پارڪ لين ريفرنس: احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي
احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي. پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ آصف زرداري، بلاول هائوس ڪراچي کان وڊيو لنڪ جي ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته ٻين جوابدارن جي به وڊيو لنڪ جي ذريعي حاضري لڳرائي وئي.
ٻڌڻي دوران آصف زرداري چيو ته منهنجو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي ان جي غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو نٿي ڪري سگهجي. جنهن تي فاضل جج اعظم خان چيو ته فرد جرم اوهان تي لاڳو ڪئي ويندي. جيڪڏهن اوهان جو وڪيل نه آيو ته اسان ان جي غير حاضري لڳائينداسين. عدالت آصف زرداري، انور مجيد، شير علي، فاروق عبدالله، سليم فيصل ۽ محمد حنيف تي به فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.
آصف زرداري ۽ انور مجيد سميت سمورن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت طرفان آصف زرداري مٿان لاڳو ڪيل فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته هن بطور صدر لاڳاپيل اختيارين تي اثر انداز ٿي قرض جي رقم فرنٽ ڪمپنين کي جاري ڪرايون هن بدنيتي سان پنهنجي فرنٽ ڪمپني کي ڏيڍ ارب روپين جو قرض ڏياريو. هو پارڪ لين ڪمپني جو ڊائريڪٽر هو ۽ جعلسازي جو منصوبو ٺاهيو. هن فراڊ مان حاصل ٿيندڙ رقم پنهنجي ذاتي مقصد جي لاءِ استعمال ڪئي ۽ هي رقم جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ موڪلي وئي.