هڪ ڪارٽون

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

هڪ ڪارٽون

الطاف شيخ

هڪ آمريڪن هڪ جاپاني ڇوڪريءَ کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا شايد ٻڌائي رهي اٿس ته ”ڀڄي پاسو ڪر جو منهنجو مڙس خطرناڪ ماڻهو آهي“. آمريڪن هن تي پنهنجي لئي رکي رهيو آهي ته هو هن جي بواءِ فرينڊ کي ٺونگي سان اڏائي ڇڏيندو… ۽ جاپاني ڇوڪريءَ جو بواءِ فرينڊ هڪ عام جاپاني ڇوڪرو نه پر ڇهه فوٽ ٽن انچن جو قدآور سومو پهلوان آهي جيڪو مٿان اچي ڪڙڪيو آهي.

 

تيستائين گڊ باءِ

ملائيشيا جي ماڻهن کي کڻي ڪو ڄٽ چوي- خير هاڻ ته هو تعليم توڙي ٽيڪنالاجيءَ ۾ جاپان ۽ ڪوريا جو مقابلو ٿا ڪن، پر جنهن زماني تائين ڄٽ يا جهنگل جا ماڻهو (Orang Hutan)  سمجھيا ويا ٿي، ان وقت به منجھن هڪ سٺي ڳالهه يا کڻي چئجي ته رسم هئي (۽ اڄ به اها قائم آهي) ته هو ملڻ ملائڻ ۾ گھڻو وقت ضايع نٿا ڪن. شاديءَ تي به جيئن جيئن مهمان ايندو ويندو آهي ماني اڳيان رکندا ويندا اٿس. ماني کائي گھوٽ ڪنوار جو منهن ڏسي، ڊالر يا ٻه تحفي طور يا منهن ڏسڻي خاطر رکي، رمندو رهندو آهي. نڪاح هڪ ڏينهن اڳ ڪجھه مائٽن اڳيان ڪري ڇڏيندا آهن.

اسان وٽ شادين تي مهمان پيا گڏ ٿيندا ۽ پوءِ رات جا يارهن، ٻارهن ۽ هڪ به ٿي ويندو. پهرين آيلن کي ڪارون پارڪ ڪرڻ لاءِ جاءِ ملي ويندي آهي پوءِ جا آيل ڪار بيهارڻ لاءِ پيا خوار ٿيندا آهن. پوءِ جي شاديءَ ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ ويهڻ جو بندوبست الڳ هوندو آهي ته وڃڻ وقت مرد پنهنجون زالون ڳولڻ ۾ خوار هوندا آهن. ماني کائڻ بعد سڀ هڪ وقت ائين ڀڄڻ جي ڪندا آهن ڄڻ رومن سلطنت جا قيد خانا ڀڃي جنگي سپاهي ڀڄي رهيا هجن ۽ جيڪا ماني رات جو ٻارهين بجي Serve  ٿئي اها در اصل صبح جو ستين وڳي رڌجڻ شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ اها ماني Cook  ٿيڻ کانپوءِ ٽانڊن تي به ست اٺ ڪلاڪ رکي آهي جيئن مهمانن کي گرم ملي، چاهي رات جو يارهين ٻارهين يا هڪ کارائي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماني سا گرم ملي ٿي، پر سائنس جا چار درجا پڙهڻ واري کي به اها خبر هوندي ته اهي ٻوڙ مڇيون ڪيتريون هائيجينڪ هونديون! باهه تي رڌجي رڌجي انهن جون پروٽين ۽ وٽامنون ئي نڪري چڪيون هونديون.

بهرحال هن وقت ڳالهه ”وقت“ جي پئي هلي ته اسان وٽ وقت ڪافي ضايع ٿئي ٿو. شادين مرادين تي ته ڇا، پر دوستن يارن وٽ چانهه تي يا ماني تي وڃ ته آڌي رات ته هر صورت ۾ ٿيو وڃي، پر ڪيترا دفعا صبح جا ٻه ٽي ۽ چار به ٿيو وڃن. ڪنهن محفل مان جلدي اٿڻ جو نالو وٺڻ تي ميزبان “رسيو” وڃي “يار ويهو ته صحيح اهڙي به ڪهڙي جلدي آهي، ٻيا به ته ويٺا آهن.” هو اٿڻ واري مهمان کي چوندو آهي.

ڪراچيءَ ۾ دوستن جي هڪ اهڙي محفل ۾ اسان جو سکر جو يار عاشق حسين شاهه به هو. ڪلاڪ اڌ ويهي سگريٽ وسائي اٿي کڙو ٿيو. ميزبان پڇيس! “شاهه صاحب ڪيڏانهن؟”

“پنجن منٽن ۾ اچان ٿو” آرام سان چئي نڪري ويو. نه موڪلائڻ چوڪلائڻ نه خدا حافظ نه ميزبان جون گلائون ڏوراپا. سڀني سمجهيو واش روم مان ٿيو ٿو اچي.

پنج منٽن جا ڏهه ٿي ويا تنهنجو ڪلاڪ، پوءِ ٻه ڪلاڪ، آخر تائين شاهه صاحب نه موٽيو. ٽئي چوٿين ڏينهن رستي تي مليو، پڇيومانس ته ان رات ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟

“يار ڪم ياد اچي ويو حيدرآباد هليو ويس.” عاشق ڏاڍو آرام سان ٻڌايو.

دل ۾ سوچيم عاشق جي اها “پنجن منٽن ۾ اچان ٿو” واري اٽڪل سٺي! نه مهمانن کي شڪ، نه ميزبان کي ڄاڻ ته همراهه ڀڳو پيو وڃي. في الحال ته آئون به اهو نسخو آزمائي رهيو آهيان، دعوتن مان جلدي اٿڻ لاءِ، جيسين هي مضمون ڇپجي پوءِ ڏٺو ويندو يا وري عاشق شاهه تي نظر رکبي ته ٻيو ڪهڙو ٿو نسخو ايجاد ڪري.

جيئن عاشق شاهه پنجن منٽن جو چئي گم ٿي ويندو آهي تيئن هڪ ٻيو همراهه به اڄ کان ويهارو سال اڳ گم ٿي ويو هو. 1973ع کان وٺي 1980ع تائين جهاز جي نوڪريءَ ڪري اسان جو جاپان ڏاڍو وڃڻ ٿيندو هو. ٽوڪيو، يوڪوهاما پاسي ڪجھه ظفر شيخ ۽ اشفاق ميمڻ جهڙا ماڻهو هميشه لاءِ رهيل هئا ته ڪي سائين غلام علي الانا، اقبال ترڪ، رسول بخش راهوءَ جهڙا گھمڻ، سرڪاري دورن يا ڪن اهم ڪورسن لاءِ جاپان ايندا رهيا ٿي، جن سان پڻ ملاقات ٿيندي هئي.

منهنجو جهاز ٽوڪيو يا يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ظفر شيخ وٽ ڀڄندو هئس. گھر ننڍو هوس. (پهرين ته سڄي گھر ۾ ڪمرو ئي هڪ هوندو هو پوءِ ٻن ڪمرن وارو گھر ورتائين، يعني هڪ بيڊ روم، هڪ ڊرائنگ روم وارو).

ظفر جو گھر ننڍو هو پر دل وڏي هئس، ان ڪري مون جهڙا هن وٽ هر وقت مهمان هوندا هئا، پوءِ پٽ تي ليٽيا پيا هوندا هئاسين. وطن کان آيل مهمان ته ايندا هئس، پر اتي ٽوڪيو ۾ رهندڙ به ڦري گري اچي هن وٽان نڪرندا هئا. خاص ڪري اقبال سولنگي ۽ جان محمد ڪيريو ته هر وقت موجود هوندا هئا، ٽيون آئون.

 ظفر آفيس مان اچي پٽاٽا ڇليندو هو پوءِ بصر جون ڳڻيل ڳنڍيون کڻي ڪاتر ڪري تيل ذري ۾ داڳ ڪري پٽاٽا رڌيندو هو. آخر ۾ ٿانو ڌوئڻ منهنجو ڪم هو. ڊبل روٽي ڪڏهن جان محمد ڪيريو آڻيندو هو ته ڪڏهن اقبال سولنگي. ان ڏينهن جان محمد به هٿين خالي پهتو ته اقبال به. هنن کي ان ڏينهن ان ٻوڙ رڌڻ واري عياشيءَ جي پروگرام جي خبر نه هئي. ظفر هاڻ ٻوڙ رڌيو هو. پٽاٽا بصر به ان جا هئا. آئون مهمان جو درجو رکيو ويٺو هئس ۽ مون کي هيڏانهن هوڏانهن ڊبل روٽيءَ پٺيان ظفر موڪلڻ نٿي چاهيو ته متان گم نه ٿي وڃان. جان محمد به ڪجھه حد کان وڌيڪ سنجيده چهرو ٺاهيو ويٺو هو ان ڪري ڊبل روٽي آڻڻ جي فال اقبال جي نڪتي. هونئن به اقبال اسان ۾ ننڍو هو.

اقبال گھڻو ئي چيو ته يار آئون ته ماني کائي آيو آهيان، هاڻ شام جو کڻي ڏسنداسين پر ظفر چيس ته يار اسان نه کاڌي آهي. سئو يين (Yen) ٽيبل تان کڻي وڃ ننڍي ڊبل روٽي وٺي اچ.

اقبال اٿيو ڊبل روٽي آڻڻ لاءِ، اسان پليٽن ۾ پٽاٽن جي گرم گرم ڀاڄي وجھي ويٺا خوشبوءِ سونگهيون، پرديس ۾، بک ۾ ۽ جاپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾، اسان جهڙن جونيئر ملازمن لاءِ اها ڀاڄي ست رڇيءَ کان گھٽ نه هئي. اقبال جو نه هي پتو نه هو پتو. انتظار ڪري نيٺ راتوڪا بچيل چانور ديڳڙيءَ تان کرچي لاهي آياسين. ڪجھه گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي ڊبل روٽين جا ٽڪرا ۽ ڪَنا پيا هئا انهن سان پليٽون ۽ ديڳڙو صاف ڪيوسين. اقبال شام تائين نه آيو سو نه آيو. ان رات اسان جو جهاز ٽوڪيو جي بندرگاهه مان لنگر کڻي جاپان جي هڪ ڏورانهين بندرگاهه (بلڪل ڪوريا جي ڀرسان) شمونوسيڪي هليو ويو.

ان بعد به هڪ ٻه دفعو جاپان اچڻ ٿيو پر ڏورانهن بندرگاهن ۾ هئاسين. ٽوڪيو پاسي اچڻ ٿيو ٿي ته ايڏا جهاز جا ڪم نڪتا ٿي جو وڌ ۾ وڌ ظفر سان مختصر ملاقات ٿي سگھي ٿي. پوءِ يڪا اٺ نو سال ملائيشيا ۾ رهڻ ٿيو. ان بعد سوئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ يورپ  جي ٻين ملڪن ۾. پوءِ ڪويت، سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ ٺڪاڻو ٿيو.

ظفر شيخ سان خط و ڪتابت هجڻ ڪري ان جي خبر پئي پي ته هو اڄ ڪلهه جرمني ۾ سفير آهي ۽ ان کان اڳ ڪوويت جي سفارت خاني ۾ هو باقي ٻين جي ڪا خبر نه. رات ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل آواري ٽاورز ۾ اسان جي دوست شريف بلوچ (تعليم کاتي جي سيڪريٽري) جي ڌيءَ جي شادي تي دادوءَ وارو يوسف ميمڻ مليو. يوسف ٻڌايو ته هو گذريل ويهه پنجويهه سالن کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو. خبر ناهي ڪيئن منهنجي دماغ ۾ اقبال سولنگي اچي ويو جيڪو ٻڌائيندو هو ته هو اسلام آباد ۾ عيساڻي صاحب جي آفيس کان هتي ٽوڪيو آيو هو. يوسف ميمڻ کي چيم ته هڪ همراهه اسان سان گڏ ٽوڪيو ۾ هوندو هو اقبال سولنگي، تون سڃاڻين؟

“ها، بلڪل چڱي طرح. هينئر ترس ته اجھو ته هن شاديءَ ۾ آيو.”

“يار هن کي ڏٺي ويهن سالن کان مٿي ٿي ويا آهن. ٿي سگھي ٿو آئون سڃاڻي نه سگھان. اچي ته مونسان ملائجانس، پر اڄ ڪلهه آهي ڪٿي؟” مون پڇيو مانس.

“اڄ ڪلهه هتي ڪراچيءَ ۾ ئي آهي ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ ڊئريڪٽر جنرل آهي”. يوسف ٻڌايو.

ڏهين تائين انتظار ڪيم، اڃا اڌ مهمان به نه آيا هئا. وڌيڪ ترسڻ نٿي چاهيم. ميزبان شريف ۽ ڀاڄائي عشرت کي عاشق شاهه وارو پنجن منٽن جو بهانو ڏئي اچي گھران نڪتس. ٻئي ڏينهن يعني ڪالهه ايڪسائيز کاتي جو نمبر هٿ ڪري نيٺ اقبال جو پتو ڪڍيم.

“ابا تون آهين ڪٿي؟” هن جيئن ئي هيلو ڪيو ته مون سوال ڪيومانس.

“هتي آهيان، توهان ڪير؟” وڏي رعب سان هن پڇيو.

“توهان ڪير کي پوءِ  ٿا ڏسون، هي جو تون ڊبل روٽي وٺڻ لاءِ سئو يين کڻي نڪتين سو اڃا ٿو موٽين؟ روپنگي يا گنزا هليو وئين يا سائوٿ آمريڪا؟”

بهرحال هو به جھٽ سڃاڻي ويو. پڇيومانس، ”اهو ٻڌاءِ ته هي گذريل ويهه سال تون ڪٿي هئين. ظفر، جان محمد ڪيريو، الانا صاحب ۽ ٻين جي ته خبر پوندي رهي ٿي، پر تون ڪهڙي دنيا ۾ هئين؟

پر هوڏانهن اقبال رڳو کلندو رهيو. “منهنجي آفيس بئرڪ نمبر 64 ۾ آهي، اچ ته روبرو خبرون ڪيون. گذريل ويهه سالن جو احوال فون تي ته نه ڪري سگهبو”. اقبال چيو.

اقبال بابت مون شايد ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڪجھه لکيو ناهي، پر هن وٽ تنهن زماني ۾ به ڳالهين جا ڳٽ هئا. ڏسجي ته هو لکڻ لائق ڪهڙا ۽ ڪيترا قصا ٿو ٻڌائي. ٽل دين گڊ باءِ.

ڪراچي – 1998

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments