هي سسٽم هڪ راڪاس! انور حسين قاضي | # مارچ 2022
جڏهن اسين دنيا جهان جي حالتن تي تبصرا ۽ تجزيه ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت تي تنقيد جا تير وسايون ٿا ته اسان پنهنجي صوبي جي حالتن جو جائزو ڇو نٿا وٺون؟
جنهن صوبي ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ بک، بدحالي، بدامني ۽ بي انصافي جو عروج آهي پوءِ اسان انهن حالتن تي لکڻ کان ڇو ٿا ڊڄون؟ جڏهن ته گذريل 14 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت آهي، اسان سنڌ واسي چاهي شهري سنڌ جا هجون يا ٻهراڙين جا، سنڌ جو حال مڙيوئي هڪ آهي. 14 سال مسلسل هڪ پارٽي جي حڪومت اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيو ويٺا آهن، پر سنڌ صوبي جي حالت اسان سڀني جي اڳيان پڌري پٽ پئي آهي. تعليم تباهه، صحت جي حالت روز بروز خراب، پيئڻ جو پاڻي پوري سنڌ ۾ خراب ٿي چڪو آهي، روزگار آهي ڪونه، ترقي ڪنهن به ننڍي يا وڏي شهر ۾ نظر نٿي اچي، امن ۽ امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، انصاف جي ڳالهه ڪرڻ بيوقوفي آهي، پوءِ به ساڳي پارٽي ڪيئن ٿي اليڪشن کٽي. جڏهن ته انهن جو 14 سالن جو ماضي اسان جي سامهون آهي، بقول حبيب جالب:
حالات وهي هين فقيرون ڪي
دن ڦري هين اميرون اور وزيرون ڪي
ديس ڪي ساري بلاول هين بوکي
پائون ننگي هين بينظيرون ڪي
عوام بک مري ٿو، پر جيڪي پارٽي سان وابسته چمچا، واٺا، وزير، مشير انهن جي چاندي آهي. 14 سال پهرين انهن جي حالت ڏسو ۽ هاڻي انهن جو زندگي گذارڻ جو انداز ڏسو. هاڻي ڪروڙن جي ڪهاڻي ختم ٿي وئي آهي، اربن جون آکاڻيون شروع آهن. انهن سان گڏ افسر شاهي الامان الحفيظ جنهن آفيسر جي پگهار هڪ لک آهي ان وٽ ٻه ٽي بنگلا، چار پنج گاڏيون، انهن جي گاڏين جي پيٽرول جو خرچ سندس پگهار کان وڌيڪ آهي مجال آهي جو ان کان ڪير پڇا ڪري. ڇو ته هو سڀني کي پنهنجو حصو ايمانداريءَ سان پهچائين ٿا، ان ڪري ڪير به کين ڪجهه چوڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. اسان جي صوبي سنڌ ۾ رشوت ٽوڙ کاتو آهي، پر اهو کاتو رشوت کائڻ ۾ سڀني کاتن جي ماءُ بڻجي ويٺو آهي. عام ماڻهو جو ڪوبه جائز ڪم سواءِ رشوت ڏيڻ جي ٿيڻ ناممڪن آهي. اگر ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ڪنهن آفيسر کان ۽ هو حد جي ايم. پي. اي وٽ دانهن کڻي وڃي ٿو ته ايم. پي. اي صاحب فرمائي ٿو ادا انهيءَ کي مان ته ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، فلاڻي صاحب سان يا فلاڻي ادي سان هن جا سڌا واسطا آهن. انهن کي منٿلي پهچائي ٿو، ان ڪري بهتر اهو آهي ته جيئن ٻيا ڪن پيا تون به ايئن ئي ڪر پوءِ عام ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، مجبور ٿي پنهنجي جائز ڪم لاءِ رشوت ڏيئي پنهنجو ڪم ڪرائي ٿو. هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي دور ۾ سفيد پوش جي حالت فقيرن جهڙي آهي بس هو پني نٿو سگهي. يقين ڪريو ته کائڻ پيئڻ ۾ پورو آهي. اگر ڪو شادي ڪارڊ مليس ٿو ته مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي ٿو رهي، هاڻي هڪ هزار ڪٿان اچي جو پوئو ڏي.
ٻئي طرف، وزير، مشير، واٺا، آفيسر ۽ چمچا ڄڻ ته انهن لاءِ مهانگائي آهي ئي ڪونه! روز نيون گاڏيون اگر انهن کي اولاد چوي ٿو ته نئين گاڏي وٺي ڏيو ۽ ان جي قيمت 50 لک رپيا آهي بس صبح جو کپي پوءِ ان کي وٺي ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته آخر ڪمايون ڪنهن جي لاءِ ٿا؟ اهو ڪمائڻ نه آهي ڦرڻ آهي. ڌاڙيل ۽ ڦورو وارو ڪم آهي. اوهان جي ڪمائي هڪ يا ٻه لک ماهوار خرچ 20 لک کان 25 لک ماهوار ڪٿان ٿو اچي. پڪ سان اوهان عوام کان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڦر ڪريو ٿا، پر ڇا ڪجي؟
ڇو ته پورو سسٽم ان کي سپورٽ ڪري ٿو. عام ماڻهو روز روز مري پيو، پر انهن کي سسٽم ڪوبه فائدو نه پيو ڏئي الٽو انهن کان هڪ وقت جي ماني به ڦري پيو. بازارن ۾ اسان ڏسون پيا ته فقير وڌن پيا پوءِ اسان ڇا ڪريون؟ اهو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي پنهنجو نصيب سمجهي سڄي درد ۽ ڀوڳنا کي برداشت ڪريون يا انهيءَ ڪرپٽ نظام کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان اهو سمجهون ٿا ته اسين ڪوشش نٿا ڪريون صرف ڳالهيون ڪريون ٿا ۽ جڏهن به موقعو ملي ٿو ته انهيءَ نظام جو حصو بڻجي پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پوءِ ان لاءِ اسان کي ڪجهه به ڪرڻو پوي يا ڪيترو به ذليل ٿيڻو پوي يا چمچاگيري ڪرڻي پوي انهيءَ ڪري ئي هي نظام جيئن جو تيئن برقرار آهي نه ته ڪروڙين ماڻهن تي چند سئو ماڻهو حڪومت ڪن ۽ انهن ڪروڙين ماڻهن جا حق غضب ڪن انهن ڪروڙين ماڻهن سان طرحين طرحين جون تعديون ڪن اهو ممڪن نه آهي. انهيءَ سڄي گهن چڪر جا اگر وڌ ۾ وڌ دروهي آهيون ته اسين ڪروڙين ماڻهو آهيون جيڪي پاڻ ۾ وڙهي پنهنجن ننڍڙن مفادن لاءِ پنهنجن سان ناجائزيون ڪريون ٿا ۽ انهيءَ نظام جو اصل فائدو وٺندڙن لاءِ انهن جا سهولت ڪار بڻجون ٿا ۽ پوءِ مختلف دليل ڏيئي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪريون ٿا حقيقت ۾ اهي ڪوڙا دليل آهن. سوال وري به ساڳيو ئي آهي ته اسين ڇا ڪري سگهون ٿا؟ اگر چاهيون ته سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا. هي جيڪو راڪاس جهڙو سسٽم آهي جو روز روز اسان کي کائي رهيو آهي ان جو ساهه ووٽ جي پرچيءَ ۾ آهي اها پرچي اسان وٽ آهي. اسان ان پرچيءَ کي ٺيڪ نموني سان سوچي سمجهي ڪنهن بهتر اميدوار کي چونڊڻ جي لاءِ استعمال ڪريون ته جيئن هي رائج نظام ۽ ان مان فائدو وٺندڙ هڪ لمحي ۾ ڊهي ڍير ٿي وڃن، پر اهو اسان ڪڏهن ڪنداسين اهو پڻ هڪ سوال آهي؟ پر ان سان گڏ هڪ سوال ٻيو به اٿي ٿو ته ڇا جنهن دٻي ۾ اسان پنهنجي اميدوار لاءِ پرچي وجهون ٿا اها پرچي ان دٻي مان نڪري به ٿي يا دٻو ئي بدلجي ٿو وڃي؟
***