خاص

والدين 6 پٽن کي پاليو، پر توهان کين نٿا سنڀالي سگهو: عدالت جي ريمارڪس تي سڀني روئي ڏنو

پشاور هاءِ ڪورٽ 6 نافرمان پٽن کي والدين کي 3 هزار رپيا ماهوار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او کي پئسا جمع ڪري پهچائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيرسن والدين کي بي يارو مددگار ڇڏيندڙ پٽن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايس ايڇ او ۽ نافرمان پٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ايس ايڇ او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پٽن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، توهان انهن کي بنا هٿڪڙين جي آندو آهي. جسٽس روح الامين چيو ته زال جو به حق آهي، پاڙيسرين جو به حق آهي، پر والدين جو حق سڀني کان وڌيڪ آهي. جسٽس اشتياق ابراهيم چيو ته هڪ ڪمري جي گهر ۾ والدين 6 ٻارن کي پاليو، پر توهان ماءُ پيءُ کي نٿا سنڀالي سگهو. ٻڌڻي دوران پيرسن والدين سان گڏ وڪيل ۽ اسٽاف به روئي پيو، عدالت سڀني پٽن کي 3 هزار رپيا ماهوار والدين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته هر مهيني جي 26 کان 28 تاريخ تائين سڀني پٽن کان 3 هزار رپيا وٺي انهن جي گهر پهچايا وڃن. ٻڌڻي دوران وڏو پٽ والدين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ تي رضامند ٿيو، جنهن تي عدالت چيو ته توهان انهن کي وٺي وڃو، انهن جي خدمت ڪريو ۽ دعائون وٺو، باقي پٽ هر مهيني 3 هزار رپيا والدين کي ادا ڪن.