ٻوڏ ڄڻ ته پ پ جي لاٽري کولي ڇڏي، حڪمرانن ملندڙ امداد مان گودام ڀري ڇڏيا آهن:اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته حڪمرانن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري سڄي سنڌ پاڻي جي گهيري ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اياز لطيف پليجي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪمرانن سڄي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جيڪي شھر بچيا آهن، انهن کي به حڪمران عالمي امداد جي آسري ۾ ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، برسات ۽ ٻوڏ ڄڻ ته پ پ جي لاٽري کولي ڇڏي آهي. هن چيو ته عالمي امداد ملڻ باوجود ٻوڏ متاثرن جي حڪومت ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ڪوڙا بل ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رھڻ لاءِ خيما ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي، سنڌ حڪومت کي ٻاھرين ملڪن مان امداد ملي آهي، ھنن گودام ڀري ڇڏيا آهن، حقدارن تائين امداد نٿي پھچي، سنڌ حڪومت فوري طور متاثرن جي واهر ڪري.

