بلاگخاص

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر قسط-2

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-2

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر

الطاف شيخ

محمد اسد سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هڪ وڏو عرصو برٽش انڊيا ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد لاهور ۽ ڪراچي ۾ رهيو، پر منهنجي ساڻن ملاقات اسپين ۾ ٿي، جتي ستر واري ڏهي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ مان ايندي ويندي هر دفعي اسان جو جهاز سامان لاهڻ چاڙهڻ يا مرمت لاءِ بار سلونا ۽ اسپين جي ٻين بندرگاهن ۾ ترسيو ٿي. سامونڊي نوڪري ڇڏي سوئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهيل هئس ته 1992ع ۾ محمد اسد جي وفات جي خبر پڙهيسين. هو اسپين جي تاريخي شهر غرناطا ۾ دفن ٿيل آهي.

محمد اسد جولاءِ 1900ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ليمبرگ (هاڻ هي شهر پولينڊ ۾ اچي ٿو ۽ Lvov سڏجي ٿو) ۾ ڪِيوا ويسز نالي هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ليوپولڊ ويسز (Leopold Weiss) رکيو ويو. محمد اسد جو خاندان پشت به پشت ربي (يهودي پنڊت) ٿي رهيو هو، پر سندس پيءُ اهو هلندڙ وهنوار ختم ڪيو ۽ مندر جو ٻائو ٿيڻ بدرا بئريسٽر ٿيو. اسد کي ننڍي هوندي مذهبي تعليم سان گڏ يهودين جي زبان هيبريو ۾ به ڀڙ ڪيو ويو. هن کي اهي سڀ مذهبي ڪتاب پڙهايا ويا جن سان هو گريجوئيٽ ٻائو (Rabi) بڻجي سگهيو ٿي، پر ان دوران هن جي فيملي اباڻو وطن ڇڏي آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي جي يونيورسٽي ۾ اسد فلسفو تاريخ جهڙا سبجيڪٽ پڙهي اخباري نمائندو ٿيو. هو ٻه سال کن وچ يورپ جا چڪر هڻي 1992ع ۾ پنهنجي چاچي سان ملڻ لاءِ يروشلم آيو جتي هن جي ڪيترن ئي عربن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. سال ٻه فلسطين، شام، عراق، مصر ۽ افغانستان جو دورو ڪري هو جرمني جي شهر برلن موٽيو. هن جي دماغ ۾ هر وقت اسلام بابت ڳالهيون رهيون ٿي.

هو پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو واقعو هن ريت ٻڌائي ٿو ته: هو هڪ ڏينهن سال 1926ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي زال ايلسا سان گڏ برلن جي سب وي ٽرين جي مٿانهين ڪلاس واري دٻي ۾ سفر ڪري رهيو هو جنهن ۾ وڏا مير ۽ بزنس مين سفر ڪن ٿا… “منهنجيون اکيون سامهون ويٺل هڪ دولتمند جي چهري ڏي کڄي ويون. هو اعليٰ پوشاڪ پهريل هو ۽ هن جي هر هڪ شيءِ ان ڳالهه جو ثبوت ٿي ڏنو ته هن وٽ زندگيءَ جو هر سک ۽ آسائش موجود آهي، پر مون جڏهن هن جي چهري ڏي غور سان ڏٺو ته هو نه فقط ڏکويل لڳو، پر بيحد ناخوش پڻ! مون اها ڳالهه ايلسا سان ڪئي، جنهن پن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. ان بعد اسان هن گاڏي ۾ ويٺل ٻين اميرن ڏي ڏٺو ته هنن کي به اسان ساڳي مونجهاري ۽ مايوسيءَ ۾ غرق ڏٺو. لڳو ٿي ته اهي ڪنهن لڪل تڪليف ۾ مبتلا هجن. هڪ گهڙيءَ لاءِ مون سوچيو ته ڇا هنن کي ان جي خبر آهي؟ نه، هرگز نه. هو ته سڀ ڪجهه هوندي به بي سڪونيءَ جي حالت ۾ اڃان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهن. پنهنجي زندگيءَ جو معيار اڃان بلند ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. هو اڃان وڌيڪ آسائشون، مادي سهولتون، شيون  شڪليون ۽ پاور حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن ۽ پاڻ پتوڙي رهيا آهن…”

محمد اسد ٻڌايو ته ان ڏينهن شام جو گهر موٽڻ تي هن جون نظرون ٽيبل تي کليل قرآن شريف جي ڪاپي ڏي کڄي ويون جيڪو صبح جو پڙهڻ بعد ايئن ڇڏي ويو هو. مون ان کي بند ڪري ڪتابن جي رئڪ تي ٿي رکيو ته منهنجون نظرون ان کليل صفحي ۾ ڄمي ويون جنهن تي قرآن جي سوره 102 التڪاثر جو انگريزي ترجمو لکيل هو جو مون پڙهڻ شروع ڪيو:

You are obsessed by greed for more & more

الَهاڪُم التڪَاثُر

Until you go down to your graves

حَتيٰ زُرتُمُ المَقَابِرَ…

(توهان کي گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ جي حرض غافل ڪيو (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل کان به ڀٽڪي ويائو). (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورت موجب رکڻ بجاءِ حوس وڌائيندا رهيوء) تان جو وڃي اوهان قبرن کي پهتوء. (زندگي رڳو) ايئن نه آهي. (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙائين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندوء.

وري (چئو ٿا ته زندگي) ايئن نه آهي اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺندوء. پڪ سان ايئن نه آهي جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائي ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).

(پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندوء.

وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندوَ. وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي حوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو).

محمد اسد ٻڌائي ٿو ته: “اهو پڙهي ڪجهه گهڙين لاءِ منهنجي زبان مان ڪو لفظ نه پيو نڪري. منهنجي خيال ۾ ڪتاب منهنجي هٿن ۾ لڏي ويو. مون اهو ايلسا حوالي ڪندي چيو: “هي پڙهه ته سهي! ڇا هي ان ڳالهه جو جواب ناهي جيڪا پاڻ سب وي ٽرين ۾ ڏسي رهيا هئاسين؟” بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ فيصلي وارو جواب هو. مون کي هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هي ڪتاب الهامي آهي جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب اسان کي چوڏهن سئو سال اڳ مليو، پر هن ۾ انهن ڳالهين ۽ پريشانين جو به جواب آهي جيڪي اڄ جي مشيني ۽ جيٽ دور جي مونجهارن ۾ نظر اچي رهيون آهن… هن ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ انسان جي عقل کان مٿي آهي. ان ۾ لکيل حڪمت جون ڳالهيون ۽ انسان لاءِ ڏنل رهنمائي رب پاڪ طرفان ئي آهي.”

بهرحال اها ڳالهه ليوڊ پولڊ ويسس لاءِ Turning point ثابت ٿي ۽ هو مسلمان ٿيو. برلن (جرمني) ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي مسلمان ڪميونٽي وٽ ليو پولڊ ويو ۽ ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. هن پنهنجو نالو “محمد اسد” پسند ڪيو. مسلمان ٿيڻ سان هن ڪجهه قدم يڪدم کنيا. هن جو پيءُ، جنهن جو تعلق هڪ ملڪ جي يهودي گهراڻي جي تبليغي جماعت سان هو، تنهن جي ناراضگي ڪري، هن کان الڳ ٿي ويو. هن ايلسا سان شادي ڪئي، جنهن پڻ اسلام قبول ڪيو (ياد رهي ته ان کان اڳ هي ٻئي بنا نڪاح جي دوستن جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا)، هن اخبار جي نوڪريءَ کي به الوداع ڪئي ۽ حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي روانو ٿيڻ جي تياري ڪئي.

اسد اسلام کي فقط مذهب نٿي سمجهيو، جيڪو عام طرح ٻين مذهبن کي سمجهيو وڃي ٿو يا مغربي ماڻهن اسلام کي به ايئن سمجهيو ٿي پر هن اسلام کي هر دور کان هڪ ڪامل مذهب ۽ زندگي گذارڻ جو سڦل طريقو سمجهيو ٿي. اسلام روز مره جي زندگي گهارڻ لاءِ Practical Guide آهي، جنهن جا اصول Harmoniously Balanced آهن.

بقول محمد اسد جي:

“Islam appears to me like a perfect work of architecture. All Its parts are harmoniously conceived to complement and support each other: nothing is superfluous and nothing lacking: and the result is a structure of absolute balance and solid composure.”

مڪي پهچڻ کان نو ڏينهن پوءِ اسد جي زال ايلسا گذاري وئي جيڪا اتي دفن ڪئي وئي. پاڻ في الحال مڪي ۾ رهيو پيو هو ته ڪعبت الله جي لائبريري ۾ هڪ ڏينهن اسد جي شهزادي فيصل سان ملڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن کيس پنهنجي والد بادشاهه عبدالعزيز السعود سان ملڻ جي دعوت ڏني. هن دعوت ۾ بادشاهه عبدالعزيز محمد اسد جي ڄاڻ، روحاني گهرائي ۽ صاف سٿري سوچ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو هو روز اسد کي پاڻ وٽ گهرائي خبر چار ڪرڻ لڳو. …(هلندڙ)…