خاص

وزير اعظم سان ملڻ لاءِ پهتل متاثرن کي ڌڪا ڏنا ويا

سکر جي دوري تي آيل وزير اعظم شهباز شريف سان برسات متاثر عورتن ملاقات ڪري پنهنجي دانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪارن کين ڌڪا ڏيئي واپس موٽايو. وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهتو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، خورشيد شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ساڻس گڏ آهن، جڏهن ته بلاول ۽ وڏي وزير وزير اعظم جي آجيان ڪئي. بلاول ۽ وڏي وزير جي موجودگي ۾ پوليس اهلڪار متاثر عورتن کي ڌڪا ڏيندا رهيا، پر ڪنهن به کين نه روڪيو نه وري وزير اعظم آڏو دانهڻ جي اجازت ڏني وئي. وزير اعظم چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، کين امدادي رقم هڪ هفتي اندر ملڻ شروع ٿي ويندي. وزيراعظم جو چوڻ ھو ته سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي ڪئي آهي، اهڙي تباهي پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺي، خراب معاشي حالتن باوجود متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.