خاص

يوٽيوب بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي: تانيه ايدروس

ڊجيٽل پاڪستان لاءِ وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار تانيه ايدروس چيو آهي ته يوٽيوب کي بلاڪ ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي تانيه لکيو آهي ته يوٽيوب تي ٽن سالن لاءِ پاڪستان ۾ پابندي وڌي وئي، جنهن پڻ مقامي مواد ٺاهڻ واري ايڪو سسٽم کي محدود ڪيو. ڊجيٽل پاڪستان لاءِ اسپيشل اسسٽنٽ وڌيڪ چيو ته يوٽيوب تي پابندي ختم ٿيڻ جي ڪري ايڪو سسٽم هاڻ واڌ ويجهه شروع ڪئي آهي ۽ هزارين نوڪريون پيدا ڪيون آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڪالهه سوشل ميڊيا تي قابل اعتراض مواد تي ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو هو ته يوٽيوب تي هرڪو چاچو يا مامو بڻجي ويٺو آهي. ٻئي طرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عدالتون ۽ پي ٽي اي اخلاقي پوليسنگ ۽ ايپس جي بندش جي معاملي کان پري رهن.