بلاگ

ووٽ کي عزت ڏيو کان ڪم کي ووٽ ڏيو : انور حسين قاضي

دنيا جي ماڻهو کي جڏهن کان شعور آيو آهي تڏهن کان ڪنهن نه ڪنهن طريقن سان هن پنهنجي پاڻ کي ۽ معاشري کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، اهو ارتقا جو سفر اڃان تائين جاري آهي ۽ جاري رهندو. انهيءَ شعور ۽ ترقي جي ڪري هن دنيا جي انسانن جو هڪ وڏو انگ آرام ده زندگي گذاري رهيو آهي. انهن وٽ بنيادي ضرورت جي کوٽ نه هجڻ جي برابر آهي. معاشي طور مستحڪم ٿي ويا آهن. تعليم، روزگار، صحت، امن انصاف انهن کي آساني سان ملي ٿو انهن ملڪن جي ماڻهن کي بک مرڻ جو، بد امني جو، نا انصافي ۽ سندن انساني حقن جي لتاڙ جو خوف ناهي انهيءَ ڪري هو جسماني ۽ ذهني طور تي پرسڪون آهن. روحاني طور جي خبر خدا کي!

اگر اهو سوچجي ته اهو دور انهن لاءِ هميشه کان هو ته بلڪل غلط هوندو. انهيءَ جاءِ تائين پهچڻ ۾ انهن کي وڏو وقت لڳو آهي ۽ بلڪل اهڙي صورتحال مان گذري چڪا آهن، جهڙي حالت مان دنيا جي پوئتي پيل ملڪن جا ماڻهو جنهن ۾ بدقسمتي سان اسان به شامل آهيون.

ڪيترائي سبب آهن انهن جي ترقي جا، پر هڪ مکيه سبب آهي، بهتر حڪمراني، جنهن جو ڦل سڀ ماڻهو واپرائين ٿا ۽ هڪ مخصوص ٽائيم کانپوءِ جمهوري انداز ۾ پنهنجي طاقت ”ووٽ جي طاقت“ سان پنهنجي پسند جي حڪومت قائم ڪن ٿا. انهيءَ ووٽ جي طاقت کي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ٻين طاقتن ذريعي ڪڏهن ته مڪمل ختم ڪيو ٿو وڃي يا وري “Cut to size” واري پاليسي تحت ان جي افاديت کي محدود ڪيو ٿو وڃي. اسان جي ماڻهو کي بلڪل اهو سمجهايو ٿو وڃي ته ووٽ جي ڪهڙي اهميت آهي توهان نه ڏيندو ته ڪهڙو فرق پوندو اسان کي چونڊرائڻ وارا پاڻهي چونڊرائيندا!! (ڪنهن حد تائين اها درست ڳالهه به آهي) ۽ ووٽ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه فرمائين ٿا اهو هتي لکي به نٿو سگهجي افسوس! مطلب ته ووٽ ۽ ووٽر کي بيعزت ڪيو ٿو وڃي. طاغوتي طاقتون پاڻ ۾ گڏجي طاقت جي زور (ووٽ جي طاقت نه) تي حڪومتون ٺاهين ۽ ڊاهين ٿيون. عوام ويچارو صرف برياني جي پليٽ تي وڙهندو ٿو رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ويچاري کي اها به نصيب نٿي ٿئي.

بس ڪڏهن وري ايئن به ٿئي ٿو انهيءَ طاقتور ٽڪساٽ مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي ضمير جي آواز تي يا ڪنهن ٻئي مفاد يا ڪاوڙ جي بنياد تي انهيءَ ٽڪساٽ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

هن وقت شايد نواز شريف به اهو ڪري رهيو آهي ڪامياب ڪيترو ٿيو آهي اڃان تائين به بلڪل نه. مستقبل ۾ ٿيندو يا نه؟ اهو فيصلو مستقبل ڪندو. ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو نواز شريف جو آهي. هو چاهي ٿو ته عوام جي طاقت سان اگر ڪا حڪومت ايندي ته انهيءَ حڪومت کي عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو جيڪا ڳالهه طاقتور ٽڪساٽ کي بنهه نٿي وڻي، ڳالهه ته ڀلي آهي، پر طاقتور ڪيئن چاهيندو ته انهيءَ سسٽم (System) جي پيداوار وري ساڳئي سسٽم لاءِ خطرو بڻجي انهيءَ ڪري پوري ڪوشش سان انهيءَ نعري کي ته ”ووٽ کي عزت ڏيو“ مطلب عوام جي راءِ کي قبول ڪريو ختم ڪرڻو آهي اڃان تائين ته هو ڪامياب آهن. بهرحال ”اميد نه ڇڏڻ گهرجي“

نواز شريف هن وقت لنڊن ۾ ويٺو آهي، انهيءَ ڪري کيس جسماني آرام آهي ويجهي وقت ۾ واپس اچڻ جا امڪان به گهٽ آهن اگر ايندو ته جيل ويندو جتي جسماني آرام بلڪل نه هوندو. هڪ ڳالهه ضرور لکبي ته نواز شريف ڪو نيلسن منڊيلا نه آهي جو جيل جون سختيون برادشت ڪري ڀلي کڻي ڪيترو به نظرياتي ٿئي، پر جسماني آرام ڇڏڻ سندس وس ۾ نه آهي. انهيءَ ڪري نون ليگ ۾ شروع کان ٻه سوچون هيون هڪ چون پيا ته اسان عوام جي طاقت سان حڪومت وٺنداسين ٻيا چون پيا ته جهڙي نموني هن وقت تائين حڪومتن ۾ آيا آهيون اڳتي به ايئن ئي ڪري حڪومت حاصل ڪريون. مريم نواز ڏاڍا جذباتي بيان ڏنا، عوامي جلسا، عوامي ريليون جيڪي شاندار ۽ ڪامياب هيون، پر ان جو نتيجو نه اچي سگهيو. ڪشمير، گلگت بلتستان جي اليڪشن اوهان جي اڳيان ان جو چٽو مثال آهي. انهيءَ کان پهرين به شهباز شريف جي چوڻ تي جيڪو ٻي سوچ جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ ساڳئي سسٽم جي آڌار تي وري حڪومت ۾ اچڻ چاهي ٿو هڪ دفعو ٻيهر مريم نواز بلڪل خاموشي اختيار ڪئي، پر ان وقت شهباز شريف کي طاقتورن ڪا خاص لفٽ نه ڪرائي. انهيءَ ڪري مريم نواز وري ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻڻ شروع ڪيو.

پر هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته شهباز شريف کي ڪو خاص آسرو مليو انهيءَ ڪري ڪينٽونمينٽ جي بلدياتي اليڪشن ۾ شهباز شريف مريم شريف کي بلڪل منع ڪريو ته اوهان مهرباني ڪري ڪجهه وقت وري خاموش رهو سندس رابطا بحال ٿي ويا آهن. مريم ڪافي وقت کان خاموش آهي اگر سندس ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ بيان اچي به ٿو ته عمران خان حڪومت جي خلاف نه طاقتورن جي خلاف جن عمران خان کي آندو آهي بقول C.N.N جي عمران خان ويچاري کي ته ايترا به اختيار نه آهن جيترا ڪنهن شهر جي ميئر وٽ هوندا آهن.

اگر اها ڳالهه مڃجي جنهن جو اظهار مريم صاحبه ۽ ان جو والد بار بار ڪندا رهيا آهن ته عمران خان جي حڪومت هڪ بي اختيار حڪومت آهي ته پوءِ انهن تي ڏوهه ڏيڻ مطلب اصل طاقتن سان ٺاهه ڪرڻ جي مترادف آهي. خاموشيءَ جو مطلب اسان جي معاشري ۾ رضامندي هوندو آهي. هاڻي جڏهن مريم صاحبه خاموشي اختيار ڪئي ته پنجاب جي ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ نون ليگ واضح اڪثريت سان کٽي آئي آهي ڀلي پي. ٽي. آءِ ڪيترو به چوي اسان ته چارئي صوبن جي نمائنده جماعت آهيون. صرف 63 ڪائونسلر ۽ نون ليگ جنهن جي پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به حڪومت نه آهي 59 ڪائونسلر. جڏهن ته پي. ٽي. آءِ مرڪز ۽ ٽن صوبن  ۾ حڪومت ڪري رهي آهي.

محسوس ايئن ٿو ٿئي ته شهباز شريف جو بيانيو ”ڪم کي عزت ڏيو“ ڪامياب ٿيو آهي ڪم ته ڪم آهي ڪوري جو هجي يا موچيءَ جو. مريم جي خاموش ٿيڻ جو معاوضو نون کي ڪجهه ته مليو آهي، پر ”هنوز دلي دور است“ اليڪشن 2023ع جي لاءِ محسوس ٿئي ٿو ته نون ليگ شهباز شريف جي سوچ آڌار وڙهندي ۽ ڪافي حد تائين کين طاقتورن جي حمايت حاصل هوندي. شهباز شريف کي آسرو آهي ته هو وزيراعظم ٿيندو ڀلي پوءِ کيس نواز شريف يا ڪنهن ٻئي کي پيرين پوڻو پوي، هو راضي آهي. هاڻي واري اليڪشن مان ڪجهه ته محسوس ٿئي ٿو، پر اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه به ڪنهن وقت به ٿي سگهي ٿو. اسان جو هڪ نگران وزيراعظم جنهن ويچاري کي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ چونڊيل وزيراعظم طور ٻه سال حڪومت جو آسرو نه پر يقين هو، اليڪشن کٽڻ واري ڏينهن کيس ٻڌايو ويو ته اهو واعدو ڪهڙو جيڪو وفا ٿئي. ويچارو وزيراعظم ڇهه مهينا پنهنجي حلقي ۾ ماڻهن سان نه مليو ايترو ڏک ۾ اچي ويو. سو شهباز شريف سان ايئن به ٿي سگهي ٿو.

محسوس ائين ٿو ٿئي ته اها خبر حڪومت تائين به پهچي وئي آهي انهيءَ  ڪري ان جا وزير اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني ۽ اهم اداري کي جهنم ۾ موڪلڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر ويچارا ڪري به ڇا ٿا سگهن. اگر هو واقعي چونڊجي آيا هجن ته ڪاوڙو نه ڪن. هن وقت هو حڪومت ۾ هوندي اليڪشن ڪميشن تي اپوزيشن وارا الزام هڻي رهيا آهن. لڳي ٿو ايندڙ حڪومت ۾ هو پنهنجو پاڻ کي نٿا ڏسن.

اب ڪي جانان ٺهر گيا هي

صبح گئي ڪي شام گئي.