واٽس ايپ نئون فيچر View Once متعارف ڪرائي ڇڏيو
واٽس ايپ اينبرائيڊ بيٽا ورزن 12.21.14.3 استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ نئون فيچر “ويو ونس” جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي. هن فيچر جي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به واٽس ايپ استعمال ڪندڙ کي جڏهن ڪا تصوير يا وڊيو موصول ٿيندي آهي ته ان کي هو هڪ ڀيرو ئي ڏسي سگهندو. وري جيڪڏهن پنهنجي چيٽ باڪس کي کوليندو ته اها تصوير يا وڊيو ٻيهر نظر نه ايندي. تصوير يا وڊيو شيئر ڪرڻ وقت اوهان کي “ويو ونس” جو آپشن ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪڏهن اوهان هن آپشن کي استعمال ڪندي وڊيو يا تصوير ڪنهن کي اماڻيندا ته اهو شخص ان کي هڪ ڀيرو ئي ڏسي سگهندو ۽ اماڻيندڙ کي نوٽيفڪيشن ملي ويندو ته وڊيو يا تصوير ان شخص ڏسي ورتي آهي ۽ پوءِ اها گم ٿي ويندي. اهو فيچر گذريل سال متعارف ڪرايل ڊس اپيئرنگ فيچر کان مختلف آهي جنهن ۾ پيغام ستن ڏينهن اندر ڊيليٽ ٿي ويندا آهن.

