ٽي ايل پي سان حڪومت جو معاهدو، اسلام ۽ پاڪستان جي فتح آهي: مفتي منيب
پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين جي معاملي تي حڪومتي وفد اڳوڻي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر به موجود هو جڏهن ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جي نمائندگي مفتي منيب الرحمان ڪري رهيو هو. مفتي منيب الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ اتفاق راءِ سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان اڳ معاهدو ٿيڻ خوشي جوڳو قدم آهي. هن چيو ته حڪومت سان طئي ٿيندڙ معاهدو ڪنهن جي فتح يا شڪست نه پر اسلام ۽ پاڪستان جي فتح آهي. معاهدي جا تفصيل مناسب وقت تي سامهون آندا ويندا.