پاڪستانخاصنيو‍‍ز

يونيورسٽين کانپوءِ ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ ويڪسين پروگرام شروع ڪيو ويندو

سنڌ جي يونيورسٽين کانپوءِ ڪاليج ۽ اسڪولن جي شاگردن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ گڏيل اهم اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومري، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ويڪسينيشن 6 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، نائين کان ٻارهين درجي تائين 14 لک 200 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين لڳائي ويندي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ صحت کاتي جون 2 هزار 527 ٽيمون حصو وٺنديون، پهرئين مرحلي ۾ ويڪسين ضلعي سطح تي ٿيندي، پوءِ تعلقي سطح تي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسڪول انتظاميا والدين سان رابطو ڪري رضامندي وٺي ۽ ويڪسين مڪمل ٿيڻ تي رجسٽريشن کي به يقيني بڻايو وڃي.