”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ ناوليٽ- قسط-4 يان پال سارتر ترجمو: منور سراج May 2021

مسٽر فليوريئر جو ننڍڙو ريوالور سندس ڪپڙن جي الماريءَ ۾ کاٻي پاسي پيل هو اهو ريوالور مڙس کيس محاذ تي وڃڻ کان اڳ 1914ع ۾ سوکڙيءَ طور ڏنو هو. ليوسين ريوالور کنيو ۽ ڪافي دير تائين ان کي پنهنجي آڱر ۾ گول گول ڦيرائيندو رهيو. ڄڻ اهو ڪو ننڍڙو زيور هجي، جنهن تي هڪ چمڪندڙ بيرل موتي مڙهيل آهي.

هو ماڻهن کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به فلاسافيڪل مضمون ۽ معاهدي تي ڀروسو نه پئي ڪري سگهيو ته ڪنهن جو ڪو وجود ڪونهي، عمل جي ضرورت آهي. هڪ حقيقت مايوسيءَ سان ٽٻٽار عمل جيڪو “موجودگي” کي گم ڪري دنيا جي “عدم موجودگي” کي مڪمل طرح روشني ۾ پڌرو ڪري سگهي. هڪڙو فائر ۽ قالين تي رت ۾ ڳاڙهو هڪ جواڻ جماڻ جسم. ڪاغذ جي ٽڪري تي چنبڙيل ڪجهه لفظ “مان پاڻ کي ماريان ٿو ڇو ته مان آهيان ئي ڪونه” ۽ ها، اوهين به منهنجا ڀائرو، اوهين “ڪجهه به نه” آهيو” صبح جو ماڻهو اخبار پڙهندا ۽ ڏسندا ته “هڪ بالغ شخص بهادري ڏيکاري آهي” ۽ هرڪو گهري ڊپ سان ڀريل، منجهيل حيرت ۾ مبتلا ٿي ويندو ۽ منهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڇا منهنجو وجود آهي؟ ڇا مان آهيان؟ werther جي اشاعت کانپوءِ تاريخ ۾، ٻين ماڻهن ۾ به خودڪشين جي اهڙي ئي وبا اڀري هوندي!

ليوسين سوچيو “شهيد” لاءِ يوناني ٻوليءَ ۾ “گواهه” لفظ ڪيئن آهي! هو باس بڻجڻ لاءِ ته ڏاڍو حساس هو، پر “شهيد” ٿيڻ لاءِ قطعي نه. نتيجي طور هو اڪثر ڪري پنهنجي ماءُ جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ريوالور ڏي ڏسڻ ٿو لڳي، هو شديد پيڙا ۽ ڳڻتي ۾ ڀريل هو. هڪ لڱا ته هن ريوالور جي چمڪندڙ بيرل کي ڇڪي گهوڙي تي پنهنجي آڱر جو زور به وڌايو ۽ ان دوران اهو به سوچيو ته دنيا جي سڀني سچن اڳواڻن ضرور خودڪشي لاءِ ڇڪ محسوس ڪئي هوندي. مثال طور: نيپولين ليوسين پاڻ کان اها حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته هن مهل هو مايوسيءَ  جون انتهائون ڇهي رهيو آهي، پر هن ان مشڪل صورتحال کي هڪ اڊڙيل روح سان اتي ئي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو ۽ دلچسپيءَ سان Memorial de Saint Helene مطالعو ڪرڻ لڳو، اڃان کيس هڪ فيصلو ڪرڻو هو. ليوسين سيپٽمبر جي ٽيهين تاريخ تي پنهنجي هٻڪ ۽ حجابن جي پڄاڻيءَ طور مقرر ڪيو. آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، پڪ ئي پڪ ڏکيائين جا ڏينهن ته اڻٽر هوندا آهن، پر جرمن ليکڪ گوئٽي جي ناولThe Sorrows of Young Werther تان کنيل فرينچ اوپيرا. ان لاءِ ليوسين کي هڪ اهڙي پڪي پختي پريشاني گهربل هئي جنهن بابت هن سوچيو ته هو انهيءَ کي هڪ ڏينهن ڪنهن گلاس وانگر ڀڃي پورو ڪندو. پوءِ هن وري ڪو وقت ريوالور کي ڇهڻ جي به جرئت نه ڪئي. هن پاڻ کي رڳو الماري کولي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ماڻس وارو ريوالور ڇهي ڏسڻ ۽ نفاست سان وري واپس ساڳي جاءِ تي رکي ڇڏڻ تائين محدود رکڻ تائين مطمئن رکيو. اڃان تائين هن جڏهن اتان روانو ٿيڻ ۽ پاڻ کي مڪمل طور آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پاڻ ۾ ڪا تيز ڌار جهڙي نا اميدي محسوس ڪيائين. خوش قسمتيءَ سان واپس اسڪول ڏي وڃڻ جي ارادن کيس ويڙهي ورتو. والدين کيس وڌيڪ پڙهڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ سينٽ ليوئس موڪليو. هن ڳاڙهين ڪنارين واري ٽوپي پاتي ۽ جهونگارڻ لڳو:

C’est Le Piston Qui Fait Marcher…

C’est Le Piston Qui Fait Marcher…

پسٽن جي ان نئين وقار سان ليوسين فخر ۾ ڦهلجي پنجوڻو ٿي ويو ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته هاڻي سندس ڪلاس به ٻين ڪلاسن جهڙو نه هو. هاڻي ان جي هڪ روايت ۽ حيثيت هئي. اها هڪ طاقت هئي. مثال طور: فرانسيسي ڪلام جي پڇاڙيءَ ۾ اها هڪ عام رواجي ڳالهه هئي ته سڄي ڪلام کي هم آواز ٿي چوڻو هو “What is a Cyrard?” ۽ موٽ ۾ سڀني کي وڻندڙ نفيس آواز ۾ چوڻو هو ته (1) فرانس جا ڪيڊٽ آفيسر.

“A Con” جنهن کانپوءِ وري ساڳيو آواز دهرائجڻو ٿي پيو “What is an Agro” جنهن جي جواب ۾ وري به سڀني کي چوڻو هو “A Con” جنهن کانپوءِ بيٽووِن، جيڪو ذري گهٽ نابين ۽ کيس ڪارو چشمو پاتل هو، چيو “منهنجي ڳالهه ٻڌو دوستو” هڪ پل لاءِ چوطرف گهري چپ چپات ڇانئجي وئي سڀني شاگردن مرڪي هڪٻئي ڏي نهاريو. پوءِ ڪنهن رڙ ڪئي “پسٽن ڇا آهي؟” موٽ ۾ سڀني گڏجي ڪورس جي انداز ۾ هڻڪارون ڪيون “هڪ عظيم ماڻهو” ان مهل ليوسين پاڻ کي لوهه وانگر ڦاٽل محسوس ڪيو. شام جو ليوسين سڄي ڏينهن جون وارتائون والدين کي وڏي تفصيلن سان هڪ هڪ ڪري ٻڌايون ۽ جنهن مهل هي لفظ چيائين ته “… ۽ پوءِ سڄو ڪلاس کلڻ لڳو” يا “سڄي ڪلاس ميرينز کي تنهائي ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو” ته ڀر مان گذرندڙ لفظن سندس وات کي پاڻياٺ وانگر ڪوسو ڪري ڇڏيو اڃان هن لاءِ شروعاتي مهينا ڪافي ڏکيا هئا، ليوسين پنهنجي فزڪس ۽ ميٿاميٽڪس وارا سبجيڪٽ پئي ساريا ۽ ان کان علاوه سندس ڪلاسي به شخصي طور همدرد نه هئا. اهي اسڪالرشپن تي هئا، گهڻي ڀاڱي صفا بد دماغ، لوسي ۽ بد فضيلتا هئا.

“انهن ۾ ڪوبه اهڙو ڪونهي” هن پيءُ کي ٻڌايو “جنهن کي آئون پنهنجو دوست بڻائي سگهان”

“اسڪالرشپن تي پلجندڙ ڇورا…” مسٽر فليوريئر خوابناڪ لهجي ۾ چيو، “دانشور ۽ اعليٰ سوسائٽي جي نمائندگي ٿا ڪن ۽ اڃان به اهي غريب اڳواڻ آهن. ان ڳالهه ۾ انهن مار کاڌي آهي.

هن جي واتان “غريب اڳواڻ” جو ذڪر ٻڌي ليوسين پنهنجي اندر ۾ اڻ متفق هجڻ جو احساس اڀرندي محسوس ڪيو ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ٻيهر پنهنجي پاڻ کي مارڻ جو خيال به پيدا ٿيس، پر منجهس اها گرم جوشي نه هئي جيڪا وئڪيشن وارن ڏهاڙن ۾ هئي.

جنوري ۾ هڪڙي ٻئي، نئين وارد ٿيل شاگرد بارلياڪ سڄي ڪلاس کي کڻي نڪ ۾ دم ڪيو. هن اڪثر ڪري واڱڻائي ۽ ساين لڪيرن وارو نئين اسٽائل جا ڪوٽ، ننڍڙين ڪالرن واريون شرٽس ۽ سوڙها سوٽ ٿي پاتا، بلڪل اهڙا جيڪي گهڻو ڪري درزڪن دڪانن جي آڏو سئمپل نموني طور ٽنگيل هوندا آهن. سوڙها به اهڙا جو ڏسڻ وارن جو حيرت مان وات ڦاٽيو وڃي ته اهڙا ڪپڙا کيس ماپن ڪيئن ٿا! شروع ۾ ئي کيس ميٿاميٽڪ واري ڪلاس جي بنهه پڇڙيءَ واري قطار ۾ ويهاريو ويو “مون کي ڪابه پرواهه ناهي” هن چيو “مان ادبي ماڻهو آهيان پاڻ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ميٿاميٽڪ کنئي اٿم.”

هن مهيني کن اندر ئي سڀني جي دل کٽي ورتي. هن سڀني دوستن ۾ برانڊيڊ سگريٽ ورهايا ۽ کين ٻڌايائين ته ساڻس عورتن تعلقات آهن. هن کين انهن عورتن جا خط به ڏيکاريا، سڄي ڪلاس فيصلو ڪيو ته هو صحيح آهي ۽ بهتر اهو رهندو ته کيس اڪيلو ڇڏي ڏجي.

ليوسين سندس شخصي ڪشش ۽ سٺي رويي جي ڏاڍي ساراهه ڪئي. جڏهن ته بارلياڪ وري ليوسين سان ان کان به وڌيڪ ڀلو ورتاءُ ڪيو ۽ کيس “هڪ امير ٻار” جو لقب ڏنو.

“بهرحال” ليوسين هڪ ڏينهن چيو “غريب ٻار هجڻ کان اهو وڌيڪ بهتر آهي” بارلياڪ مرڪيو.

“تون هڪڙو ننڍڙو خود غرضيو آهين” هن کيس چيو ۽ ٻئي ڏينهن کيس پنهنجو هڪ نظم پڙهڻ لاءِ ڏنائين.

“ڪاروسو هن شام درندن جهڙيون گدليون اکيون کڻي مٿي نهاريو. هونئن ٻي صورت ۾ هو ڪنهن اٺ وانگر فضيلت وارو هو. هڪ عورت پنهنجي خاندان جي نگاهن سان هڪ گلدستو جوڙيو ۽ رنگ منچ تي اڇليائين هر ماڻهو ان مثالي منظر آڏو ڪنڌ جهڪايو، پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته انهيءَ شاندار منظر جي ڄمار وڌ ۾ وڌ ستاويهه منٽ آهي. اوپيرا ۾ ٻرندڙ فانوس جي بنهه پهرين نهار کان ويندي خاتمي تائين ان کانپوءِ هوءَ پڪ ئي پڪ مڙسس کي هڪ حد ۾ رکندي، ڪيترن مقابلن جو ميدان ماريندڙ، جنهن پنهنجي مهارت جي گلابي سوراخن کي ٻن طمغن سان ڀري ڇڏيو هو ۽ هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح ڊُول ۾ ويهاريو ته اسان جي وچ ۾ موجود اهي سڀ جيڪي دٻن ۾ بند انساني گوشت تمام گهڻو کائين ٿا اهي ڪنهن نه ڪنهن ڪُهٽي مرض ۾ مبتلا ٿي تباهه ٿي ويندا.

ڏاڍو سٺو نظم آهي، ليوسين نظم کيس واپس ڏيندي چيو، “هي نظم هڪ نئين ٽيڪنڪ هيٺ لکيل آهي جنهن کي خودڪار لکڻي چيو ويندو آهي.”

ڪجهه وقت کانپوءِ ليوسين جي اندر ۾ پاڻ کي مارڻ جي هڪ وحشي خواهش ڪر کنيو. ان حوالي سان بارلياڪ کان صلاح وٺڻ جو ارادو ڪيائين “آخرڪار مان ڇا ڪريان؟” سڄي ڳالهه پيرائتي ٻڌائڻ کانپوءِ چيائين، بارلياڪ مڪمل ڌيان سان ڳالهه ٻڌي:

بارلياڪ ۾ پنهنجون آڱريون چوسڻ جي عادت هئي. رکي رکي وات مان آڱر ڪڍي وات جي گڦ سان ڳل تي لينگها ٿي ڪڍيائين. جنهن سان سندس ٻوٿ مينهوڳيءَ ۾ جرڪندڙ روڊ وانگر چمڪڻ ٿي لڳو.

“جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهين سو ڪر” بارلياڪ چيو، “ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي” ليوسين ڪافي حد تائين مايوس هو، پر جنهن مهل بارلياڪ کيس چيو ته هو ايندڙ اڱاري تي سندس گهر اچي ۽ وٽس اچي چانهه پيئي ۽ سندس ماءُ سان به ملاقات ڪري ته ليوسين کي محسوس ٿيو ته بارلياڪ سندس ڳالهه کي گهرائيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي.

بارلياڪ جي ماءُ هڪ دوستاڻي مزاج واري عورت هئي. سندس کاٻي ڳل ۾ گهٻ ۽ هڪڙو ڄائي ڄم وارو شراب رنگو نشان هو.

“تون ڏس” بارلياڪ ماءُ ڏي ڏسندي ليوسين کي چيو “اسين جنگ جا حقيقي طور ستايل ماڻهو آهيون.”

ليوسين جو به اهڙو ئي خيال هو ته انهن ٻنهي جو تعلق قربانيون ڏيندڙ ٽهيءَ سان آهي. رات ٿي وئي، بارلياڪ مٿي هيٺان وهاڻي وانگر هٿ ڏئي ليٽيل هو. هنن انگلش برانڊ وارا سگريٽ پيتا، گرامو فون تي ايل جولسن ۽ صوفي تڪر جا گيت ٻڌئون. ٻنهي جو اندر اداسي سان ڀرجي ويو ۽ ليوسين محسوس ڪيو ته بارلياڪ سندس ڀلو دوست آهي.

بارلياڪ کانئس پڇيو “تحليل نفسي بابت توکي ڪجهه معلوم آهي؟” هن جي آواز ۾ سنجيدگي هئي ۽ ليوسين ڏي گهوري پئي ڏٺائين.

“جڏهن مان اڃان پندرهن سالن جو هئس تڏهن مون پنهنجي ماءُ مان لطف وٺڻ جي خواهش محسوس ڪئي هئي” هن اعتراف ڪيو.

ليوسين پنهنجي اندر ۾ ڏکيائي محسوس ڪئي.

هن شرمندگي محسوس ڪندي بارلياڪ جي چهري تي موجود ترن بابت سوچيو ۽ سمجهي نه سگهيو ته آخرڪار هو ههڙي عورت کي ڪيئن ٿو پسند ڪري سگهي! هو ٽوسٽ کڻي ڪمري ۾ آئي ته هو پاڻ کي ڪنهن وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هيڊي رنگ جي سوئيٽر مان جهلڪندڙ سندس ارهن جو تصور ڪرڻ لڳو. هوءَ واپس موٽي وئي ته بارلياڪ نرم ۽ هاڪاري انداز ۾ چيو “فطري طور تي تو به ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي ماءُ مان مزو وٺڻ چاهيو هوندو”

موٽ ۾ هن ڪو سوال نه ڪيو، هائوڪار ڪيائين.

ليوسين سڄو ڏڪي ويو.

“ها، فطري طور” ليوسين چيو.

ٻئي ڏينهن هو بارلياڪ سان مليو ته ڳڻتيءَ ۾ مبتلا هو ته ڪٿي بارلياڪ وري ساڳي گفتگو ٻيهر نه ورجائي! پر هن تڪڙ ۾ پاڻ کي اعتبار ڏياري ورتو. آخرڪار هن به مون کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان سمجهوتو ڪيو آهي.

ٻئي اڱاري تي هن خوابن تي لکيل فرائيڊ جو ڪتاب لائبريري مان هٿ ڪيو. اهو هڪ الهام هو “هون… اڇا ته معنيٰ اها ڳالهه آهي”

ليوسين شهر جي ڳلين ۾ ڀٽڪندي ورجايو “ته معنيٰ ايئن آهي”

ان کانپوءِ هن “نفسياتي تجزئي جو تعارف” ۽ روز مره جي زندگي جي نفسيات” جي نالي وارا ڪتاب ورتا ۽ اهڙي طرح سندس اڳيان گهڻو ڪجهه واضح ٿي ويو. هي اڻ موجود هجڻ جا اجنبي احساس، هيءُ سندس ضمير ۾ طويل خالقپڻو سندس خاموشي، سندس اداسيون، هي پاڻ کي ڄاڻڻ جون سندس فضول ڪوششون جيڪي رڳو وڃي ڪوهيڙي جي پردي سان ٿي مليون… “اف منهنجا خدا” هن سوچيو “مان احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهيان” هن بارلياڪ کي ٻڌايو ته هو جڏهن ٻار هو ته ڪيئن هوندو هو! هڪ اهڙو ٻار جيڪو اهو تصور ڪندو هو ته هو ننڊ ۾ هلندڙ شخص آهي ۽ اهو به ته ڪيئن کيس لڳندو هو ته ڪابه شيءِ حقيقي ناهي.

“پڪ سان مون ۾…” هن نتيجو ڪڍندي چيو “ڪا تمام وڏي ۽ غير معمولي قسم جي احساس ڪمتري آهي”

“بلڪل مون وانگر” بارلياڪ ڳالهايو “پاڻ ٻئي ڀيانڪ حد تائين ڪنهن احساس ڪمتري ۾ ورتل آهيون”

هنن ٻنهين ۾ پنهنجي پنهنجي خوابن ۽ ننڍڙن ننڍڙن منظرن جي وضاحت ڪرڻ جي عادت پئجي وئي.

بارلياڪ وٽ ٻڌائڻ لاءِ هميشه کوڙ ڪهاڻيون موجود هيون، جن بابت ليوسين کي شڪ هو ته اهي هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون آهن يا نه تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ ڏاڍو وڌاءُ آهي، پر انهن ڳالهين پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ نيٺ نازڪ نفيس موضوعن کي ڇهندڙ دنيا تائين پهچ حاصل ڪري ويون. هنن ٻنهي هڪٻئي سان اعتراف ڪيو ته اسين پنهنجي پنهنجي چهري تي خوشي ۽ سرهائي جو ٻوٿاڙو پائي پنهنجي دوستن عزيزن کي بيوقوف بڻائيندا رهيا آهيون جڏهن ته حقيقت ۾ ڀيانڪ حد تائين اداس آهيون ۽ اذيت ۾ مبتلا آهيون. ليوسين ڳڻتين کان مُڪت ٿي چڪو هو. هن پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تحليل نفسي (Psychoanalysis) جي هنج ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. ڇو ته کيس لڳو ٿي ته اها ئي هڪ اهڙي واحد شيءِ آهي جيڪا ساڻس سهمت آهي ۽ هاڻي هن پاڻ کي پُر يقين محسوس ڪيو ٿي، هاڻي کيس پنهنجي ڪردار جي واضح ثبوت يا يقين دهاني لاءِ قطعي به ڪنهن ڳڻتيءَ جي ضرورت نه هئي نه ئي خمير جي ڳولها ڦُولها. حقيقي ليوسين پنهنجي تحت الشعور جي ڏاڍي گهرائيءَ ۾ دفن ٿيل هو. ڪنهن غير موجود دوست جيان هن پاڻ کي ڪنهن ڏسڻ جو ڪو خواب ڏسڻو هو! ليوسين سڄو ڏينهن پنهنجي احساس ڪمترين بابت سوچيندو رهيو ۽ يقيني نوعيت جي فخر وچان اڻ چٽي، ظالم وحشتناڪ دنيا بابت تصور ڪندو رهيو، دنيا جيڪا سندس شعور جي ڪوهيڙي ۾ ڀٽڪي رهي هئي.

“آئيي ڳالهه سمجهه ۾!” هن بارلياڪ کي چيو “مان پنهنجي ڏيک ويک ۾ مان هڪڙو ننڍاکڙو ٻار هئس، هر شيءِ کان مختلف الڳ ٿلڳ، جنهن کي ڪنهن ۾ ڪا دلچسپي نه هجي! ۽ پنهنجي اندرئين پاسي، توکي خبر آهي سڀ ڪجهه اهڙو ۽ ايئن ٿي لڳس ڄڻ مون پنهنجي پاڻ کي ڪو غلط ڪم ڪندي پڪڙجي پوڻ جهڙو شخص ڪري ڇڏيو هو، پر مون کي معلوم هو ته دراصل ٻيو ڪجهه هو”

“هميشه ئي ڪو ٻيو ڪجهه هوندو آهي” بارلياڪ وراڻيو. ٻنهين هڪٻئي ڏي ڏسندي وڏي فخر سان مرڪي ڏنو. ليوسين هڪ نظم “جڏهن ڪوهيڙو هٽندو آهي” جي عنوان سان لکيو، جيڪو بارلياڪ کي ڏاڍو سٺو لڳو، پر هن ليوسين کي ان نظم ۾ عام رواجي متن استعمال ڪرڻ تي ڪجهه ڇنڀيو. تنهن هوندي به ٻنهي نظمن کي دل سان محسوس ڪيو ۽ جنهن مهل انهن پنهنجي جنسي جبلت بابت ڳالهائڻ چاهيو ته هاڃيڪار چيائون.

“ڪوهيڙي جي تهن ۾ ويڙهيل عظيم وڇون”

پوءِ وڇونءَ ڏاڍي سادگيءَ سان هڪ اک ڇنڀي، پر گهڙيءَ کانپوءِ جنهن مهل ليوسين رات جو گهر ۾ نويڪلو ٿيو ته کيس اهو سڀ ڏاڍو ڀوائتو محسوس ٿيو. ننڊ کان اڳ جنهن مهل هن ماءُ کي چمي ڏني ان مهل هن ۾ ماءُ ڏي نهارڻ جي همت نه هئي! کيس اهو ڊپ هو ته ڪا پاڇولي جهڙي طاقت سندس چميءَ جو رخ ماءُ وٽان موڙي وڃي مادام فليوريئر جي وات ۾ ڪيرائيندي. اهو ڪجهه ايئن هو ڄڻ هو پنهنجي اندر ۾ ڪو ٻرندڙ جوالا مکي کڻي هلي رهيو هو. ليوسين پنهنجي پاڻ سان ايئن محتاط رويو رکيو جيئن سندس اهو معصوم روح ميرو نه ٿئي جيڪو هن ڳولي لڌو هو. هاڻي هن هر شيءِ جو ملهه ڄاڻي ورتو هو ۽ خطرناڪ نوعيت جي جاڳ کان ڊڄي ويو هو.

“آئون پنهنجي پاڻ کان ڊنل آهيان” ليوسين چيو.

هو ڇهن مهينن واري تنهائي جي تجربي مان رت ٿيل هو، ڇو ته ان اڪيلائي کين ايذائي وڌو هو ۽ توڻي جو کيس ڪافي ڪم ڪار ڪرڻا هئا، پر پوءِ به هو انهن ڏي واپس موٽي آيو.

سڀني کي پنهنجي پنهنجي ڪم جي پوئيواري ڪرڻي هئي. فرائيڊ جا ڪتاب انهن اڀاڳن جوانڙن جي ڪهاڻين سان ڀريا پيا هئا جيڪي تڙ تڪڙ ۾ پنهنجون پراڻيون عادتون ڇڏڻ جي ڪري اعصابي مريض بڻجي ويا هئا. “ڇا اسان جنوني ٿيندا پيا وڃون؟” هن بارلياڪ کان پڇيو.

۽ حقيقت ۾ ڪجهه ڏهاڙن دوران هنن ڪجهه عجيب قسم جي ڳالهه محسوس ڪئي. ڪجهه مڪريل پاڇولا بارلياڪ جي ڪمري ۾ ناچ ڪرڻ لڳا. هنن خوشبودار تماڪ وارن سگريٽن جا ڪئين پاڪيٽ ڦوڪي ڦٽي ڪيا ۽ رکي رکي سندن هٿ ڏڪڻ لڳا. پوءِ ٻنهي مان هڪڙو همراهه چپ چپات ۾ پٻن تي اٿي بيٺو ۽ بلب ٻاريائين. ڦڪي روشنيءَ جو سيلاب ڪمري ۾ ڪاهي پيو. ٻنهي ڄڻ بي اعتباري جي عالم ۾ هڪٻئي ڏي ڏٺو.

ليوسين کي ان ڳالهه جو پتو ڪونه پيو هو ته بارلياڪ سان سندس سنگت جو سڳو هڪ غلط فهميءَ جي بنياد سان ٻڌل هو. پڪ ئي پڪ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه Oedipus Complex جي ڏکوئيندڙ سونهن جي باري ۾ حساس نه هو، پر انهيءَ ۾ خصوصي طور هن جذبي لاءِ طاقت جا اهڃاڻ ڏٺا، جن کي بعد ۾ هن مختلف رخن کان استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. جڏهن ته ٻئي هٿ تي بارلياڪ پنهنجي حالت سان ڳنڍيل هو ۽ کيس ان مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪابه خواهش نه هئي.

“اسان کي مڙئي پُڇ ٻڌي مهري ڪيو ويو آهي” هن چيو “باقي اسين آهيون اڳڙين جا گُڏا… اسان کان ڪو ڪم نه ٿيندو”

“ڪڏهن به ڪجهه به ڪونه پڄندو اسان کان” ليوسين ساڻس سُر ۾ سُر ملايو.

پر هو ٽانڊي تپڻو هو.

بارلياڪ کيس ٻڌايو ته ايسٽر جي موڪلن کانپوءِ هو Dejeuner جي هڪ هوٽل ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ هڪ ئي ڪمري ۾ رهيو هو. هو صبح ساڻ اٿي کڙو ٿيو هو ۽ پنهنجي ماءُ جي هنڌ ڏي سِرڪي ويو هو، هوءَ اڃان گهور ننڊ ۾ الوٽ هئي، هن آهستي آهستي چادر مٿي ڪئي، سندس نائيٽ گائون ٿورو مٿي هو” هو ڀڻيڪو.

اهي لفظ ٻڌندي ئي ليوسين بارلياڪ کي ڏاڍو ٿڪ بُجو ڪيو ۽ هن پاڻ کي ڏاڍو تنها محسوس ڪيو.

ماڻهو ۾ مختلف قسم جا ڪامپليڪس هجن ته ڀلي هجن، پر گهٽ ۾ گهٽ کيس اهو ته معلوم هجڻ گهرجي ته آخر انهن مرضن مان ڪيئن جند ڇڏائجي. آخر ماڻهو پنهنجون ذميواريون قبولڻ جوڳو ڪيئن ٿيندو! ۽ جيڪڏهن منجهس ٻاراڻي جنسيات جو واسو هوندو ته شين تي ضابطو ڪيئن ڪندو!

ليوسين ڳنڀيرتا جي حد تائين ڳڻتيءَ ۾ مبتلا رهڻ لڳو. هن ڪنهن اڪابر شخص سان مشورو ڪرڻ ۽ صلاح وٺڻ ٿي چاهي، پر کيس پتو نه هو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن سان ملڻ گهرجي.

بارلياڪ اڪثر موقعن تي ساڻس برجري نالي هڪ سريئلسٽ همراهه جو ذڪر ڪندي چيو هو ته اهو تحليل نفسي جو وڏو ماهر آهي، پر ان سان به کيس ملائڻ جي بارلياڪ ڪڏهن آڇ نه ڪيس.

ليوسين پڻ ان حوالي سان گهڻو نا اميدي جو شڪار جو هن هڪ دفعي بارلياڪ تي ساڻس هڪ عورت ملائڻ جو آسرو ڪيو هو. هن سوچيو هو ته ڪنهن سهڻي سنگتياڻيءَ سان مکا ميلو ٿيڻ کانپوءِ فطري طور سندس خيالن جي ڌارا جو رخ تبديل ٿي ويندو، پر هاڻي بارلياڪ پنهنجي سنگتياڻي بابت ڊاڙا ٺڪا ڪرڻ ڇڏي ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻئي مخصوص کليل قسم جي علائقن ۾ وڃي نڪتا ٿي ۽ اتي عورتن جو پيڇو ٿي ڪيائون، پر انهن سان ڳالهائڻ جي همت ڪرڻ ڪونه ٿي ساري سگهيا.

“پوڙها کُرنڊ! توکي ڪهڙي توقع آهي!” بارلياڪ چيو “پاڻ اهي مهانڊا ئي ناهيون جيڪي ڪنهن کي وڻندا آهن. عورتن کي اسان جا ٻوٿ ڏسي ڀئو ٿيندو هوندو” ليوسين ڪو جواب ڪونه ڏنو.

بارلياڪ کيس چيڙائڻ لڳو.

هو اڪثر ڪري ليوسين جي والدين بابت به واحيات قسم جا لطيفا ۽ ٽوٽڪا گهڙڻ لڳو هو. هن انهن کي مسٽر ۽ مسز ڊموليٽ ٿي سڏيو.

ليوسين کي ڀلي ڀت اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هڪ سريئلسٽ جي عام طور بورذوائي طبقي جي ماڻهن سان ڪونه پوندي آهي، پر پوءِ به بارلياڪ کي مسز فليوريئر کوڙ ڀيرا پاڻ وٽ دعوت تي گهرايو هو ۽ ساڻس پنهنجائپ ڀريو دوستاڻو رويو روا رکيو هئائين. احسان مندي ۽ شڪر گذاري واري مزاج کان محروم بارلياڪ ۾ جيڪڏهن ٽڪي جي فضيلت هجي ها ته هو مسز فليوريئر لاءِ اهڙي قسم جي فضول بڪواس نه ڪري ها ۽ بارلياڪ ۾ هڪڙي ٻي ڪني عادت اها به هئي ته جنهن کان به پنج رپيا اڌارا ورتائين ٿي ته اهي کيس واپس ڪرڻ کان آڱوٺو ڪڍي ٿي ڏنائين. ڪنهن هوٽل وغيره ۾ سنگت ساٿ سان ماني ٽڪي ٿي کاڌائين ته بل جي ڏوڪڙن ۾ پنهنجو حصو ملائڻ کان تپ ٿي چڙهيس.

هڪ ڏينهن جڏهن ليوسين کيس صاف لفظن ۾ چيو ته سنگت سان گڏ کائڻ پيئڻ ۾ جيڪو به خرچ ٿيندو اهو سڄي سنگت کي گڏجي سڏجي ڀرڻو پوندو. جنهن تي بارلياڪ سندس منهن ۾ جوهه وجهندي چيو “مون به ايئن ئي پئي سوچيو”

جنهن کانپوءِ ساڻس پنهنجي دوستيءَ جي Freudian Relationship جي وضاحت ڪيائين.

“ڪنهن جي ٻلي به ٻه مڻي ته ڪنهن جو سون به ڄڻ پتل” ۽ فرائيڊ جو “احساسِ گناهه” وارو نظريو. ان ڏينهن ٻئي همراهه پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿيا.

مئي جي شروعات ۾ بارلياڪ اسڪول اچڻ صفا گهٽ ڪري ڇڏيو. ليوسين ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ ريوڊيس پيٽيس جي هڪ بار ۾ ساڻس ملڻ ويو جتي ٻنهي (جڙي ٻوٽين وارو گهٽ الڪوحل تي مشتمل شراب) White Vermouth پيتو.

هڪ اڱاري جي منجهند جو ليوسين بارلياڪ کي بار جي ٽيبل تي هڪ خالي گلاس جي ڀرسان ويٺل ڏٺو.

“او هو… تون آهين” بارلياڪ چيو “مون ڏندن جي ڊاڪٽر کان ملاقات جو وقت ورتو آهي، منهنجو انتظار ڪجانءِ، ڊاڪٽر ڀرسان ئي ٿو رهي، بس وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ لڳندو” “ها ٺيڪ آهي” ليوسين ڪرسيءَ تي ويهندي چيو “مون کي ٿورڙي وائٽ ورمائوٿ ڏي” انهيءَ دوران هڪ شخص بار ۾ داخل ٿيو ۽ هنن ڏي ڏسي حيرت جي انداز ۾ مرڪڻ لڳو. بارلياڪ ڀانڀولجي تڙ تڪڙ ۾ اٿي کڙو ٿيو.

“اهو ڪير ٿو ٿي سگهي!” ليوسين حيرت مان سوچيو.

بارلياڪ ان انجنبيءَ سان هٿ ملائي ليوسين کان اوٽ ڏئي ڍانڊرجي بيٺو ته جيئن اهو کيس نظر نه اچي. هن پنهنجو آواز ڌيمو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اجنبيءَ جو آواز مٿان پئي وريو “قطعي نه منهنجا دوست! تون پهرين نمبر جو بيوقوف آهين” ڳالهائڻ مهل هن پٻن ڀر بيهي بارلياڪ جي مٿي کان ڪجهه مٿي ٿي ليوسين ڏي پئي ڏٺو. سندس عمر لڳ ڀڳ پنجٽيهه سال کن هوندي. سندس منهن ڪجهه هيڊاڻ مائل هو ۽ مٿي جا اڇا وار ڏاڍا پرڪشش هئس.

“پڪ ئي اهو برجري هوندو” ليوسين ڌڙڪندڙ دل سان سوچيو “ڇا ته خوبصورت شخص آهي” بارلياڪ مٿس پنهنجو حق سمجهندي کيس ٻانهن مان گهليندو، ليوسين کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چوڻ لڳو “هل هل تون مون سان گڏ هل، مان ڏندن جي ڊاڪٽر ڏي پيو وڃان، بس هو ٿورڙو پريان سڏ پنڌ تي ڪلينڪ اٿس”

“اڙي ميان پر تون ته ڪنهن دوست سان گڏ هئين نه… هان ڪونه هئين!” اجنبيءَ طنزيه مرڪ مرڪندي شرارت واري انداز ۾ چيو. سندس اکيون ليوسين جي چهري تي کتل هيون.

“اصولي طور توکي گهرجي ته اسان ٻنهي کي هڪٻئي سان متعارف ڪرائين”

ليوسين مرڪندي اٿي بيٺو “لڳي ٿو پڪڙجي پيس” ليوسين سوچيو سندس ڳل ٻري رهيا هئا.

هڪ پل لاءِ ليوسين سوچيو ته بارلياڪ اسان جو هڪٻئي سان تعارف ڪرائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيندو.

“هاڻي تون پاڻ مون کي پنهنجو تعارف ڪرائي” اجنبيءَ پيار مان چيو. انهن لفظن سان ليوسين جو چهرو لال گلابي ٿي ويو ۽ چاهيائين ته هوند زمين جاءِ ڏي ته ان ۾ گم ٿي وڃان. بارلياڪ بنا هيڏي هوڏي لوڻو هڻڻ جي پوئتي مڙيو ۽ زندگيءَ کان خالي خشڪ لهجي ۾ مشيني انداز ۾ ٻت ٻت ڪندي چيائين: “ليوسين فليوريئر ۽ لائيسي کان هڪ دوست محترم ايلچي برجري”

“تعارف ڪرائڻ جو ڪشٽ ڪرڻ لاءِ لک ٿورا مهرباني!” ليوسين نرملتا سان چيو.

…(هلندڙ)…

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments