وزيراعظم ڪراچي پهتو، وڏي وزير سان ملاقات، ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا، ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻيا مسئلا آهن، اهي حل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرئين هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، ان موقعي تي پ پ، ايم ڪيو ايم سميت ٻين اتحادي جماعتن جي قيادت به موجود هئي. قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعليٰ هائوس سنڌ پهتو. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزير اعليٰ هائوس ۾ شهباز شريف ۽ مراد علي شاهه ۾ باضابطا طور ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪي سياسي، معاشي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وڏي وزير، وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي وڏن منصوبن بابت آگاهه ڪيو، مراد علي شاهه کيس اڳوڻي حڪومت طرفان سنڌ لاءِ رکيل رقم مان ڪٽوتين بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت صوبن جا خدشا ختم ڪندي. وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ڪي سي آر کي سي پيڪ تحت تعمير ڪيو وڃي، توهان سي پيڪ کي تيز ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، ڪراچي سرڪيولر ريلوي سميت سنڌ جا منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ڪيا وڃن. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي اسان واپس سي پيڪ تحت ٺاهينداسين.