يوٽيوب شارٽ وڊيوز به ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻجي ويا، اهم اعلان
يوٽيوب تي هاڻي شارٽ وڊيوز مان پئسا ڪمائڻ ممڪن آهي. يوٽيوب طرفان هڪ نئين پروگرام کي متعارف ڪيو ويو آهي، جنهن سان واهپيدارن لاءِ شارٽ وڊيوز مان پئسا حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. يوٽيوب پاران پليٽ فارم جي مونيٽائزيشن سسٽم کي وسعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان وسعت جي نتيجي ۾ تخليق ڪار يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي سگهندا. 2023ع جي شروعات کان شارٽ وڊيوز پوسٽ ڪرڻ وارا يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ درخواست ڏيئي سگهندا. پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ واهپيدارن کي نوي ڏينهن اندر هڪ هزار سبسڪرائبر ۽ هڪ ڪروڙ شارٽ ويوز جو هدف حاصل ڪرڻو پوندو. ڪمپني موجب ان نئين پليٽ فارم تان اشتهارن ذريعي پئسا ڪمائي سگهجن ٿا. ان ماڊل تحت اشتهارن مان حاصل ٿيندڙ مجموعي رقم مان پنجيتاليهه سيڪڙو واهپيدار پاڻ رکندا. جڏهن ته باقي رقم شارٽ ويوز جي بنياد تي ميوزڪ لائسنس رکندڙن ۽ ٻين ۾ ورڇ ڪئي ويندي. يوٽيوب ”ڪريئيٽر“ نالي سان سيڪشن به متعارف ڪرائيندا. اهو فيچر رڳو آمريڪا ۾ بيٽا ورزن تي آهي ۽ 2023ع ۾ ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪيو ويندو.