ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملو ڪرڻ پئي چاهيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ آپشن طلب ڪيا هئا، پر ان کي روڪيو ويو، آمريڪي اخبار موجب پرڏيهي وزير ۽ نائب صدر ممڪن خطرن کان آگاهه ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ويندي ويندي جنگ شروع ڪرڻ پئي چاهي، آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ ايران جي وڌندڙ جوهري پروگرام کي روڪڻ لاءِ حملو ڪرڻ پئي چاهيو. صدر ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملي لاءِ آپشن طلب ڪيا هئا، پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ نائب صدر مائيڪ پنس حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ممڪن خطرن کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ حملي جي منصوبي کي ترڪ ڪري ڇڏيو ويو. آمريڪي اخبار موجب مشيرن کيس سمجهايو ته صدارت جي آخري هفتي ۾ هي حملو وسيع تڪرار ۾ تبديل ٿي ويندو، نيو يارڪ ٽائمز چار موجوده ۽ اڳوڻن آمريڪي عهديدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته هيءَ ملاقات گذريل خميس جي ڏينهن اوول آفيس ۾ ٿي هئي. آمريڪي عهديدارن ٽرمپ کي ايران تي حملو نه ڪرڻ تي راضي ڪيو، اهم اجلاس ۾ نائب صدر، پرڏيهي وزير، دفاع جو قائم مقام وزير، جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين ۽ سينيئر مشير شامل هئا. 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments