بلاگ

پائيدار نتيجا حاصل ڪرڻ جو طريقو باب ٻاويهون  (آخري حصو) ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار فضا قريشي  

هڪ قديم يوناني حڪايت آهي جنهن کي سوريٽيز جو تضاد وارو قول سڏين ٿا. اهو ان اثر بابت ڳالھ ڪري ٿو جيڪو ڪنهن ننڍڙي عمل کي هڪ خاص حد تائين ورجائڻ سان حاصل ٿئي ٿو. ان قول کي هن ريت به بيان ڪري سگھجي ٿو: ڇا هڪڙو سڪو ڪنهن ماڻهو کي امير بڻائي سگھي ٿو؟ پر جيڪڏهن اوهان هڪ ٻئي سڪي جي واڌ ڪري ڇڏيو ته ڇا ٿيندو؟ ۽ اهڙي ريت هڪ هڪ سڪو وڌائيندا وڃو. نيٺ اهڙو مقام ٿيندو جو اوهان کي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن هڪ سڪو ڪنهن ماڻهو کي امير نٿو بڻائي ته پوءِ واقعي اهو ماڻهو امير نٿو ٿي سگھي.

اهو ئي اصول ايٽم جيترين پتڪڙين عادتن سان لاڳو آهي. ڇا ڪا بنھ پتڪڙي تبديلي اوهان جي زندگي تبديل ڪري سگھي ٿي؟ اهو عين ممڪن آهي ته اوهان ان جو جواب ڪنڌ ڌوڻي نه ۾ ڏيو، پر جيڪڏهن اوهان هڪڙي ٻي تبديلي آڻي ڇڏي ته پوءِ؟ ۽ اهڙيءَ ريت ان ۾ پتڪڙين تبديلين کي جمع ڪندا اچو. نيٺ هڪڙي مقام تي اوهان کي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته هڪڙي ننڍڙي تبديلي اوهان جي زندگي کي مڪمل تبديل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي.

بهرحال عادتن ۾ تبديلي جو مقصد اڪيلي هڪ سيڪڙو بهتري ناهي بلڪه اهڙين هزارين بهترين جو مجموعو آهي. اهو نالو آهي ڪيترين پتڪڙين ايٽمي عادتن کي گڏڻ جو جن مان هرهڪ پوري نظام جي بنيادي ايڪي جي حيثيت رکندي آهي.

شروعات ۾ اهي ننڍڙيون ننڍڙيون تبديليون بنھ بي معنيٰ لڳنديون آهن. ڇاڪاڻ جو نظام جو هلندڙ وهڪرو انهن کان پاڻ سان گڏ وهائي ويندو آهي. جيئن هڪڙو سڪو اوهان کي امير نٿو بڻائي سگھي، تيئن هڪڙي مثبت تبديلي جهڙوڪ هڪڙو منٽ يوگا ڪرڻ يا روزانو هڪڙو صفحو پڙهڻ سان ڪن واضح تبديلين اچڻ جا امڪان گھٽ آهن، پر جيئن جيئن اوهان انهن ننڍڙين تبديلين جي تهن کي وڌائيندا ويندا، هڪڙي تھ مٿان ٻيو تھ سٿيندا ويندا ته اوهان ڏسندا ته هڪڙي نقطي تي زندگي جي پُڙن ۾ حرڪت اچڻ شروع ٿيندي ۽ انهن جي توازن ۾ تبديلي نظر ايندي. بس هر بهتري ۽ ورجاءُ ايئن ئي آهي جيئن اوهان تارازيءَ جي ساڄي پُڙ ۾ ريتي جو هڪڙو ذرڙو وڌائيندا آهستي آهستي معاملن کي پنهنجي حق ۾ موڙي وٺو. جيڪڏهن اوهان ان اصول تي مستحڪم ٿي بيٺا رهيا ته آخرڪار هڪڙو اهڙو وقت اچي رسندو جيڪو پُڙ جي جهڪڻ جو نقطو هوندو. ان نقطي جي پهچڻ شرط هڪدم اوهان کي سٺين عادتن تي ڪاربند رهڻ آسان لڳندو. اِهو اُهو نقطو هوندو جو نظام جو وهڪرو اوهان جي خلاف هلڻ بجاءِ اوهان جي حق ۾ هلڻ شروع ڪندو.

هن ڪتاب ۾ اسان اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيترن ماڻهن جي قصن کي پڙهيو ۽ جاچيو آهي. اولمپڪ راندين ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙن رانديگرن، ايوارڊ يافته فنڪارن، ڪامياب بزنس ليڊرن، جان بچائيندڙ ڊاڪٽرن ۽ اسٽار ڪاميڊين بابت پڙهيو، جن ننڍين پتڪڙين عادتن جي سائنس جو استعمال ڪندي پنهنجي هنر کي وڌايو ۽ پنهنجي شعبي ۾ چوٽي تائين رسيا. جن ماڻهن ٽيمن ۽ ادارن بابت اسان سان ڳالھ ٻولھ ڪئي انهن مان هرهڪ جون حالتون مختلف هيون، پر اهي هڪ ئي انداز ۾ ننڍڙين پتڪڙين پر مستقل ۽ هڪ جي پٺيان ٻي بهتري تي ڪم ڪندا رهيا ۽ انهن ترقي جون منزلون پار ڪيون.

ڪاميابي جي ڪا منزل ناهي، جنهن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي. ان جي ڪابه آخري حد يا لڪير ناهي جنهن کي اڪري پار ڪيو وڃي. اهو بهتري آڻڻ جو هڪڙو نظام آهي، درستگي جو هڪڙو مسلسل عمل! پهرئين باب ۾ مون چيو هو ته ”جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي عادتن کي تبديل ڪرڻ ۾ دشواري پيش اچي ٿي ته اهو سمجهڻ گھرجي ته مسئلو اوهان سان ناهي، پر مسئلو اوهان جي سسٽم يا نظام سان آهي. بريون عادتون ان ڪري بار بار نٿيون دهرائجن ته اوهان تبديلي نٿا آڻڻ چاهيو بلڪه ان ڪري جو اوهان جو تبديلي آڻڻ وارو نظام ئي غلط آهي.“

هن ڪتاب جي پڄاڻي تي آئون اها اميد ڪريان ٿو ته هاڻي اوهان لاءِ ان جو ابتڙ سچ ثابت ٿي چڪو هوندو. روين جي تبديلي جي چئن قانونن جي شڪل ۾ اوهان وٽ هٿيار ۽ حڪمت عملين جو هڪ انمول خزانو اچي ويو آهي، جن کي استعمال ڪندي اوهان بهتر نظام ۽ بهتر عادتون جوڙي سگھو ٿا. اڪثر ڪيترين عادتن کي ياد رکڻ ڏکيو هوندو ۽ اوهان کي اهڙين عادتن کي پرڪشش بنائڻو پوندو. ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيندو جو اوهان کي ڪا عادت ڏاڍي ڏکي لڳندي ۽ اوهان کي ان کي آسان بنائڻو پوندو ۽ ڪيترا ڀيرا ايئن به ٿيندو ته ڪنهن عادت تي ڪاربند رهڻ لاءِ اوهان جي دل ڪونه چوندي، پر اوهان کي انهيءَ کي اطمينان بخش بنائڻو پوندو.

رويا هتي آسان ٿيندا آهن           رويا هتي مشڪل ٿيندا آهن

  • پڌرا يا ظاهر ظهور نظرن کان پري
  • پرڪشش بنا ڪنهن ڪشش جي
  • آسان ڏکيا
  • اطمينان بخش اطمينان کان وانجهيل

اهو هڪڙو مسلسل جاري رهندڙ عمل آهي. هتي ڪابه آخري لڪير ناهي، ڪوبه مستقل حل ناهي. جڏهن به اوهان بهتري جي ضرورت محسوس ڪريو ته اوهان تيستائين روين جي تبديلي جي چئن قانونن جي وچ ۾ گھمي سگھو ٿا، جيستائين وري ڪنهن ٻي رڪاوٽ سان اوهان کي مهاڏو اٽڪائڻو نه پوي. انهيءَ کي نمايان بڻايو، پرڪشش بڻايو، ان مان اطمينان حاصل ڪريو ۽ انهيءَ کي آسان بڻايو. هر ڀيري اها ئي ڳالھ اوهان کي هڪ سيڪڙي واري بهتري ڏانهن کڻي ويندي. پائيدار نتيجن حاصل ڪرڻ جو طريقو اهو ئي آهي ته ڪڏهن به بي دليو ٿي ان ڪم کي ڇڏي نه ڏيو، ڪڏهن به بيهي نه رهو.

”سسئي ان ستون کي، رويو رويو رو،

ويٺي هت م هو، هلين ته هوت لهين.“

                                                       (شاهه لطيف)

جيڪڏهن اوهان بنا بيهڻ جي اڳيان وڌندا رهو ته غير معمولي ڪم سرانجام ڏيئي سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان ڪم کان نه نٽايو ته اوهان غير معمولي ڪاروبار قائم ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان ورزش ڪرڻ بند نه ڪريو ته اوهان غير معمولي طور تي خوبصورت جسم ۽ بهترين صحت جا مالڪ بڻجي سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان سکڻ جو عمل نه ڇڏيو ته اوهان غير معمولي حد تائين علم حاصل ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان بچت ڪرڻ نه ڇڏيو ته اوهان غير معمولي بينڪ بيلنس گڏ ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان دوستن جو خيال رکڻ نه ڇڏيو ته اوهان غير معمولي دوست ۽ رشتا جوڙي سگھو ٿا. ننڍيون پتڪڙيون عادتون جمع ناهن ٿينديون، پر اهي هڪ ٻئي مٿان سٿجنديون وينديون آهن ۽ آخرڪار هڪ جبل جيان اسان جي آڏو نمودار ٿينديون آهن.  اها ئي ايٽم جيترين پتڪڙين عادتن جي ايٽمي طاقت آهي. ننڍيون ننڍيون تبديليون، غير معمولي نتيجا!

…(پورو ٿيو)…