يو ٽيوب صارفين جي لاءِ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

وڊيو اسٽريمنگ ويب سائيٽ يو ٽيوب  صارفين جو پراڻو مسئلو حل ڪندي ان جي لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هن نئين فيچر تحت هاڻ اوهان پنهنجي يو ٽيوب چئنل جو نالو ۽ پروفائل تصوير کي جي ميل اڪائونٽ سان جوڙڻ کانسواءِ ئي تبديل ڪري سگهو ٿا. ان کان اڳ يو ٽيوب صارف کي چئنل جو نالو ۽ آئيڪون تبديل ڪرڻ جي لاءِ سموري گوگل اڪائونٽ ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي هئي، پر اوهان کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته هن نئين سهولت جو هڪ نقصان به آهي ۽ اهو هي ته نالو ۽ آئيڪون تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ صارف پنهنجو ويريفڪيشن بيج وڃائي ويهندو، پر هو پنهنجو نئون بيج حاصل ڪرڻ جي ٻيهر درخواست ڪري سگهي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments