هڪ عظيم دماغ جو وڇوڙو ۽ لکڻين ۾ موت بابت تاثرات رسول ميمڻ لفظن ۾ ساهه ڦوڪيندڙ تخليقڪار (2021-1956) مدهوش مير December 2021
امر جليل ڪلاس روم ۾ هڪ ڪتاب جي ڳالهه ڪئي ۽ ليکڪ بابت چوي پيو جيڪر رائيٽر ڪنهن روشن خيال ملڪ جو هجي ها ته سڄي عمر ان هڪ ڪتاب جي ڪمائي کائي ها ۽ تاحيات امر رهي ها، پر بدقسمتي سان اهو ليکڪ اسان جي سنڌ جو آهي. امر جليل ڳالهه ڪري پيو رسول ميمڻ ۽ ان جي ناول نجومي جي. امر جليل رسول ميمڻ جي ڪتاب ”ڪافر ديوتا“ ۾ لکي ٿو ته، ”مان رسول ميمڻ جي ڪتاب جو مُهاڳ نه لکندس، مان رسول ميمڻ جي حوالي سان ادب ۾ اولڙن جو ذڪر ڪندس، مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن، رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن، جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن، مان امر جليل جي زباني ۽ اها لکت پڙهي رسول ميمڻ تي عاشق ٿي پيس ۽ محبوب سمجهي ان جي هر ڪتاب جي هڪ هڪ اکر سان پيار ڪيو، رسول ميمڻ صاحب سان منهنجو روحاني رشتو 2018 ۾ جڙيو روبرو ڪابه ملاقات نه ٿي رسول ميمڻ سان تقريبن هر معاملي تي منهنجي فون ڪال ۽ فيس بڪ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، رسول ميمڻ کي ڪجهه عرصو اڳ ڪورونا ٿي هئي وري بلڪل ٺيڪ ٿي ويو ۽ پابندي سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيو. انهن لاڪ ڊائون وارن ڏينهن دوران مان هڪ ڏينهن کانئس کلي هجت مان پڇيو سر ڪورونا اوهان کي لڳي يا اوهان ڪورونا کي لڳي ان جي به نفسيات پيا سمجهو، کليو، چيائين مدهوش علاج ڪيانس پيو، مون به ٽهڪ ڏئي چيو سر يقينن درمل اوهان وٽ آهي، دارون هلي پيو، چيائين ها ڏاڍو خوش طبيعت هو، شخصيت ۾ وڏو رعب هئس، مان مذاق جي دائري ۾ هجتون به ڪندو هئس، چيم سر سزا جزا دنيا ۾ آهي انسان ڏوهه ڪري ڌرتي تي ازالو ادا ڪري وڃي ٿو. چيائين، انسان ازلي گنهگار آهي، مذهب ۾ انسان جي ابتدا گناهه سان ٿي آهي، ثواب اهڙي عمل کي چئجي ٿو ته انسان گناهه جي بي لغام گهوڙي کي قابو ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو، انڪري ثواب بذات خود پاڻ ڪو عمل نه آهي، پر گناهه کي قابو ڪرڻ ثواب آهي. رسول ميمڻ پنهنجين ڪهاڻين نظمن ۾ موت بابت لکي ٿو ته ”دنيا جا سڀ موضوع موت تي ختم ٿي نئين زندگي کي جنم ڏين ٿا، ”انسان بي وس آهي، دنيا ۾ نه فطرت سان معاھدو ڪري اچي ٿو، نه ان کان موت لاءِ رضامندي پڇي وڃي ٿي” ته وري ڪٿي لکي ٿو ته، ”موت ته مڪتي آزادي آهي، معصوم آهي، آزادي خوشي آهي، قيد جبر آهي، موت جي نالي ۾ ايڏو خوف آهي جو انسان ٻڌي خوف ۾ مري وڃي ٿو.“ انسان ڪڏهن هجومن ۾ اڪيلو آهي، اڄ آهي، سڀاڻي نه آهي. منٽن ۾ پيدا ٿي پوي ٿو، سيڪنڊن ۾ مري وڃي ٿو. خوشيون ڏکن ۾ تبديل ٿين ٿيون، وقت سان ڏک وسري وڃن ٿا. رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”الف کان اڳ“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”مان هڪ مايوس ۽ وقت جو فراموش ٿيل ماڻهو آهيان، مون قلم اندر مس جيان پناهه ورتي آهي، قلم جيسين لکي ٿو مان آهيان، ورق وقت آهن، وقت ورقن جيان ڦاٽي وڃي ٿو. انسان جي جذباتي هجڻ جو سبب ان جي اٻوجهائپ آهي، خدا ۽ ڇوٽڪاري جي نانءُ ۾ هو جذباتي ٿي پوي ٿو، عقيدو خلل (Delusion) آهي ۽ ڇوٽڪارو نظرياتي خلل، مان پاڻ هڪ جذباتي شخص آهيان ۽ نظريي جي ڊٺل کنڊرن ۾ دفن آهيان. ڪنهن کي پڪاريان؟ مان پڪاريندو ”الف کان اڳ“ وڃي نڪتس، ”الف“ ته ڪنهن ڏٺو نه آهي، الف کان اڳ جو تصور، ڏاڍو ڏکيو آهي، اهڙي تصور کي نڀائڻ، اهو موضوع نه آهي، ان جي معروض هجڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪهڙو نانءُ ڏيئي سگهجي ٿو، اهڙي ڪيفيت کي؟ اوندهه ئي اوندهه آهي، پر اوندهه موضوع آهي، ان ڪري اها اوندهه به نه آهي، مان منجهيل آهيان، نه اها اسميت(Nominalism) آهي، نه حقيقت (Realism)، نانءُ بذات خود نانءُ آهي، ان ڪري اهو نانءُ نه آهي، ٻيو ڪجهه آهي، منهنجي حيرت مون کي بي خود ڪري ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ رسول ميمڻ لکي ٿو ته مان جڏهن عالمي ادب جي معروف ليکڪ ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتابLives of Destiny پڙهيو هو ته ان جي لکڻيءَ مون کي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هئس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان ”ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن“ جي عنوان سان ۽ انهيءَ ڪتاب جي اڍائي اکرن ۾ لکي ٿو ته مان جڏهن سورهن سال اڳ پنهنجي ڪورس جي ڪتاب ۾ ڊارون جو نظريو The theory of natural selection پڙهيو هو ته لادين ٿي پيو هئس، ان ڏينهن کان خدا جي وجود جو ته پڪو اقراري ٿي پيس، پر مذهب جو انڪاري. جيڪڏهن قيامت ٿي ته خدا کي اهو ئي چوندس ته اهو سڀ ڊارون ئي هو جنهن پنهنجي نظريي کي ڪجهه اهڙن پختن مشاهدن سان پيش ڪيو جو مون وٽ انهن جي قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه جواز نه هو. رسول ميمڻ پنهنجي حياتي ۾ 30 کان مٿي ڪتاب لکيا جن ۾ سائنسي فلسفو، ڪهاڻيون، شاعري، ادب، موسيقي، آرٽ ۽ شاندار تاريخي ناول پڻ شامل آهن. هن جي هر موضوع تي ايتري گرفت هئي جو نفسياتي طور انسان پڙهي دنگ رهجي وڃي ٿو رسول ميمڻ جو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ خال پيدا ڪري ويو آهي.