هڪ ليکڪ، انجنيئر، ڪارخانيدار ۽ ٻائو

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

هڪ ليکڪ، انجنيئر، ڪارخانيدار ۽ ٻائو

الطاف شيخ

گذريل مهيني جِتسُو گاڪو  (Jitsugaku)نالي هڪ جاپاني ڪتاب جاپان ۾ Best Seller مڃيو ويو. سندس ٻن لکن کان به وڌيڪ ڪاپيون هيستائين وڪامي چڪيون آهن. اڄ ڪلهه جي ٽي وي، ڊش، انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ ڪو ڪتاب ايڏو وڪرو ٿئي يا پڙهيو وڃي، وڏي ڳالهه آهي!

جاپاني لفظ جتسو گاڪو، جنهن ۾ ٻه لفظ آهن “جتسو” معنيٰ سچ يا حقيقت ۾، “ گاڪو” معنيٰ علم، سائنس،Study وغيره- يعني صحيح علم يا حقيقي سائنس. بهرحال هي ڪتاب مئنيجمينٽ ۽ اڪائونٽنگ جي پرئڪٽيڪل گائيڊ آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڪازُواو اناموري(Kazuo Inamori) هڪ دلچسپ شخصيت آهي، گھٽ ۾ گھٽ منهنجي خيال ۾. ان ڪري آئون هن بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.

ليکڪ مسٽر اناموري جنهن جي عمر ستر سالن جي لڳ ڀڳ آهي، جاپان جو هڪ وڏو ڪارخانيدار آهي، انجنيئر آهي ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته هو زين ڌرم (ٻڌ ڌرم) جو ٻائو پڻ آهي. جيئن شاعر نالي بدران تخلص سان سڏيو ويندو آهي تئين ٻائي ٿيڻ تي هتي ڌرمي نالو رکيو ويندو آهي. اناموريءَ جو ڌرمي نالو دائيوا آهي. (دائيوا معني سانت، سڪون).

ڪيوٽو جي مشهور ڪمپني “ڪيوسيرا ڪارپوريشن” جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جون شيون ۽ سيمي ڪنڊڪٽرن جا پارٽ ٺهن ٿا، انا موري (دائيوا) ان ڪمپنيءَ جو آغاز ڪندڙ ۽ چيئرمين آهي. جاپان جي ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جڏهن معاشي حالت  خراب هئي تڏهن اناموريءَ 1959ع ۾ هيءُ ڪمپني کولي. ان وقت هن جي فئڪٽريءَ ۾ 28 ڄڻن ڪم ڪيو ٿي. اڄ  چاليهه سالن بعد هن جي ڪمپنيءَ جون نه فقط جاپان ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاخون آهن، جن ۾ اٽڪل ستٽيهه هزار ماڻهو ڪم ڪن ٿا. اناموريءَ جا هن کان علاوه ٻيا به ست ڪتاب لکيل آهن.

ڪجھه ڏينهن اڳ جاپان جي پراڻي تاريخي شهر ڪيوٽو ۾ ڪنهن اخبار نويس مسٽر اناموريءَ کان هن ڪتاب (جتسو گاڪو) ۽ سندس ٻائي ٿيڻ بابت ڪجھه سوال پڇيا، جن مان ڪجھه دلچسپ ڳالهيون هتي بيان ڪريان ٿو.

ڪنهن به ڪمپنيءَ کي هلائڻ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي ٿئي ٿي. ان حساب سان اڪائونٽنگ تمام گھڻي اهم شيءِ آهي. اها (Accounting) صاف ۽ شفاف هجڻ کپي، جيتري قدر به ممڪن ٿي سگھي. مون هيترن سالن کان پنهنجي ڪمپني جنهن ڪاميابيءَ سان هلائي آهي ان جو بنياد ۽ فلاسافي به ان ئي ڳالهه ۾ آهي. ڪيترن ڪارخانن ۽ ڪمپنين جا مالڪ پنهنجن ملازمن ۽ گراهڪن (Consumers) سان غير اخلاقي برتاءُ ڪن ٿا. هنن وٽ ڪو اصول نه آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجو ڪتاب جنهن ۾ اخلاق (Conduct) جا سولا ۽ سادا اصول ڏنل آهن، صحيح وقت تي شايع ٿيو آهي ۽ ماڻهن هن کي هٿو هٿ خريد ڪيو آهي.

ڪمپنيءَ کي پنهنجي اندروني حقيقت کان حصيدارن کي آگاهه ڪرڻ کپي. اسان جاپانين ۽ مغربي ماڻهن جي سماجي طبيعتن ۾ وڏو فرق آهي، اسان هر ڳالهه راز ۾ رکڻ ٿا چاهيون. اسان کي ڪمپنيءَ جي حصيدارن (Share Holders) جي تنقيد ۽ چڙ ٻڌڻ ۽ سهڻ کپي.

ٻڌ ڌرم ۾ منهنجي دلچسپي تڏهن کان پئدا ٿي جڏهن آئون ٻارهن سالن جو هئس ۽ ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهندو هئس. مون کي ننڍي عمر ۾ ئي ٽي بي ٿي پئي ۽ مون کي ٻاهر نڪرڻ بدران گھر ۾ ئي رهڻو پيو ٿي. هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست ٻڌ ڌرم تي ڪجھه ڪتاب آڻي ڏنا. جيتوڻيڪ اڳتي هلي آئون ڪيمسٽري پڙهيس، پر تن ڏينهن جا ٻڌ مت تي پڙهيل ڪتاب هميشه منهنجي دماغ ۾ رهيا. مون کي هر وقت اها جستجو لڳل هئي ته هن زندگيءَ جو مقصد معلوم ڪريان ته انسان ڇو خلقيو ويو آهي ۽ آئون ان نتيجي تي پهتس ته انسان پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ لاءِ پئدا ڪيو ويو آهي ۽ هن کي کپي ته ٻين سان مهربان ٿي هلي ۽ همدرديءَ جا جذبا رکي. آئون ٻڌمت جي سبق موجب reincarnation (وري وري ڄمڻ) ۾ يقين رکان ٿو. منهنجو ڪم پنهنجو پاڻ کي بهتر کان بهتر انسان ٺاهڻ آهي ۽ موت کان اڳ پنهنجي روح کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻو آهي جيئن مون کي نرواڻ حاصل ٿئي.

ڏهه سال کن اڳ مون کي ٻڌ بخشو (ٻائو) ٿيڻ جو شوق پئدا ٿيو. مون هن دنيا جي گوڙ گھمسان کان پري رهي خاموشي ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ چاهي ٿي، جيئن آئون هڪ مَنو ٿي سوچ ويچار ڪري سگھان. آئون پنهنجي دل جي خواهش پنهنجي “روشي” (ٻڌ ڌرم جي وڏي عالم ۽ ڏاهي) سان ڪندي ڊڄي رهيو هئس، پر پوءِ هڪ ڏينهن هن جي مندر ۾، هن سان گڏ “گرين ٽي” پيئندي مون همت ڪري هن سان پنهنجي اندر جو حال ڪيو ۽ هن کان ٻائي ٿيڻ بابت راءِ ورتي. هن منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي صلاح ڏني ته آئون نه فقط پنهنجو مٿو ڪوڙائي ٺوڙهو ٿيان، پر ٻائي ٿيڻ جي مڪمل تعليم ۽ تربيت وٺان- ويندي فقير ٿي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ پنڻ وڃان. سو ٻه سال اڳ، ڪجھه عرصي لاءِ ٻائو ٿيڻ واري ٽولي سان گڏ مون به تربيت ورتي.

ٻائي (بخشو) ٿيڻ جي ٽريننگ دوران اسان کي صبح جو ٽين وڳي اٿڻو پوندو هو، ڪجھه ڪلاڪن لاءِ ويهي فڪر ويچار (Mediation) ڪندا هئاسين. ان بعد نيرن ٿيندي هئي جنهن ۾ رٻ جهڙي ڇڍڙي ڀَت سان آچار ذرو ملندو هو. ان بعد وري گيان (ويچار) جو پيرڊ هلندو هو. منجھند جي ماني به بيحد سادي سودي هوندي هئي. ڪڏهن اوٻاريل ڀت هوندو هو ته ڪڏهن جَون جي رٻ ۽ آچار ذرو ۽ پاڻيءَ جهڙو ڦِنگو سُوپ هوندو هو. اهو سڀ ڪجھه کائي رب جا شڪر ڪندا هئاسين. منجھند جي مانيءَ بعد روشي (استاد، عالم) جي پڙهايل سبق بعد سوال جواب هلندا هئا. رات جي ماني به اهڙي ئي سادي هوندي هئي. ڏهاڙي گيڙو ڪپڙا پائي فقيرن وانگر پنڻ لاءِ نڪرڻو پوندو هو. رات جو ڏهين بجي اسان کي سمھڻو پوندو هو ۽ پوءِ پورن پنجن ڪلاڪن بعد، ٽين وڳي صبح جو وري ساڳي روٽين شروع ٿي ويندي هئي.

ميلن جا ميل پنڌ هلڻ ۽ پنڻ، سڀ ۾ ڏکيو ڪم هو- خاص ڪري مون جهڙي وڏي عمر واري لاءِ، جنهن کي پير ۾ ۽ پٺيءَ ۾ تڪليف هئي. واپس مندر موٽڻ مهل آئون ٻين بخشوئن کان ڪئين گھٽيون پويان هوندو هئس. سڄو ڏينهن پنڻ بعد کاڌي جي ڀري ڪلهي تي رکي وڏي جاکوڙ بعد مندر پڄندو هئس. هڪ پوڙهي عورت جنهن پنهنجي گھر اڳيان ڪک پن صاف پئي ڪيا، منهنجي ويجھو آئي ۽ مون کي پنج سئو يين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. هوءَ پاڻ ئي مسڪين لڳي رهي هئي، پر هن اجر کٽڻ ڪارڻ مون کي خيرات ڏنو. ان وقت، ان گھڙيءَ منهنجي ارد گرد جي هوا ۾ روشي ۽ رحم ڀرجي ويو. مون کي هڪ عجيب هٻڪار محسوس ٿي. آسپاس جي ماحول ۾ خوشي ئي خوشي ڀرجي وئي. ان سموري تجربي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. ٻائي ٿيڻ جي تربيت دوران ٿيندڙ اهو واقعو مون لاءِ هميشه اڻ وسرندڙ رهندو.

مذهب يا ڌرم ڏي رغبت، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هڪ انسان مذهب مان گھڻو ڪجھه پرائي سگھي ٿو. ان جو مدار ان جي نيت ۽ محنت تي آهي (ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي). ضروري ناهي ته هر ماڻهو اها روحاني روشني ڏسي سگھي يا محسوس ڪري سگھي، پر اسان گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو پاڻ کي بهتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ قدرن جو اهو لاڙو ڪمپنيءَ جي management سان به لاڳو ڪري سگھجي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments