هڪ شخص بهارن جهڙو… عنايت بلوچ ارم محبوب

شاعر جي اک سان ڪائنات ڏسڻ، چهرا پڙهڻ ۽ جذبن کي روح جي گهرائين سان محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. حساسيت جي اهڙين خوبين جا مالڪ انسان يقينن انمول ٿيندا آهن، سندن موتي تارا لفظ ۽ احساس ئي آهن جيڪي ادب ۽ شاعري جي آسمان تي جهرمر لايو ويٺا آهن.

علم و ادب جي ان آسمان جو هڪ روشن نالو سنڌ سونهاري جو هر دلعزيز ۽ برجستو شاعر/نثر نگار مانوارو محترم عنايت بلوچ صاحب پڻ آهي. پاڻ شاعر ته لاجواب آهن ئي پر سندن نثر جو به جواب ناهي، سفر نامه هجن، شخصي خاڪا هجن يا مضمون، سندن هر تخليق ۾ اها ساڳي سونهن، سچائي ۽ گهرائي ملندي، جيڪا انهن جي شاعري کان وٺي بهار بهار شخصيت ۾ پڻ نظر اچي ٿي.

لطيف سائين جا ذري گهٽ حافظ ۽ جڏهن هو انهن بيتن جي سمجهاڻي ٻڌائيندا آهن ته واقعي لطيف شناسي جو حق ادا ڪريو ڇڏين. وڏن عهدن تي رهندڙ ماڻهو ٿورڙو مٿي ڇا ٿيندا آهن، ڄڻ آسمان تي چڙهيو وڃن، سندن نظر نهار، لب لهجو، انداز، طور طريقا يڪسر بدلجيو وڃن ۽ تڏهن سندن اوچتو تبديل ٿيل انداز يڪدم ٻڌايو ڇڏي ته “نوان آيا ائين سوڻيا”

پر بلوچ صاحب جهڙي پياري انسان کي ڪنهن به غرور ۽ تڪبر جي نشي ۾ ٽٻ نه ڏٺو هوندو ۽ اها ئي وڏي ماڻهو هئڻ جي اصل نشاني آهي.

مون کي خوشي آهي ته ان بهار بهار شخصيت انٽرويو لاءِ منهنجي عرض کي مان ڏنو ۽ سنڌ کان هزارين ميل پري رهندي هيوسٽن مان منهنجي سوالن جا جواب ڏنا.

عنايت بلوچ صاحب جا هيل تائين ڇپيل ڪتاب:

1 تند ڪٽارو ڪنڌ (شاعري)

2 پرين جي پرديس (سفر نامو)

3 سهسين ٿيا سارنگ (سفر نامو)

4 ساهن اوڏا سپرين (سفر نامو)

5 پرديسي ڪهڙا پرين (سفر نامو)

6 سرهي سيج، پاسي پرين (سفر نامو)

7 روم جي شهنشاهيت جو زوال ۽ خاتمو.

Eduard Gibbon جي ڪتاب Decline/Fall of The Raman Empire جو سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايل.

  1. سنڌ جي تاريخ (تحقيقي مقالا) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي انگريزي ڪتاب SINDH STUDIES (HISTORICAL) جو سنڌي ترجمو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن طرفان ڇپرايو ويو.
  2. سڀ ۾ پنهون پاڻ. مير سڪندر خان کوسي جي ڪلام کي سهيڙي ترتيب ڏنو.
  3. ”ڪي پڙاڏا، ڪي سڏ“ جي. الانا، جي سنڌي شاعري جي ترتيب ۽ تدوين.

ارم محبوب: بلوچ صاحب انٽرويو جي باقاعده شروعات ٿا ڪيون، فليش بيڪ ۾ هلي اوهان جي تفصيلي تعارف سان…

عنايت بلوچ: بلڪل ارم… مان پنهنجي ڏاڏي جي نالي تي قائم ڪيل ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو ۾ 3 آڪٽوبر 1941ع تي پيدا ٿيس، يعني هاڻي 3 آڪٽوبر 2020 ۾ خير سان اوڻاسي سالن جو ٿي ويو آهيان، جيڪر زندگي وفا ڪئي ته 2021ع ۾ مان 80 سالن جو ٿي ويندس ۽ انشاءَ الله تعاليٰ تڏهن مان پنهنجي پيارن سان سنڌ ۾ هوندس ۽ اتي پنهنجي سالگره به ملهائيندس، جنهن ۾ اوهان به لازمي موجود هوندا.

ارم محبوب: انشاءَ الله بلوچ صاحب ضرور ضرور…

عنايت بلوچ: منهنجو بابا غلام نبي اداسي صاحب اهي پنهنجي دور جا وڏا شاعر هئا، جن منهنجي پيدائش تي شعر جون هي ٻه سٽون هن طرح لکيون:

“فرزند ارجمند عنايت الله ڪيو

ان لئه سندس مون نانءُ هي

پشتو پناهه ڪيو.”

يعني جيئن ته مون تي پٽ جي عنايت، الله ڪئي آهي ته سندس نالو به عنايت الله رکان ٿو، بابا جن منهنجي ڄمڻ جو تفصيل هن ريت لکيو آهي… فرزند ارجمند عنايت الله فقير! رمضان المبارڪ مطابق 3 آڪٽوبر اوڻيهه سئو ايڪيتاليهه جمعي جي رات روزي رکڻ وقت تولد ٿيو.

جڏهن وڏو ٿيس ته دوست چوندا هئا يار تون پاڻ کي سيد سڏرائيندو ڪر، ڇو جو اسان جا ٻاهران آيل ڪي ڀائر، فقط جمعي جي رات ڄمڻ تي پاڻ کي سيد سڏرائيندا آهن، پر توکي ته جمعي جي ڀلاري ڏينهن سان گڏ، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي يارهين تاريخ به نصيب سان ملي آهي، اسلامي مهيني جي يارهين تاريخ تي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ اڃان تائين غوث الاعظم سيد عبدالقادر جيلاني جي يارهين شريف ملهائيندا آهن. ٻهراڙين ۾ اسان جي گهر سميت ڀاڳوند عورتون اسلامي مهيني جي يارهين تي کير نه ڄمائينديون هيون، بلڪه سمورو کير خير ۽ برڪت طور اوڙي پاڙي ۽ غريبن ۾ ورهائبو هو. هاڻ نه اهي مينهون آهن نه اهي اڳيان ڀاڳوند سچا سادا ۽ سٻاجهڙا رهيا آهن جن وٽ کير آهي به، پر هاڻ اهو خير ۽ برڪت طور نٿو ورهايو وڃي. مان ٿورو تفصيل وڌيڪ ٻڌائي ويس پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾، بهرحال احمد پور اسان جو ڳوٺ آهي ان مان پرائمري تعليم حاصل ڪيم ۽ پوءِ وري ضلعي خيرپورميرس مان مون ميٽرڪ ۽ انٽر اتان پاس ڪئي. پوءِ اچي سنڌ يونيورسٽي مان B.A ۽ M.A ڪيم. 1966ع ۾ M.A اهڙي ريت مان وري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺس، تڏهن East-Pakistan اسان سان گڏ هو. اها 1969ع جي ڳالهه آهي ان ۾ ويٺس ۽ الحمدلله ميرٽ تي ان ۾ پاس ٿيس ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ مون اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر جي حيثيت سان جوائن ڪيو ته اهو آهي منهنجو تفصيل ۽ وري پوءِ ريڊيو پاڪستان تان رٽائرمينٽ کانپوءِ F.M قائم ڪيم الحمدلله ۽ پوءِ سنڌ ۾ پهريون F.M هو 105 اهو قائم ڪيم ان جو جنرل مئنيجر ٿيس ٽي سال انهن سان رهيس ٻه سال F.M جو جرنل مئنيجر  رهيس ڪراچي ۾. ان کانپوءِ وري سيد قائم علي شاهه تڏهن C.M هو ان وري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مون کي ميمبر ڪيو ۽ الحمدلله اتي مون 5 سال گذاريا ۽ مون کي فخر آهي ان ڳالهه تي ته ميرٽ تي ۽ ڪامپيٽنٽ ماڻهن کي مون چونڊيو ۽ مان توهان کي ڇا ٻڌايان مون وٽ ڪي خط به پيا آهن، ٻه ٽي ڇوڪريون ويٺيون هيون ليڪچرري جي امتحان ۾ جن مون کي خط لکيا ۽ چيائون، سائين اسان جڏهن پبلڪ سروس ڪميشن جو فارم پئي ڀريو ته اسان جي وڏڙن پڇو ته بابا توهان ڇو ٿا ڀريو… توهان وٽ ڪا سفارش يا پئسو آهي ڇا؟ ته اسان چيو، اسان وٽ نه سفارش آهي، نه پئسو، پر انهن لکيو ته هاڻي جڏهن اسان پنهنجي ليڪچرر شپ جي ڪرسي تي اچي ويٺا آهيون (وڏو ۽ تفصيلي خط آهي، پر مان مختصر ۾ ٻڌايان ٿو) ۽ پهريون پگهار مليو آهي تڏهن جهول جهلي توهان کي دعائون ٿا ڪريون ته توهان اسان کي چونڊيو الحمد لله، اهڙا ڪيترائي واقعا آهن، ڪيترائي غريب مسڪين ماڻهو آهن، جن کي سندن ميرٽ تي مون ڪميشن ۾ چونڊيو ۽ اڄ هو وڏين وڏين پوسٽن تي ويٺا آهن، سو اهو اٿئو منهنجو مختصر تعارف.

ارم محبوب: تمام سٺو لڳو، بلوچ صاحب، اوهان جنهن سهڻي انداز سان پنهنجو تعارف ڪرايو، هاڻ اچون ٿا باقائده سوالن جوابن ڏي.

ارم محبوب: سڀ کان پهرين ته اسان اوهان کان اهو ڄاڻڻ چاهينداسين ته عنايت بلوچ صاحب پنهنجي اندر ۾ لڪل شاعر ۽ تخليقڪار روح کي ڪڏهن ۽ ڪيئن دريافت ڪيو؟

عنايت بلوچ: پهرين پيار ۽ عشق جي اڌمن ۾ مون کي پنهنجي اندر ۾ شاعريءَ جي روپ ۾ هڪ تخليقڪار نظر آيو، جڏهن آئون لڳ ڀڳ 16 سالن جو هئس. اوهان جي ان سوال تي مون کي پنهنجو هڪ شعر ياد اچي ويو:

“ياد ئي ناهي ڪوئي لفظ محبت ليڪن

پيار پهرين جي پڪاريو ته مري وينداسين”

(انور وسطڙي جو ڳايل)

ارم محبوب: پهرين تخليق ڇپڻ تي اوهان جا احساس؟

عنايت بلوچ: اها حقيقت آهي ته پهرين تخليق ڇپڻ تي بيحد سرهائي ٿي هئي.

ارم محبوب: ڀلا ڪهڙي ڳالهه، صورت، منظر يا موسم اوهان کي لکڻ جو اتساهه ڏنو؟

عنايت بلوچ: شروعات ۾ ته پيار جي پيچرن، پاڇن ۽ پڙلائن مون کي لکڻ تي آماده ڪيو، پر پوءِ زندگيءَ جي سفر ۾ جيئن جيئن قدم اڳتي وڌيا ته انساني ناهموارين، نا انصافين ۽ معاشرتي زيادتين، زور آورين ۽ ظلمن کي ڏسي، قلم جو رخ خود بخود ان طرف ٿي ويو.

“پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا

ويتر تن لئه ڪات ڪهاڙا

هر جا ظلم ۽ نا انصافي

ڄاوا بُڇڙا ڀائر جاڙا”

ارم محبوب: پاڻ مڃائڻ لاءِ ڪيتري جستجو ڪرڻي پئي؟

عنايت بلوچ: ڪابه جستجو ڪانه ڪيم، بس قلم هلندو رهيو ۽ لکندو رهيس، مڃتا لاءِ نه هيڏي هوڏي واجهايم نه وري ڪا اهڙي خواهش اٿم.

ارم محبوب: نثر ۽ شاعري مان ڪهڙي صنف توهان کي دل جي وڌيڪ ويجهو لڳي؟ توڙي جو اوهان ٻنهي ۾ ڪمال رکو ٿا؟

عنايت بلوچ: منهنجو پهريون پيار ۽ سڃاڻپ ته شاعري آهي، توڙي جو نثر سان به منهنجو رشتو اوترو ئي پختو ۽ ويجهو رهيو آهي، پر سائين رسول بخش پليجي جي ان قول سان مان پوري طرح متفق آهيان ته “سٺي شاعريءَ جون فقط ٻه سٽون سٺي نثر جي سئو سٽن کان به وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿيون.”

ارم محبوب: تنقيد ڪيئن لڳندي آهي؟

عنايت بلوچ: سچي ڳالهه اها اٿئو ته ادبي ۽ تعميري تنقيد کي سدائين ويلڪم ڪندو آهيان، باقي تنقيد خاطر تنقيد کان بُڇان لڳندي اٿم.

ارم محبوب: توهان ريڊيو پاڪستان جا اسٽيشن ڊائريڪٽر رهڻ سان گڏوگڏ ميڊيا جي مختلف شعبن ۾ به اعليٰ عهدن تي رهيا آهيو ته يقينن اوهان ڪيئي فنڪار به متعارف ڪرايا هوندا، ڪجهه ان باري ۾ اسان کي به ٻڌائيندا؟

عنايت بلوچ: ارم! اهو هڪ تمام ڊگهو داستان آهي منهنجي وقت ۾ سچ پڇو ته بيشمار فنڪار، ڪلاڪار، صداڪار، ڳائڻيون ۽ ڳائڻا ريڊيو حيدرآباد تان متعارف ٿيا، نالا ڳڻائڻ کان گهڻا آهن، پر مون کي هڪ ڳالهه تي فخر آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1992ع ۾ آئون ريڊيو جي ٽيم ساڻ ڪري ٿر جو دورو ڪرڻ نڪتس ته جيئن اتان فنڪار چونڊي ريڊيو تي آڻجن، اسان باقائدگي ان ڪم خاطر ريڊيو مائڪرو فون ذريعي اعلان ڪرايو ته ڪهڙين تاريخن تي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ۾ ٿر جي فنڪارن جو آڊيشن ڪري کين ريڊيو تي پروگرامن لاءِ چونڊيو ويندو ۽ توهان کي ٻڌايان ٿو ته جڏهن اسان ٿر پهتاسين ته هر مقرر ڪيل جڳهه تي، هر رات سوَن جي تعداد ۾ فنڪار ڪٺا ٿي ويا ۽ مون سميت ريڊيو جي سڄي ٽيم رات جي ٽين وڳي تائين آڊيشن ڪرڻ ۾ مگن رهي، منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي، جڏهن اسان جي ٽيم جي “ٿر ياترا” بيحد ڪامياب رهي اسان لڳ ڀڳ ٽيهارو کن فنڪار (ڳائڻا ۽ سازندا) چونڊي باقائدگيءَ سان کين ريڊيو تي پروگرام ڏيڻ شروع ڪيا، ٻه چار فنڪار منهنجي آفيس ۾ مون سان جڏهن ملڻ آيا ته هنن ٻڌايو ته حيدرآباد تائين پهچڻ جو ڪرايو به وٽن ڪونه هو، مڙئي ڪٿان اوڌر سوڌر وٺي ريڊيو حيدرآباد پهتا هئا. الحمد الله! اهي ساڳيا ئي ماڻهو هاڻي ماشاءَ الله وڏا ناميارا فنڪار ٿي چڪا آهن، مالي طرح بيحد خوشحال، پڪن گهرن ۾ رهندڙ ۽ لک پتي شمار ٿين ٿا. مون کي هن وقت گهڻا نالا ته ياد نٿا اچن پر ان حوالي سان نصير مرزا کان به ڄاڻ ملي سگهي ٿي ڇو ته اهو به ان وقت ريڊيو ٽيم جي ميمبرن ۾ شامل هو. وقت گهڻو گذري ويو آهي پر ڪجهه نالا جيڪي ياد اٿم سي هي آهن: سرمد سنڌي، شفيع فقير، صادق فقير، ڪريم ڏنو فقير، فوزيه سومرو، انجم آرا ۽ ٻيا به کوڙ. منهنجي لاءِ اها به هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي ته 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيڻ کان اڳ جڏهن آئون 72-1971ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام مئنيجر هئس تڏهن منهنجي سربراهي ۾ عابده پروين جو آڊيشن ٿيو هو. غلام حسين شيخ جهڙو موسيقي جو ماهر پروڊيوسر ۽ ٻيا ناميارا پروڊيوسر نعيم مرزا ۽ انور بلوچ (سڀئي مرحومن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن) سي عابده پروين جي آڊيشن وقت مون سان گڏ هئا، آڊيشن ۾ عابده پروين پاس ٿي ۽ ريڊيو حيدرآباد تان ڳائڻ شروع ڪيائين ٻن ٽن سالن اندر ئي ڪافي مشهور ٿي وئي ۽ هاڻي… هوءَ سڄي دنيا ۾ شهرت جي بلندين تي پهتل آهي، هتي آمريڪا ۾ مختلف ريڊيو اسٽيشن تان جتي اردو پروگرام نشر ٿين ٿا ته گهڻي ۾ گهڻي فرمائش آمريڪا ۾ به عابده پروين جي ڳايل ڪلامن جي ئي ٿئي ٿي.

ارم محبوب: ريڊيو حيدرآباد ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر هئڻ دوران اوهان بيشمار ترقياتي ڪم ڪرايا ڪجهه ان حوالي سان اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌائيندا.

عنايت بلوچ: هڪ ته ٿر ياترا وارو سلسلو نهايت ڪامياب رهيو ٻيو 1976ع ۽ 1973ع جي وڏين ٻوڏن کانپوءِ 1992ع ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ٻين اوسي پاسي جي ڳوٺن کي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو هو، تڏهن ريڊيو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان سنڌوءَ جي ڪپ تي المنظر جي ڀرسان ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيس جي ٻن ڪمرن کي “مهراڻ موج اسٽوڊيوز” ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتان مسلسل ٽن ڏينهن تائين عارضي اسٽوڊيوز تان سڌي سنئين نشريات هلندي رهي. ايريگيشن کاتي وارا مون کي اچي ٻڌائيندا هئا ته “سائين جڏهن مهراڻ موج اسٽوڊيو طرفان اهم اعلان ٿئي ٿو ته فلاڻي ڳوٺ کي ٻوڏ جو سخت خطرو آهي ته ماڻهو اتان هڪدم لڏپلاڻ ڪري ٻئي هنڌ هليا ٿا وڃن، پر جڏهن اوهان اهو اعلان ڪريو ٿا ته هاڻ خطرو ٽري ويو آهي ته ماڻهو فورن واپس ٿي پنهنجا اجها ۽ جهڳا وڃي ٿا وسائين، سڄي ملڪ جي ريڊيو اسٽيشن تي اهڙو تجربو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو ۽ ان ڪارنامي جو اعزاز به مون کي مليو. پوءِ وري ريڊيو حيدرآباد جي نئين سر تعمير ڪرائي وئي، قالين وڇرايا ويا، نوان ڪمرا ٺهرايا ويا، ڀڳل ٽٽل ڪرسين ۾ صوفا سيٽن جي جاءِ تي نئون فرنيچر آندو ويو ۽ اسٽوڊيوز جي نئين سر آرائش ۾ جديد طرز جي سيٽنگ ڪري انهن کي خوبصورت بڻايو ويو، اهڙيءَ ريت ريڊيو اسٽيشن جي گهربل عزت ۽ وقار کي ڪيترن سالن گذرڻ کانپوءِ واپس آندو ويو. هڪ ٻي يادگيري به اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندس ته 88-1987ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ لساني فساد برپا ٿي ويا ۽ روزاني ڪيترائي ماڻهو بيگناهه ماريا پئي ويا، تڏهن مون 1989ع ۾ ڪل سنڌ، سنڌي اردو، مشاعري جو وڏي پئماني تي اهتمام ڪيو، جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن ڪئي ۽ هي مشاعرو لاڳيتو 6 ڪلاڪ جاري رهيو. ان مشاعري ۾ ٻنهي ڌرين طرفان ايڪي ۽ محبت بابت پڙهيل شعرن جي نتيجي ۾ شعر ۾ ڪافي حد تائين سڪون جي فضا قائم ٿي وئي. ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين چوندا رهندا آهن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اهڙو سونهري ۽ حَسين دور نه اڳ ڪنهن ڏٺو هو ۽ نه وري شايد ٻيهر ڏسي سگهبو.

ارم محبوب: سنڌي شاعري اڄ ۽ ڪالهه جي دور ۾ ڪهڙو نمايان فرق ٿي محسوس ڪرائي؟

عنايت بلوچ: ڪالهه جي شاعري “گل و بُلبل” جي تذڪري، محبوب جي حُسن ۽ زلفن جي تعريف سندس رنج رسامن ۽ وري کيس منٿون ڪري پرچائڻ جي شاعري هوندي هئي، جڏهن ته اڄ جي شاعري اسان جي معاشري ۽ ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي، ڏتڙيل ۽ مظلوم ماڻهن جي حالت جي ترجماني ڪري ٿي، پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن جو درد شاعر کي متاثر ڪري ٿو، جنهن جو ڀرپور اظهار هو پنهنجي شاعري وسيلي ڪري ٿو. مشاهداتي شاعري، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نه رڳو متوجهه ڪري ٿي، پر سندن احساسن کي به جاڳائي ۽ جهنجوڙي ڇڏي ٿي.

ارم محبوب: اوهان سنڌي ادب جو سونهري دور ڏٺو آهي ۽ اڄوڪو دور به اوهان ڏسو پيا جتي ذري پرزي تي “ادبي ڄنڊا پٽ” شروع ٿيو وڃي اوهان ان باري ۾ ڇا چوندا؟

عنايت بلوچ: ڏسو ادبي بحث مباحثا، ادبي ورڪشاپ ۽ تعميري تنقيد صحتمند ادب لاءِ نهايت ضروري هوندا آهن. جيئن ڪجهه سال اڳ تائين سنڌي ادبي سنگت يا ٻين ادبي تنظيمن ۾ باقائدگيءَ سان منعقد ڪيل نشستن ۾ ٿيندو هو، اهڙيون ادبي ويهڪون ادب جي بهتري ۽ وڌاري لاءِ ڏاڍيون ڪارآمد ٿينديون هيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه ادب ۾ ذاتيات جو عنصر گهڻو اچي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي جي ڄُنڊا پٽ تي وڃي ٿو دنگ ڪري، اڳ ايئن هرگز نه ٿيندو هو، پر جي ٿيو به هوندو ته ادب جي مهذب دائري اندر رهندي ٿيندو هو.

ارم محبوب: شاعريءَ لاءِ مطالعو ضروري آهي، مشاهدو يا اها هڪ ڪيفيت ۽ خدائي ڏات آهي؟

عنايت بلوچ: اها شاعري جيڪا دل تي اثر ڪري ۽ اندر جي تندن تارن ۽ رڳن کي رباب جيان چوري ڇڏي، هڪ ڏات آهي، جنهن کي به نصيب ٿئي، باقي سنڌ ته شاعرن سان ڀري پئي آهي. ڏات کان وانجهيل شاعر نه ڪنهن تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ نه وري ڪنهن کي ياد رهن ٿا… ها البته مشاهدو شاعريءَ جو لازمي جُز آهي، پوءِ اهو پيار ۽ محبت جو مشاهدو هجي يا معاشري ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن جو.

ارم محبوب: زندگيءَ جو ڪو ڪڙو سچ؟

عنايت بلوچ: زندگيءَ جو “ڪڙو سچ” مون پنهنجي هڪ نظم “مان گيدي آهيان” ۾ بيان ڪيو هو، جيڪو منهنجي شاعري جي ڪتاب “تند ڪٽارو ڪنڌ” ۾ موجود آهي، هي نظم مون جيڪب آباد جي هڪ وڏي مشاعري ۾ پڙهيو هو، ان مشاعري ۾ استاد بخاري مرحوم به موجود هو، جنهن اٿي مون کي وڏو ڀاڪر پائي تمام گهڻو داد ڏنو هو. سنڌ جا جوشيلا نوجوان وڏا وڏا نعرا هڻندا رهندا آهن ته اسين دولهه، دودا ۽ دلير آهيون، پر ڪندا ڪجهه به ناهن، نوجوانن جي اهڙي رويي تي مون اهو نظم لکيو هو، جنهن جا فقط ٻه بند هتي پيش ڪيان ٿو:

مان جڳ مشهور لٻاڙي، مان خوب ٻٽاڪي ڊاڙي،

مان هيڻو بزدل ڀاڙي، ٿي منهنجي خوار پڇاڙي.

ڇو لڌم اهڙيون لاوان،

ڇو در در ڌڪا کاوان.

مان ببر شير ته ناهيان، جو زور سان سينو ساهيان،

۽ ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنايان، مان ناهيان ڪجهه به ناهيان.

مان گدڙ آهيان گيدي،

مان ناهيان هوشو شيدي.

مهان شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي ان حوالي سان منهنجي ڪتاب “تند ڪٽارو ڪنڌ” ۾ لکيو آهي، “ڪي ڪڙا سچ اهڙا آهن، جن جو شاعريءَ ۾ ذڪر شايد سڀ کان پهرين عنايت بلوچ ڪيو آهي، انهن ۾ پنهنجي ماحول تي گهري طنز ۽ خود تنقيدي موجود آهي.”

ارم محبوب: اوهان جي دور ۾ ٽيلينٽ کي اهميت ڏني وئي جنهن جو سبب ذاتي ڪوشش ۽ دلچسپي به آهي، پر اڄ “پرچي سسٽم” هر شعبي ۾ ڪاهجي پيو آهي. ان حوالي سان ڪافي اهڙا  فنڪار سامهون آيا آهن، جيڪي تيز يا چورايل ڌنن تي غير معياري شاعري ڳايو، تڪڙي شهرت ماڻيو، ڪجهه وقت کانپوءِ گم ٿيو وڃن، اوهان ان باري ۾ ڇا چوندا؟

عنايت بلوچ: بلڪل! ان پرچي سسٽم ته سڄي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جتي به وڃو ته سفارش کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿو ٿئي. ميرٽ رکندڙ غريبن مسڪينن جو ڪوبه حال ڀائي ڪونهي. سنڌ ۾ ته وري ڪاپي ڪلچر به تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان پارا ماڻهو جيڪي ميرٽ تي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا ڏکيا امتحان پاس ڪري وڏن عهدن تي پهتاسون ته هينئر جون سفارشي حالتون ۽ پرچي ڪلچر کي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو پهچي، دل جلي پڄري وڃي ٿي، ساڳيو ئي حال ادب جو آهي. پرچي وارن اديبن، شاعرن توڙي فنڪارن جو معاشري ۾ ڪوبه مقام ناهي ۽ نه ئي وري انهن کي ادبي تاريخ ۾ ياد ڪيو ويندو.

ارم محبوب: پنهنجي دور جي اهم ادبي رسالن سهڻي، سوجهرو، برسات، مهراڻ، روح رهاڻ جي مقابلي ۾ اڄ جيڪي سنڌي رسالا مارڪيٽ ۾ اچن پيا، انهن جي ريڊر شپ اها ساڳي ناهي رهي، ڪو سبب؟

عنايت بلوچ: اوهان سبب پڇيو آهي ته ان جو جواب هي آهي ته ڇا طارق اشرف (سهڻي) مولانا غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري، نفيس ناشاد (مهراڻ)، يوسف شاهين (برسات)، تاج بلوچ (سوجهرو) ۽ حميد سنڌي (روح رهاڻ) جهڙا مهان پڙهيل لکيل اديب ۽ مدير اڄڪلهه جي شايع ٿيندڙ رسالن ۾ موجود آهن؟ آئون ان لسٽ ۾ “نئين زندگي” کي به شامل ڪندس جنهن 1960ع کان وٺي 1980ع تائين پنهنجو زبردست معيار قائم رکيو. ڇو ته ان جا ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير حيدري جهڙا داناءَ اديب هئا. شمشير کانپوءِ “نئين زندگي” پڙهڻ جهڙو نه رهيو ۽ نه وري ناشاد کانپوءِ ٽماهي “مهراڻ” ۾ معياري مواد ڇپجي ٿو. اڄ جي دور ۾ افيئر رسالو ڪجهه بهتر مواد شايع ڪري رهيو آهي، پر اڃان به  ان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي جيستائين شايع ٿيندڙ رسالن جي ايڊيٽرن جي پنهنجي مدبرانه صلاحيت مٿانهين نه هوندي، تيستائين بهتر ۽ معياري ادب پڙهڻ جي اميد عبث آهي.

ارم محبوب: اسان جو اديب 80 سيڪڙو اڄ به معاشي بدحالي جو شڪار آهي، ان جو سبب؟

عنايت بلوچ: اديب ويچارا هميشه بدحال رهندا آيا آهن سواءِ ٿورڙن اديبن ۽ شاعرن جي. اردو زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر مرزا غالب سڄي زندگي مفلسيءَ جو شڪار رهيو، سنڌ جا وڏا شاعر ۽ مفڪر جيئن عبدالڪريم گدائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ڪيترائي ٻيا شاعر به مفلسي ۽ غربت جو شڪار رهيا، سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا.

ارم محبوب: سرڪار من پسند اديبن، فنڪارن ۾ سرڪاري فنڊ مان وظيفا جاري ڪري فرض کان آجي ٿيو وڃي، جڏهن ته عملي طور تي اوهان جي خيال ۾ اهي ڪهڙا اپاءُ کڻڻ گهرجن ته جيئن اسان جو سنڌي ليکڪ مالي طور تي ڪمزور نه هجي؟

عنايت بلوچ: اوهان جي سوال سان آئون اتفاق ڪريان ٿو ته سرڪار من پسند اديبن جي مالي امداد ڪري ٿي، بنيادي ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ايمانداري ۽ انصاف پسنديءَ جو وجود ئي ڪونهي. مثال طور: مان ان جو حل هي ٻڌائيندس ته وڏن اديبن ۽ شاعرن تي مبني هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا مستحق اديبن کي وظيفا ڏيڻ لاءِ پنهنجون سفارشون حڪومت کي موڪلي، پر مان يقين سان اوهان کي ٻڌايان ته اهڙي ڪميٽي جا ڪجهه ميمبر وري به چونڊ انهن اديبن جي ڪندا جيڪي ذهني طور کين ويجها هوندا، پوءِ اهي مستحق هجن يا نه. بهرحال ان هوندي به حڪومت لاءِ اهو مشورو اهي ته ناليوارن اديبن ۽ شاعرن جي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا پنهنجون سفارشون حقدار اديبن لاءِ حڪومت کي موڪلي، اهڙيءَ ريت گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو وظيفا مستحق اديبن کي ملي سگهن ٿا.

ارم محبوب: اوهان جو نثر پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اوهان جي طبيعت تي شاعراڻو رنگ وڌيڪ حاوي آهي اها شعوري ڪوشش آهي يا اوهان مزاج ۾ رومانٽڪ آهيو؟

عنايت بلوچ: بيشڪ منهنجو مزاج رومانٽڪ آهي مون کي زندگيءَ ۾ هر جڳهه تي اٿاهه پيار مليو آهي پهريون پيار والدين طرفان مليو، وڏو ٿيس ته جتي به ويس ته هر جڳهه پيار جي پالوٽ ٿيندي رهي، ڪٿي ڦاٿس، ڪٿي ڦٿڪيس، ڪيئي ڳوڙها ڳاڙيم مڙئي سڀ مهربانيون پيار جون هيون، جنهن جي جهلڪ اوهان کي منهنجي شاعري ۾ گهڻي ڀاڱي نظر ايندي.

ارم محبوب: ان مزاج ڪڏهن ڪو پرابلم ڪرئيٽ ڪيو؟

عنايت بلوچ: ها بلڪل… پنهنجي ئي گهر ۾ گهرواريءَ جا رساما ڏسڻا پيا… پرابلم به ٿيا، پر آفرين آهي منهنجي وائف کي جنهن جلد ئي درگذر ڪري ڇڏيو.

ارم محبوب: بلوچ صاحب تمام گهڻي مهرباني “همسري” کي وقت ڏيڻ لاءِ.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments