ٻوڏ متاثرن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف وڏو وزير ميدان ۾ اچي ويو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ ٻوڏ متاثرن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي انهن کي فوري طور واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. واقعو هن ريت آهي ته وزيراعظم جي دوران دوران ڪجهه ماڻهن سندس گاڏيءَ اڳيان اچي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو، انتظاميه جنهن جو نوٽيس وٺندي سندن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثر هن وقت تڪليف ۾ آهن، اسان کي انهن جو خيال رکڻ گهرجي، انهن سان پيار، محبت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي قسم جا ڪيس داخل ڪرڻ نامناسب ۽ برداشت جوڳا ناهن.

