هڪ يهودي ڇوڪريءَ جو اسلام ڏي سفر

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

هڪ يهودي ڇوڪريءَ جو اسلام ڏي سفر

الطاف شيخ

يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ دوران، خاص ڪري تعليم دوران، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾، جتي جي مسجدن ۾ جتي عرب دنيا ۽ ترڪيءَ جا عالمِ دين ليڪچر ڏيڻ ايندا هئا اتي يورپ جا گورا نو مسلم به اسلام بابت ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. هو اسان (پرديس ۾ رهندڙن) جي پڇيل سوالن ۽ مونجھارن جا جواب پڻ ڏيندا هئا. اڄ ڪلهه “Peace” چئنل تي جيڪي عالم اچن ٿا انهن مان ڪافي مون ڊئنمارڪ جي مسجد ۾ ليڪچر ڏيندي ٻُڌا. ’ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ‘ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هو ان کي ۽ سائوٿ آفريڪا جي گجراتي عالمِ دين ”احمد ديدات“ کي به پهرين اتي ڏٺو. هڪ ڳالهه  مون نوٽ ڪئي ته يورپ يا آمريڪا جا گورا توڙي شيدي، جيڪي پنهنجو مذهب ڇڏي مسلمان ٿين ٿا انهن کي اسلام جي وڏي ڄاڻ ٿئي ٿي. بلڪه هو اسلام بابت چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪري ان بعد پنهنجو اباڻو دين عيسائيت يا يهوديت ڇڏي اسلام جي دائري ۾ اچن ٿا.

اڄ ڪلهه پهرين ڪلاس کان اسلاميات پڙهائي وڃي ٿي، هر ڳوٺ ۾ مدرسا آهن، گهرن ۾ درس ٿئي ٿو ۽ ٻارن کي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ نه اسڪول ۾ ۽ نه گهر ۾ ديني تعليم جو بندوست هو. عمر وڌڻ تي اسلام بابت ڪيترائي سوال اسان جي دل ۾ اڀريا جن جا جواب ڳوٺ جي ان وقت جي مولبين جيڪي ڏنا ٿي انهن مطمئن نٿي ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته هنن کي پاڻ به ايترو علم نه هو. گهڻي پُڇ پُڇ ڪرڻ تي دڙڪا مليا ٿي. مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهچڻ وقت مونکي لئبرريءَ مان مولانا مودودي جو هڪ انگريزي ڪتاب Towards Understanding Islam مليو. هن کي مون ٻه دفعا پڙهيو. مولانا مودوديءَ تمام آسان نموني سان هڪ مون جهڙي اڻ ڄاڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ اسلام بابت ڄاڻ ڏني آهي. ان ڪتاب مونکي اسلام بابت ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ آئون اڄ تائين مسلمان توڙي غير مسلم شاگردن کي اهو ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪندو اچان.

مولانا ابوالاعلي مودودي جي هڪ سياسي پارٽي ”جماعت اسلاميءَ“ سان سڃاڻپ پنهنجي جاءِ تي ۽ جنهن جماعت کي بنگال ۾ ’البدر‘ ۽ ’الشمس‘ جهڙن گروهن بدنام پنهنجي جاءِ تي ضرور ڪيو پر مولانا مودودي جي ڪردار ۽ اسلامي خذمتن جي واکاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي….. خاص ڪري سعودي عرب، ملائيشيا، تنزانيا، زئنزيبار…. جن ملڪن ۾ منهنجو جهاز هلائڻ دوران گهڻو اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو. ايتريقدر جو مولانا مودودي جو قرآن جو تفسير (ڇهن جلدن تي مشتمل ”تفهيم القرآن“) انهن ملڪن جي مقامي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل نظر آيو. آئون به سڀ کان گهڻو اهو پڙهان ٿو جو مونکي اهو وري به ٻين جي مقابلي ۾ آسان اڙدو ۾ لڳي ٿو. هن جيتوڻيڪ قرآن جو لفظ به لفظ ترجمو  نه ڪيو آهي پر اسانجي گرامر موجب لس ئي لس لکيو آهي ان ڪري اسان جهڙن عربيءَ کان گهٽ واقفيت وارن لاءِ اهو  سمجھڻ آسان ٿو رهي. هتي اهو به لکندو هلان ته  مودودي صاحب پهريون شخص آهي جنهن کي سعودي عرب طرفان 1979ع ۾ ”شاهه فيصل انٽرنيشنل ايوارڊ“ ڏنو ويو هو ۽ سندس وفات تي مڪي ۾ ”غيبي جنازي نماز“ پڙهائي وئي. النجاشي بادشاهه اشاما ابن ابجار بعد مولانا مودودي دنيا جو ٻيو ماڻهو آهي جنهن جي جنازي نماز ڪعبة الله ۾ پڙهائي وئي. نجاشي اهو بادشاهه هو جنهن وٽ حبش ۾ مڪي جا مسلمان هجرت ڪري ويا هئا جنهن کي اصحابي حضرت جعفر ابن ابي طالب قرآن جي سورت ”مريم“ پڙهي ٻڌائي هئي جيڪا ٻڌي هي عيسائي حاڪم ۽ ان جا پادري بيحد متاثر ٿيا هئا ۽ مسلمانن کي واپس موڪلڻ بدران پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو هو.

مون مٿي لکيو آهي ته مغرب جو ڪو عيسائي يا يهودي پنهنجو دين ڇڏي اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ مسلمان ٿيڻ بعد اهڙا ڪيترا نو مسلم پنهنجين تقريرن ۽ لکڻين ذريعي اسلام جو دفاع ڪن ٿا، اسان جهڙن گهٽ ڄاڻ رکندڙ مسلمانن ۽ غير مسلمانن کي اسلام جي معلومات ڏين ٿا. هڪ اهڙي يهودي نو مسلم محمد اسد (جيڪو 1900ع ۾ آسٽريا ۾ Leopold Weiss نالي سان هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ ڄائو) بابت تفصيل سان لکي چڪو آهيان ۽ جنهن جي ڪتاب A Road to Mecca مونکي ايڏو ته متاثر ڪيو جو مون پنهنجي سعودي عرب واري سفرنامي جو نالو ”اي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو.

محمد اسد جي مٿئين ڪتاب ۽ قرآن جي انگريزي ترجمي ۽ تفصير The Message of the Quran جنهن جي  مڪمل ڪرڻ ۾ هن کي 17 سال لڳي ويا، مغرب جي ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ محمد اسد صاحب جي لکڻين ڪري ڪيترائي مسلمان ٿيا جن مان هڪ بيحد نامياري شخصيت ’مريم جميلان‘ آهي جيڪا نيويارڪ جي رهاڪو هئي ۽ هن جا ماءُ پيءُ پڻ اسد جي والدين وانگر ڪٽر يهودي هئا ۽ هن مسلمان ٿيڻ بعد اسلام تي محمد اسد کان به وڌيڪَ لکيو. مريم جميلان جي لکڻين مان به اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي غير مسلم توڙي مسلمان اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. اسد وانگر هن به عمر جو وڏو حصو پاڪستان ۾ گذاريو ۽ مولانا مودودي کان تعليم حاصل ڪئي. اڄ دنيا جي مسلمانن کي مريم جميلان ۽ محمد اسد جهڙن نو مسلم تي فخر آهي ۽ يورپ وارا سچ ٿا چون ته: ”مريم جميلان ۽ محمد اسد مغرب طرفان دنيا جي مسلمانن لاءِ وڏو تحفو آهن.“

مريم جميلان (Maryam Jameelah) 1934ع ۾ ’مارگريٽ مارڪيوس‘ جي نالي سان نيويارڪ ۾ يهودي والدين جي گهر ۾ جنم ورتو جن جا وڏا جرمنيءَ کان لڏي USA ۾ اچي رهيا هئا. مريم آمريڪا جي جديد تهذيب ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. هن کي پنهنجي مغربي تهذيب جي ظاهري ”چمڪ ڌمڪ“ جنهن کي ڊاڪٽر اقبال ”ڪوڙن نگن جي طمعڪاري“ سڏيو آهي، هن کي بلڪل متاثر نه ڪيو. مغرب ۾ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو شاديءَ کان اڳ ملڻ يعني Dating، رقص ۽ سرور جون محفلون ۽ هل هنڀوڇي واريون مجلسون جيڪي مغرب جي طرزِ زندگيءَ جو حصو آهن، هن جي زندگي کان ٻاهر هيون. اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ هن مذهب جي ”تقابلي مطالعي“ Comparative Study جي چونڊ ڪئي. يهودي گهراڻي ۾ ڄمڻ جي باوجود هن نه فقط يهوديت کان بيزاري محسوس ڪئي پر فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن کي دل سان محسوس ڪيو. اسڪول جي ڏينهن کان وٺي هن ايشيائي، خاص ڪري عرب ڪلچر ۽ تاريخ لاءِ ڪشش محسوس ڪئي. هن جي يهودي مٽن مائٽن ۽ ڪلاسي ساٿين جڏهن اسرائيل کي سپورٽ ٿي ڪيو ته هن انهن جي خلاف ڳالهايو ٿي ۽ عربن ۽ فلسطينن سان همدردي ڪئي ٿي. ان احساس جو اظهار هن جي پهرين قلمي ڪاوش ”احمد خليل“ جي صورت ۾ سامهون آئي. هي ناول هن تڏهن لکڻ شروع ڪيو جڏهن  هن جي عمر فقط چوڏهن سال هئي ۽ هوءَ اڃان اسڪول جي شاگردياڻي هئي. مذهبن جي ڀيٽ واري مطالعي مان جيڪو علم هن قرآن ۽ حديث جي باري ۾ حاصل ڪيو هو، ان کي هُن هِن ناول ۾ استعمال ڪيو ۽ جڳهه جڳهه تي قرآن جي آيتن ۽ حديثن جا حوالا ڏنا آهن. ظاهر آهي سڄو خاندان هن جي خلاف ٿي ويو. هي ناول هن يروشلم جي مفتي اعظم حاجي امين الحسيني کي منسوب ڪيو.

يهوديت کان بيزاريءَ بعد مريم (جيڪا اڃان مارگريٽ جي نالي سان سڃاتي وئي ٿي) عيسائيت جو مطالعو ڪيو پر جڏهن هوءَ ان مان به مطمئن نه ٿي ته هن اسلام بابت لکيل ڪتاب ڳولڻ  شروع ڪيا. انهن ڏينهن ۾، يعني 1951 واري ڏهاڪي تائين جيڪي نيويارڪ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان رهيا ٿي اهي پنهنجي روزگار پٺيان ئي مشغول هئا. مريم عرب دنيا ۽ پاڪستان جي ڊزن کن ماڻهن سان خط و ڪتابت ڪئي پر هي سلسلو گهڻي دير نه هلي سگهيو. پوءِ هن عالم اسلامي جي نامور عالمن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ 1960ع تائين هن ڪيترن ئي عالمن سان رابطو قائم ڪيو جن ۾ واشنگٽن ۾ مرڪز اسلامي جو ڊائريڪٽر محمود حب الله، فرانسيسي سامراج جي خلاف جدوجهد جو اهم رهنما، آلجيريا جو شيخ محمد بشير ابراهيمي، مصر جي جامع الازهر جو ڊاڪٽر محمد البهائي، پئرس ۾ رهندڙ معروف اسڪالر ڊاڪٽر حميد الله وغيره اچي وڃن ٿا. هن اخوان المسلمون جي سربراهه سيد قطب شهيد سان به رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ مصر جي جيلن ۾ ڊگهو قيد ڪاٽي رهيو هو. فيبروري 1960ع ۾ هن ”سائوٿ آفريڪا“ مان شايع ٿيندڙ هڪ رسالي “The Muslim Digest of Durban” ۾ مولانا مودوديءَ جو هڪ مضمون “Life after Death” پڙهيو جيڪو هن کي ان وقت تائين پڙهيل مضمونن ۾ سڀ کان گهڻو بهتر ۽ متاثر ڪندڙ لڳو. هن رسالي جي ايڊيٽر کي خط لکي مولانا مودوديءَ جي ائڊريس حاصل ڪئي ۽ هن سان خط و ڪتابت شروع  ڪئي. ان وقت تائين هن اڃان اسلام قبول نه ڪيو هو پر پهرين خط ۾ هن جن خيالن جو اظهار ڪيو ان جو جواب ڏيندي مولانا سيد ابو الا عليٰ مودوديءَ 21 جنوري 1961ع تي هن کي جيڪو خط لکيو ان ۾ هو هن سان ”السلام عليڪم“ سان مخاطب ٿيو ۽ پوءِ وضاحت ڪئي، ”آئون ڄاڻي واڻي توهان کي السلام عليڪم چئي مخاطب ٿيو آهيان جيڪو مسلمانن ۾ هڪ ٻئي سان ملڻ يا ڳالهه شروع ڪرڻ جو طريقو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيتوڻيڪ توهان اڃان اسلام قبول ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهيون آهيو پر مونکي يقين آهي ته توهان پهرين ئي مسلمان ٿي چڪيون آهن. جيڪو شخص خدا کي هڪ مڃي ٿو،  محمد صلي الله عليه والي وسلم کي آخري نبي، قرآن کي الله جو ڪلام مڃيندو هجي ۽ آخرت تي يقين رکندو هجي ته اهو چاهي يهودي گهراڻي ۾ پئدا ٿيو هجي، ڪنهن عيسائي گهراڻي ۾ يا ڪنهن ڪافر جي گهر ۾، اهو مسلمان ئي ٿيو. توهان جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته توهان انهن ڳالهين تي ايمان رکو ٿيون، ان ڪري آئون ته توهانکي مسلمان ئي سمجھان ٿو ۽ دين جي ناتي سان پنهنجي ڀيڻ.“

انهيءَ دوران  مارگريٽ (مريم) نو مسلم يهودي محمد اسد جو هڪ ڪتاب The Road to Mecca پڙهيو جنهن هن تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ هن مسلمان ٿيڻ جو پڪو فيصلو ڪيو. ان بابت ڪيترن هنڌن تي آهي ته:

“She was also inspired by Muhammad Asad’s book “The Road to Mecca”, which recounted his journey and eventual conversion from Judaism to Islam”

آخرڪار، 24 مئي 1961ع تي مارگريٽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ۽ پنهنجو نالو مريم جميلان رکيو. مريم جميلان جي وفات تي ڪجهه اخبارن ۾ جيڪي خبرون شايع ٿيون انهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن مولانا مودودي جي هٿ تي اسلام قبول  ڪيو هو. پر دراصل ڳالهه ائين نه آهي. هن بروڪلين (نيويارڪ) جي شيخ دائود احمد فيصل جي هٿن تي اسلام قبول ڪيو هو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ائٽ هوم ان پاڪستان“ ۾ پتوڪي مان 7 سيپٽمبر 1962ع تي پنهنجي ماءُ پيءُ ڏي لکيل خط ۾ ڪيو آهي.

ڪتاب پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ لکندو هلان ته هن ڪتاب جو ويجھڙائيءَ ۾ اڙدو ترجمو ”آمريڪا سي هجرت“ اهم ادبي شخصيت ڪرنل (ر) اشفاق حسين ڪيو آهي. ڪرنل اشفاق پاڻ به 8 کن ڪتابن جو مصنف آهي جن ۾ طنز مزاح جي مشهور سيريز ”جينٽل مين“ پڻ شامل آهي.

اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي مريم جميلان مغربي تهذيب کان بيزار هئي ۽ هن جي رهڻي ڪهڻي مغرب جي رسم و رواج کان بلڪل مختلف هئي. ساڍا ٽي سال کن هوءَ نفسيات جي ماهرن جي نظر هيٺ پڻ رهي پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو…. مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي….. ٻه سال هوءَ دماغي امراض جي اسپتالن ۾ رهي. آخرڪار هوءَ ان نتيجي تي پهتي ته آمريڪي معاشري ۾ هن لاءِ ڪا جاءِ ناهي. انهن ڏينهن ۾ مولانا مودوديءَ هن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني.

پنهنجو گهر ۽ مائٽن مٽن کان جدائي اختيار ڪرڻ ڪو آسان فيصلو نه هو. ڏيڍ سال هن ان سوچ ويچار ۾ گذاريو ۽ پوءِ آخرڪار هجرت جو فيصلو ڪيو ـــ خاص رب پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي معاشري جي ڳولا ۾، جتي هوءَ پنهنجي دين مطابق زندگي گذاري سگهي…. جتي ڪو کيس روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه هجي. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو نيويارڪ کان ڪراچي باءِ ايئر اچي سگهي. بحري مسافر بردار جهازن جي ٽڪيٽ اڃان به گهڻي ٿي ٿئي جو انهن جي رهائش ۽ سهولتون فائو اسٽار هوٽل جهڙيون ٿين ٿيون. ان ڪري هن هڪ مال بردار (ڪارگو) جهاز ۾ سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. هڪ مهيني جي ڏکئي سامونڊي سفر بعد هوءَ ڪراچي پهتي. رستي تي هي ڪارگو شپ جنهن جو نالو ”دي هيلينڪ ٽارچ“ هو مصر، سوڊان، جبوتي ۽ سعودي عرب جي بندرگاهه جدي ۾ سامان لاهيندو ۽ چاڙهيندو رهيو ۽ مريم جميلان کي اسلامي دنيا کي ويجھڙائي مان ڏسڻ جو پهريون موقعو مليو. هن سفر جون دلچسپ ڳالهيون هوءَ پنهنجي  ماءُ کي رستي تان لکندي رهي. والدين سان خط و ڪتابن جو سلسلو پاڪستان اچڻ بعد به جاري رهيو. اهي ئي خط بعد ۾ ڪتابي شڪل ۾ “At Home in Pakistan” جي نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيا. هن هي ڪتاب ”مولانا مودوديءَ“ کي منسوب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ هوءَ لکي ٿي….

”آمريڪا کان پاڪستان جو سفر هڪ هجرت هئي جنهن جو مقصد هڪ اهڙي جڳهه جي ڳولا هئي جتي پنهنجي اباڻي ملڪ آمريڪا جي ڀيٽ ۾، آئون اسلام مطابق ڀرپور زندگي گذارڻ جي اميد رکي سگهان….

”پڙهندڙن طرفان هڪ حيران ڪندڙ سوال هي ٿي سگهي ٿو ته مان ماڊرن آمريڪي ڇوڪري جيڪا نيويارڪ جهڙي وڏي شهر ۾ پيدا ٿي، اتي ئي پلي نپني، هن هر قيمت تي خوشين کي حاصل ڪرڻ ۽ آرزوئن جي پورائي لاءِ ٽين دنيا جي هڪ پٺتي پيل ۽ غريب ملڪ ۾ رهڻ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ هن ڪتاب ۾ ڇپيل منهنجا خط جيڪي مون شروع جي سالن ۾ لاهور ۽ پتوڪيءَ مان لکيا آهن، انهن ۾ مٿين سوالن جا مفصل جواب آهن…..“

هڪ نو مسلم جي ايمان آڻڻ جي ڪٿا کان علاوه ڪو پڙهندڙ سٺي انگريزيءَ مان لطف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو مريم جميلان جا ڪتاب ضرور پڙهي. بينظير جي لکڻين وانگر هن جي انگريزي به پڙهڻ وٽان آهي. مالبردار بحري جهاز ۾ سفر دوران هن  مختلف بندرگاهن ۾ مسلمانن جو توڙي جهاز جي آفيسرن جي ٽوڪ طعني ۽ بندرگاهن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو احوال هن دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي ۽ ان وقت جي يعني 1960ع واري ڏهاڪي جي جهازراني جي خبر پوي ٿي. هي اهو ڏهو آهي جنهن ۾ مون (1968ع کان) جهاز هلائڻ شروع ڪيا…… جن ڏينهن ۾ اسانجي ڪارگو جهاز تي به ڪجهه مسافرن جي سفر ڪرڻ جو بندوبست هوندو هو. پوءِ اسان جهاز هلائيندڙ انهن مسافرن سان ڪڏهن ڪڏهن اجايو سجايو بحث  ڪندا هئاسين. مريم جميلان سان به جهاز جا آفيسر جيڪي عيسائي ۽ يهودي هئا سڄي واٽ بحث خاطر سندس نئين مذهب کي قبول ڪرڻ تي ٺٺوليون ۽ ٽوڪون ڪندا رهيا.

محترما مريم جهاز تان لکيل 3 جون 1962ع واري خط ۾ لکي ٿي ته ”جهاز جي يوناني ڪئپٽن عربن ۽ مسلمانن سان سخت نفرت ڪئي ٿي. هن جي نظرن ۾ اهي ڄٽ، جاهل، گدلا ۽ مذهبي نون وارا هئا. هن کي مون سان سڀ کان وڏو اعتراض منهنجي حجاب ڪري هو. هن چيو ته هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ نوجوان ۽ پُرڪشش آمريڪي ڇوڪري، مشرقِ وسطيٰ جي پٺتي پيل ماڻهن جهڙو لباس  پائڻ ڇو ٿي پسند ڪري؟ مون وراڻيو مانس ته آئون هڪ مسلمان آهيان ۽ چاهيان ٿي ته ڏسڻ ۾ به مسلمان ئي اچان. ۽ ٻي ڳالهه ته آئون هن لباس ۾ پاڻ کي سکيو ۽ خوش محسوس ڪريان ٿي“.

مصر جي بندرگاهه اسڪندريا ۾ جهاز ٻه ڏينهن ترسيو ته  مريم هن بندرگاهه جون  مسجدون ۽ گهٽيون گهمڻ ۽ ماڻهن جا حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ جهاز تان لٿي. سڄي عمر نيويارڪ ۾ رهڻ بعد هيءَ دنيا هن لاءِ نه فقط عجيب هئي پر حيرتناڪ پڻ. پاڻ لکي ٿي: ”جي ها! اها ڳالهه صحيح آهي ته هتي مونکي اها سڄي غربت ۽ پسماندگي نظر آئي جيڪا مصر بابت لکيل هر ڪتاب ۾ وڏي نفرت سان ٻڌائي وڃي ٿي ۽ مغربي دنيا جو هر هڪ ماڻهو جيڪو هتي آيو ۽ آمريڪا ۾ مون سان مليو، تفصيل سان ان جو ذڪر ڪيو……. پر مون اهو ڪجهه ڏٺو جيڪو هو نه ڏسي سگهيا…. جي  ها! غربت ته ضرور هئي پر مايوسي نه هئي. گهٽيءَ ۾ ٻار کل خوشيءَ ۾ راند کيڏي رهيا هئا. هاڪر پنهنجين شين کي وڪڻڻ لاءِ مٺن سرن وارن راڳن ۾ گِراهڪن کي سڏي رهيا هئا. ٻه ننڍڙيون ڇوڪريون هَٿ هَٿ ۾ ڏئي پسار ڪري رهيون هيون. هڪ نوجوان پيءُ کي ڏٺم جنهن پنهنجي ڌيءَ کي ڪلهن تي سوار ڪيو هو….. نه نه هن کي ڪير مايوس ڪندڙ منظر يا غمناڪ جاءِ چوندو. ماڻهو خوش پاش لڳي رهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ مون ته اهو ئي تاثر ورتو. هنن جي ڳالهائڻ ۾ نرمي هئي، هو مهربان، مشفق ۽ منڪسر المزاج لڳي رهيا هئا. اتي گهمندي مونکي هڪ طرح جو پنهنجائپ جو احساس ٿيو، ڄڻ آئون پنهنجن دوستن جي وچ ۾ هجان. ان کان به وڌيڪَ اهو احساس ته هاڻ آئون به انهن مان ئي آهيان….“

مصر توڙي سوڊان ۽ سعودي عرب ۾، نوجوانن توڙي پوڙهن….. سڀني اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي ته هڪ آمريڪي ڇوڪري ٿي ڪري مون اسلام ڪيئن قبول ڪيو؟ جيڪڏهن ڪو آمريڪي، خاص طور تي ڪو يهودي مونکان اهو سوال ڪري ها ته  هو ڪنهن وڏي شاهي فلسفيانا جواب جي اميد رکي ها ۽ منهنجي دماغي حالت تي شڪ به ڪري ها، پر هتي مون فقط ايترو چيو ٿي ته ”الله جڏهن چاهي ٿو رهنمائي عطا فرمائي ٿو“ ۽ هو منهنجي ڳالهه يڪدم سمجھي ويا ٿي ـــ چڱيءَ طرح.“

پاڪستان ۾ پهريون سال ته مريم جميلان لاهور ۾ مولانا مودوديءَ جي گهر ۾ گذاريو ۽ هن جي ٻارن ٻچن سان رلي  ملي وئي ۽ آهستي آهستي اردو پڻ سکڻ لڳي.

مولانا مودودي ۽ ان جي گهر بابت (جتي آمريڪا مان اچڻ تي مريم جميلان رهي)، اڇرهه لاهور مان هوءَ 12 جولائي 1962ع واري ماءُ پيءُ ڏي لکيل خط ۾ لکي ٿي: ”اسانجو گهراڻو مولانا مودودي، ان جي زال، ان جي نوَ ٻارن، هڪ رڌ پچاء ڪندڙ عورت ۽ هڪ ڪم ڪار ۾ مدد ڪندڙ ڇوڪر تي مشتمل آهي. مولانا مودودي 1903ع ۾ ڄائو پر هو سٺ سالن جو لڳڻ بدران اسي سالن جو لڳي ٿو. هو ڊگهو عرصو جيلن ۾ رهيو ۽ 1953 ۾ کيس موت جي سزا به ڏني وئي هئي. جيل ۾ رهڻ ڪري هن جي صحت خراب ٿي وئي آهي پر ان هوندي به  هو دين جي ڪمن کي لڳو رهي ٿو.

”منهنجي هتي پهچڻ کان ڪجهه روز اڳ هو سعودي عرب جي دوري تان واپس آيو هو جتي هن شاهه عبدالعزيز بن سعود سان مديني ۾ هڪ ”اسلامي يونيورسٽي“ ٺهرائڻ بابت خيالن جو تبادلو ڪيو هو. مولانا مودودي شاهه ابن سعود جو ويجھو دوست آهي ۽ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ هو چار دفعا سعودي عرب وڃي چُڪو آهي. هو جماعت اسلامي جو به سربراهه آهي جنهن تي اڄ ڪلهه پابنديون لڳل آهن.

”مونکي مولانا مودوديءَ جي گهر واري به تمام گهڻو پسند آهي. گهر جون ذميواريون نڀائڻ سان گڏوگڏ هوءَ پاڙي جي ڪيترن ئي گهرن ۾ قرآن ۽ حديث جو سبق ڏيڻ وڃي ٿي ۽ عورتون هن جون ڳالهيون غور سان ٻڌن ٿيون.

”عمر فاروق مولانا جو سڀ کان وڏو پٽ آهي ان بعد احمد فاروق آهي جنهن جي عمر اٽڪل 25 سال ٿيندي. هو ڊاڪٽر بڻجڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. مولانا جي ڌيءَ حميران ويهه ٻاويهه سالن جي آهي ۽ انگريزي ادب ۾ ڊگري حاصل ڪري رهي آهي. 19 سالن جي اسماءَ معاشيات ۾ ايم اي ڪري رهي آهي. مون جڏهن مولانا صاحب کان پڇيو ته هن جون ڌيئرون انگريزي ڇو پڙهي رهيون آهن ته هن جواب ڏنو ته  ملڪ ۾ برطانيه ۽ آمريڪا جو ايترو ته اونهو اثر آهي جو ڪنهن به پڙهيل لکيل جو تيستائين ڪو عزت نٿو ڪري جيستائين هو مغربي علوم تي عبور حاصل نه ڪري. جيڪو ماڻهو فقط علوم اسلاميه سکي ۽ هن کي انگريزي نه اچي ته پوءِ ماڻهن جي نظرن ۾ هن جي اهميت نٿي ٿئي ۽ ماڻهو هن جو احترام نٿا ڪن.

”مولانا جو ٻيو پٽ محمد فاروق 18 سالن جو ۽ ٽيون  حيدر فاروق 15 سالن جو آهي.  محمد فاروق هاڻي اسڪول جي آخري سال ۾ آهي، هو ڪرڪيٽ جو چئمپين رانديگر آهي ۽ روز کيڏڻ وڃي ٿو. ٻين ٻارن وانگر حيدر فاروق کي پکي ۽ جانور پالڻ جو شوق آهي. بيگم مودوديءَ مونکي ٻڌايو ته هڪ دفعي هو ڪتي جو پونگڙو پالڻ لاءِ کڻي آيو پر پڻس منع ڪيس ته ڪتو نجس جانور آهي. حيدر کانپوءِ ڏهن سالن جو خالد آهي جنهن جون اکيون هر وقت ننڊاکڙيون رهن ٿيون. هن جو شوق ترڻ آهي ۽ محلي جي ٻارن سان گڏ هو اڪثر نهر ۾ ترڻ وڃي ٿو. مولانا مودوديءَ جي سڀ کان لاڏلي ڌيءَ ڇهن سالن جي عائشه آهي جنهن کي سڄي فئملي ”بيبي“ سڏي ٿي. هوءَ منهنجي انگريزي ڳالهائڻ واري لهجي جون اڪثر طراحون ڪري کل ۾ کيري ٿي ويندي آهي. هن هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ اسڪول وڃڻ شروع  ڪيو آهي. مولانا مودوديءَ جي سيڪريٽري ملڪ غلام علي ۽ ڪتابن جي پبلشر ميان طفيل محمد جا ٻار پڻ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ۾ خالد ۽ عائَشه سان کيڏڻ لاءِ ايندا آهن.“

ڪجهه عرصي بعد جماعت اسلامي جي هڪ ڪارڪن حڪيم نعمت علي خان مريم کي پنهنجي ڳوٺ پتوڪي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. ابتدائي طور هوءَ ٻن ٽن ڏينهن جو سوچي ”پتوڪي“ رواني ٿي پر ڳوٺاڻي زندگيءَ جو سادو سودو ماحول هن کي ايڏو ته پسند آيو جو هوءَ پنهنجو مختصر سامان جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب هئا، کڻي پتوڪيءَ منتقل ٿي وئي. اتي هن جي رهائش سال کن رهي. پتوڪيءَ ۾ رهائش دوران هن جو رابطو ڪراچيءَ جي هڪ دغا باز صحافيءَ سان ٿيو، جنهن هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه وهاري ته مولانا مودودي هن جي جان جي پويان آهي ۽ هن کي مارائي ڇڏيندو. مريم جميلان هن جي ڪوڙڪين ۾ اچي وئي ۽ هن کي لکيو ته هو پتوڪي اچي هن کي وٺي وڃي. هن صحافيءَ کي ته ڇا اچڻو پيو، لاهور کان ميان طفيل  آمريڪي سفارتخاني جو هڪ اهلڪار ۽ دماغ جي اسپتال جو انچارج هن کي وٺڻ لاءِ پتوڪي پهچي ويا. لاهور ۾ هن کي دماغي امراض جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان کانپوءِ به هن جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڊرامائي موڙ آيا پر آخرڪار هن جي شادي هڪ پٺاڻ گهراڻي ۾ محمد يوسف خان سان ٿي جيڪو پهرين ئي شادي شده هو ۽ ان وقت هن کي پهرين زال مان چار ٻار ٿي چڪا هئا ۽ مريم سان شادي ڪرڻ بعد پهرين مان _ ٻيا به پنج ٻار ٿيا. مريم مان کيس ڪل پنج ٻار ٿيا جن  مان پهريون ٻار عائشه ڪجهه  مهينن بعد گذاري وئي باقي چار ٻار: حليمان، خالد، حيدر ۽ ماريا وڏا ٿي پوٽن ڏهٽن وارا ٿيا.

شادي بعد لاهور ۾ رهي هن کي پنهنجي صلاحيتن کي آزمائڻ جو موقعو مليو. هن پنهنجو پاڻ کي لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏيو ۽ تمام اعليٰ قسم جا ڪتاب لکيا جن جا ترجما ڪيترن ئي زبانن اردو، فارسي، ترڪ، بنگالي، ملئي وغيره ۾ ٿي چڪا آهن. هن جا لکيل خط، مضمون، تقريرون، ڪالم، ڪئسٽ، آرٽ ورڪ ”نيويارڪ پبلڪ لئبرري“ جي ”سوشل سائنس لئبرريءَ“ ۾ موجود آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته مريم جميلان ننڍي هوندي کان سٺي آرٽسٽ هئي ۽ هن جو پهرين ڪتاب ”احمد خليل“ ۾ ٺهيل تصويرون سندس ئي آهن. بعد ۾ پاڪستان ۾ جڏهن مولانا مودوديءَ کيس ٻُڌايو ته اسلام ۾ تصويرن ٺاهڻ پسند نٿو ڪيو وڃي ته هن اهو ڪم ڇڏي ڏنو.

مريم جميلان جو سڄي دنيا جي معروف علمائن سان رابطو هو. هن دنيا جي ڪيترن ئي انگريزي رسالن ۾ اسلام بابت مضمون لکيا ٿي. سندس ڌيءَ ماريا خانم (جنهن جي شادي معين خان سان ٿي ۽ ٽي ٻار: معصوما، همايون ۽ آمنا آهن) ٻڌايو ته پاڪستان هجرت ڪري اچڻ بعد سندس والده ڪڏهن به آمريڪا وڃڻ جي خواهش نه ڏيکاري ـــ هڪ دفعو به نه!

مريم جميلان (سابقه مارگريٽ مارڪيوس)  مغربي تهذيب ۾ ڄائي نپني ۽ وڏي ٿي، بعد ۾ هن ان جي ئي خلاف ڪتاب لکيا جيئن ته ”ويسٽرنائيزيشن ورسز مسلم“، ”مغربيت ۽ بهبود انساني“، ”جديد ٽيڪنالاجي ۽ انسانيت جي تذليل“، ”مغربي سامراج“ وغيره. ان کان علاوه ”اسلام بمقابل مغرب“، ”اسلام ۽ جديديت“، ”اسلام بمقابل اهل ڪتاب ماضي و حال“، ”اسلام ۽ اڄ جون مسلمان عورتون“ شامل آهن. هي سڀ ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهن. هي فقط چند ڪتاب لکيا اٿم نه ته مريم جميلان جو جملي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 38 آهي، جن مان ڪيترائي ڪتاب دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. انهن ڪتابن کان علاوه هن جا سوين مضمون آهن جيڪي دنيا جي مخلتف انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چُڪا آهن جن ۾ هن اسلام جي ڄاڻ، مسلمان ٿيڻ جي دعوت ۽ اسلام تي لڳل الزامن جا جواب ڏنا آهن. خطن ذريعي هن پنهنجي والدين کي به اسلام جي دائري ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس نومبر 1986ع ۾ لاهور مان لکيل پنهنجي والدين ڏي هڪ کليل خط جي ڪتاب ۾ ڏنل ڪاپي منهنجي سامهون آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ کي پنهنجي آخرت سنوارڻ لاءِ لکي ٿي:

”توهان چئو ٿا ته توهان خوش آهيو ۽ ان ريت زندگي گذارڻ ۾ مطمئن آهيو. توهان پنهنجي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جا خواهشمند آهيو ۽ حال ۾ رهڻ چاهيو ٿا ۽ هر ايندڙ ڏينهن جون خوشيون ماڻڻ چاهيو ٿا. جيڪڏهن زندگي هڪ سفر آهي ته ڇا اها حماقت نه ٿيندي ته بندو رستي ۾ ايندڙ منزلن تي آرامده ڏينهن ۽ خوشگوار ٺڪائڻ جو ته فڪر ڪري، پر سفر جي خاتمي جي باري ۾ يعني آخري منزل بابت ڪجهه به نه سوچي؟ آخر اسان هن جهان ۾ ڇو پئدا ٿيا آهيون؟ هن زندگيءَ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا مقصد آهي؟ آخر اسان کي ڇو مرڻو آهي ۽ اسان مان هر هڪ سان موت کان پوءِ ڇا معاملو ٿيڻو آهي؟

”منهنجا ابا! توهان هڪ کان وڌيڪَ دفعا مونکي ٻڌايو آهي ته توهان ڪنهن روايتي مذهب کي ان ڪري قبول نٿا ڪري سگهو جو توهان کي يقين آهي ته الهامي مذّهب جديد سائنس کان متضاد شيءَ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ اسانکي سڄي دنيا بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏني آهي. اسان کي آرام ۽ آسائشون ۽ سهولتون مهيا ڪيون آهن، هن اسان جي بيمارين جي علاج جي ڳولا ڪئي آهي جيڪي جان لاءِ خطرو هيون پر سائنس اسانکي اهو نٿي ٻڌائي ۽ نه ٻڌائي سگهندي ته زندگي ۽ موت جو ڇا مطلب آهي؟

سائنس اسان کي ”ڇا ۽ ڪيئن“ جو جواب ته ڏئي ٿي پر ”ڇو“ جي سوال جو ڪڏهن به  ڪو جواب نٿي ڏئي. ڇا سائنس ڪڏهن اهو ٻڌائي سگهي ٿي ته ڇا صحيح ۽ ڇا غلط؟ ڇا نيڪي آهي، ڇا بُرائي؟ ڇا خوبصورتي آهي ۽ ڇا بدصورتي؟ اسان جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا ان لاءِ ڪنهن کي جوابده آهيون؟….. مذهب انهن سڀني سوالن جا جواب ڏئي ٿو.“

انهي نومبر 1986ع واري خط ۾ مريم هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي  ماءُ پيءُ کي لکي ٿي: ”سيڪيولرزم ۽ ماديت آمريڪن کي انهن جي انفرادي يا اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪنهن طرح مثبت ۽ تعميري، اخلاقي قدر فراهم نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو عيسائيت ۽ صيهونيت جي هٿان ناڪاميءَ بعد آمريڪا ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اسلام ڏي مائل ٿي رهيا آهن. نو مسلم اسلام ۾ هڪ پاڪ، صحتمند، صاف سٿري ۽ ديانتدار زندگيءَ جي موجودگي ڏسن ٿا. مسلمانن وٽ موت سان هر شيءِ ختم نٿي ٿئي پر هو ان کان پوءِ آخرت ۾ هميشه قائم رهڻ وارين نعمتن، ذهني سڪون ۽ دائمي خوشين جي توقع رکي ٿو.

”منهنجا ابا، امان! توهان تمام ڊگهي عمر گذاري چڪا آهيو ۽ هاڻ تمام گهٽ مهلت وڃي بچي آهي. جيڪڏهن توهان جھٽ پٽ عمل ڪريو ته گهڻي دير نه لڳندي. جيڪڏهن توهان جو فيصلو ”ها“ ۾ آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي پيارن  ماڻهن سان توهان جو نه فقط رت جو رشتو جڙي پوندو پر ايمان جو رشتو به قائم ٿي ويندو. توهان نه فقط هن دنيا ۾ انهن سان محبت ڪري سگهندائو پر هميشه رهڻ واري زندگيءَ ۾ به توهان اسان سان گڏ هوندائو.

”جيڪڏهن توهان جو فيصلو ”نه“ ۾ آهي ته مونکي ڊپ آهي ته توهان جي هيءَ کل خوشي، آرام ۽ سک چين جي زندگي ته جلد ختم ٿي ويندي ۽ جڏهن ”ٿيڻ واري“ ٿي رهندي ته افسوس ۽ پڇتاءَ جو دور گذري چڪو هوندو. جيڪا سزا ملندي اها تمام خوفناڪ هوندي…. ان کان لڪڻ لاءِ نه جاءِ ۽ نه راهه فرار ملي سگهندي.

”آئون هڪ ڌيءَ جي حيثيت ۾، جنهن کي توهان سان محبت آهي، آخري وقت تائين چاهينديس ته توهان هن بدبختيءَ کان بچي وڃو پر فيصلو فقط توهان جي هٿن ۾ آهي. توهان کي مڪمل اختيار آهي ته توهان هن دعوت کي قبول ڪريو يا رد ڪريو. توهان جي مستقبل جو مدار هن چونڊ تي آهي جيڪو توهانکي هينئر ڪرڻو آهي…. پنهنجين بي انتها محبتن ۽ نيڪ خواهشن سان گڏ…… توهانجي وفادار ڌيءَ مريم جميلان.“

مريم جميلان پنهنجي سڄي زندگي دين جي خذمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. خوش قسمتي سان سندس شادي به اهڙي ئي گهراڻي ۾ ٿي، جتي خاندان جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهيا ٿي. جيتوڻيڪ سندس مڙس محمد يوسف صاحب جي هيءَ ٻي شادي هئي ۽ شروع شروع ۾ سندس پهرين زال شفيقه پنهنجي پهاڄ مريم سان ناراض به رهي پر بعد ۾ هنن جي وچ ۾ محبت جو اهڙو ته ناتو قائم ٿيو جو مريم جميلان فقط لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رهي. ٻارن کي پالڻ جي سڄي ذميواري محترما شفيقه خوشي سان سنڀالي. ان ڪري مريم جميلان جا ٻار شفيقه کي ”امي“ ۽ پنهنجي سڳي ماءُ کي ”خانم“ سڏيندا هئا جو مريم کي گهر جا سڀ ماڻهو نوڪر چاڪر ان نالي سان سڏيندا هئا. ٻنهي زالن جي  محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ مريم وصيت ڪئي ته هن کي محترما شفيقه جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ هن جي ان وصيت تي عمل ڪيو ويو.

ڪيترا پڙهندڙ شايد اهو معلوم ڪرڻ چاهين ته مريم جميلان کي ڪيترا ٻار ٿيا. ان سلسلي ۾ مريم جي هڪ ڪتاب جي آخر ۾ 1989ع ۾ سندس مڙس محمد يوسف خان جي ”پس تحرير“ جي عنوان سان هڪ مضمون آهي جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”مريم جي پهرين ڌيءَ عائشه جي ڪجهه مهينن بعد وفات کانپوءِ کيس چار ٻار ٿيا…. ٻه ڌيئون، ٻه پٽ. حليمان (ڄم: 1965ع)، خالد فاروق (1967ع)، حيدر فاروق (1968ع) ۽ ماريا خانم (1972ع).

”فائين آرٽس ۾ ايف اي ڪرڻ بعد حليمان جي شادي 1983ع ۾ هڪ مائٽ شهريار خان سان ٿي جيڪو پوليس آفيسر هو. ان جون ٻه ڌيئرون آهن: ايمان (1985ع) ۽ عريبا (1987ع). هنن ڪاڪين جي پيدائش تي مريم ”ناني“ ٿي وئي جنهن جي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

ڪاليج جي ڏينهن کان حيدر فاروق اسلامي ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. جون کان آگسٽ 1987ع تائين هن افغانستان ۾ روسي جارحيت خلاف جهاد ۾ حصو ورتو ۽ مجاهدين سان گڏ وڙهندو رهيو. ان بعد خالد ۽ حيدر پنهنجن ناناڻن سان  ملڻ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا روانا ٿيا.“

خالد فاروق جي شادي عمرانا سان ٿي جنهن مان کيس هڪ ٻار جزا خان آهي. حيدر فاروق جي شادي شازيا سان ٿي ۽ کين ٽي ٻار ٿيا: ثانيا، ايمان ۽ حارث ۽ ننڍي ڌيءَ ماريا خانم جي شادي معين خان سان ٿي جن کي پڻ ٽي ٻار آهن: معصومه، همايون ۽ آمنا.

مريم جميلان صاحبه ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 31 آڪٽوبر 2012ع تي وفات ڪئي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments