کان کيس ماٽيلو بڻايو ويٺا آهن.