خاص

وقت ثابت ڪيو ته دهشتگردي جو ڪوبه مذهب ۽ قوم ناهي هوندي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردي جو ڪوبه مذهب ۽ قوم ناهي هوندي. آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم کي دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستبقل ۽ هٿين خالي معصوم ٻارڙن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون هڪ ديوار بڻجي ويا ۽ انهن بهادر استادن پنهنجون جانيون قربان ڪيون.