ڪهاڻيونڪهاڻيون

پاڙن پٽيا انور شيخ

ماستر دين محمد ۽ ان جي زال ڪريمان کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ جو اولاد هو. ٻئي ٻار اڃان پرائمري ۾ پڙهي رهيا هئا. پڪي ڇت سان ڪچين سرن جو گهر به پاڙي جي ٻٽن چڱن گهرن جهڙو هئن. باقي گهر جي سامان ۾ پوريون ساريون کٽان، هڪ پاڻيءَ جو ڪولر، هڪ وڏي پيتي، هڪ ننڍي پيتي، هڪ پيڊيسٽل فين ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جي ٿانون کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. پگهار کائڻ پيئڻ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ پوري ٿي ويندي هئن. رات جو ماني ٽڪي کائي ٻئي زال مڙس هڪٻئي کي لطيفا ٻڌائيندا هئا ۽ ائين ئي ڳالهائيندي، ڳالهائيندي ماستر دين محمد زال جي ڀاڪرن ۾ هوندي ننڊ جي وادين ۾ سير ڪندو هو. روزانو صبح سان ٻئي زال مڙس ساجهر اُٿي تڙ ڪري نماز پڙهندا هئا ۽ پوءِ ناشتي کان فارغ ٿي ٻارن ۽ ماستر کي اسڪول روانو ڪري ڪريمان گهر جي صفائي سٿرائي ۽ ٻين ڪمن جي بلي ٿي ويندي هئي. ماستر دين محمد جي گهر جا ڏينهن ۽ راتيون ڏاڍا آسان ۽ آرامده گذرندا هئا.

هڪ ڏينهن آسمان تي ڪارن ڪڪرن اچي اهڙي ڪاههَ ڪئي جو پوري ڌرتيءَ جي هر ذي روح کي دهشت زده ڪري ڇڏيائون. شام جي پهر ماستر دين محمد جو پاڙيسري بيلدار بدرالدين ماستر جي گهر آيو ۽ اچي چيائينس،

“ماستر آسمان تي سڄو سمنڊ چڙهي آيو آهي. الله پناهه ڏي. توهان جي ته گهر جي ڇت وري به پختي آهي، پر مون وارا ڪک ته پهرين سٽ ئي نه سهي سگهندا.”

“ادا الله خير ڪندو. مينهن وسائڻ وارو به مولا ته اسان به انهيءَ جا. پاڻ کي ڪهڙي پرواهه، ڌڻڪا آهيون.” ماستر دين محمد، بدرالدين کي دلجاءِ ڏيندي چيو. بدرالدين پڌر ۾ کٽ تي ويٺي رازداريءَ واري لهجي ۾ ماستر کي چيو،

“ادا ماستر توسان دل جي ڳالهه ٿو ڪيان. مون وٽ ڪجهه پئسا آهن. اُهي تون مينهنِ وارا ڏينهن پاڻ وٽ امانت ۾ رک، برساتون بس ٿيون ته مان تو وٽان کڻي ويندس.”

“گهڻا پئسا آهن؟” ماستر به ساڳي رازداري واري لهجي ۾ چيس،

“ايڪهٺ هزار آهن.”

“يار ڪمال ٿو ڪرين، ايڏا پئسا گهر ۾ رکيو ويٺو آن”

“ادا ڇا ڪيان، بينڪن تي به ڀروسو ڪونهي. جي ملڪ ۾ لڳي جنگ ۽ بينڪون پئسا ڪن بند ته پوءِ مان ڇا ڪندس..”

تنهنڪري رات جو سيراندي کان رکندو آهيان ۽ ڏينهن جو ڦتيءَ جي اندرين کيسي ۾ هوندا آهن.”

۽ پوءِ هڪدم ڪجهه سوچيندي وري هٿ ٻڌندي ماستر کي چيائين،

“ٻيلي الله جو نالو اٿئي، توکي چڱو سمجهي اعتبار ڪيو اٿمانءِ، متان ٻاف ٻاهر ڪڍين.”

“نه نه دلجاءِ ڪر اهڙو ڪچو سمجهين ٿو ڇا.”

ماستر دلجاءِ ڏنس ته بدرالدين مطمئن ٿيندي چيس،

“توکي  ڪچو سمجهان ها ته ڀلا ٻيا پاڙي وارا به کوڙ هئا تون پنهنجو به آهين ته نيڪ ماڻهو به آهين. ان ڪري ته سڌو تو وٽ آيو آهيان.”

اوچتو آسمان ۾ زورڌار گجگوڙ ٿي ته ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪريمان سواءِ هڪ کٽ جنهن تي هي ٻئي ڄڻا ويٺا هئا. ٻاهر رکيل سڀ سامان ڪوٺيءَ ۾ اندر کڻي چڪي هئي. بدرالدين ڦتيءَ جي اندرين کيسي مان  پلاسٽڪ جي ڪاري رنگ جي ڳاڙهن رٻڙن سان ويڙهيل ٿيلهي ڪڍي ماستر کي ڏيندي چيو،

“ڳَڻِ”

ماستر گهر جي ڀتين ۽ پاڙي جي ڇتين طرف جلديءَ ۾ نهاريو ۽ اُٿي ٻاهريون دروازو بند ڪري موٽي کٽ تي ويهي سمورا پئسا ڳڻيا. پئسا ڳڻي وري ساڳي ٿيلهيءَ ۾ ساڳئي انداز سان ويڙهي پاسي واري کيسي ۾ وڌائين.

بدرالدين اُٿندي چيس،

“هاڻي مان هلان ٿو، راڄل اڪيلي آهي هٽ تان چانور وٺي ڏيانس ته مينهن وَسڻ کان اڳ پچائي وٺي.”

ماستر دين محمد، بدرالدين سان در تائين گڏ آيو.

“ماستر، اسان ٻنهي زال مڙسن جو پويان اوهي نه واهي، نه ڪا اولاد ئي ڄائي، مان جي مري وڃان ته پئسا منهنجي زال راڄل کي ڏجانءِ.”

بدرالدين مايوسيءَ واري منهن سان در جي اندرين پاسي بيهي ماستر دين محمد کي چيو.

“ادا خير گهر. الله توکي حياتي ڏيندو. اڳ ۾ ڀلا مينهن نٿي ڏٺا ڇا؟ جو ايڏو هانءُ لاٿو اٿئي.”

ماستر دين محمد بدرالدين کي روانو ڪري در بند ڪيو. ڪريمان پڌَر ۾ رکيل کٽ پٺي تي کڻي اندر وڃي رکي. ان کانپوءِ چلهي تي پچندڙ چانورن کي دم ڏيئي ٻرندڙ ڪاٺين کي ٻاهر ڪڍي. ان مان ٽانڊا ڀوري ديڳڙي هيٺان رکيا. ڪريمان اچي ماستر جي سامهون ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ويهندي چيو،

“پرايا پئسا ورتا ته اٿئي پر اهي رکندين ڪاٿي؟”

“ڇو ايڏا گهڻا آهن ڇا جو گهر ۾ نه ماپندا. ننڍي ٽرينڪ ۾  رکي ڇڏ.”

ماستر دين محمد پئسن واري ٿيلهي زال کي ڏني جنهن اُٿي وڃي وڏي پيتيءَ مٿان رکيل ننڍڙي ٽرينڪ ۾ ڪپڙن جي هيٺان سنڀالي رکيا ۽ ٽرينڪ کي تالو لڳايائين. ٻاهر مينهن جي هلڪي ڪڻ ڪڻ شروع ٿي ته سڀني گڏجي جست جي ٿال ۾ چانورن مٿان مٺائي ٻُرڪي. ان ۾ کير وجهي کاڌو. ٻار چانور کائي سمهي پيا. آهستي آهستي مينهن ۾ تيزي ايندي وئي وئي. اونڌاهو آسمان بکايل شينهن جيان گجي رهيو هو. بجلي بند هئي. ڌرتيءَ تي روشنيءَ جو نانءُ نشان ئي نه هو. گهرن جي اندر توڙي ٻاهر هر هنڌ هڪ جهڙي اونداهه هئي. گرميون توڙي جو ايتريون نه هيون، پر پوءِ به ڪمرن ۾ هُٻَس هئي. ڪوٺيءَ جي کليل درَ کان مينهنَ ڦُڙين جي آوازن سان آلي محسوس ٿيندڙ هوا اندر اچي رهي هئي. دين محمد چمني (بتي) ٻاري جاري ۾ ڪنڊائتي ڪري رکي. هلڪي روشني ڪوٺيءَ ۾ سَهميل، سَهميل لڳي رهي هئي. پيرانديءَ جي پاسي کليل دَر ۾ دين محمد جي ديد هئي. پويان سيراندي کان وڏي پيتيءَ جي مٿان ننڍي ٽرينڪ رکيل هئي جنهن ۾ بدرالدين کان امانت ۾ مليل ايڪهٺ هزار رپيا پيا هئا.

هي پهرين رات هئي. جنهن ۾ دين محمد ۽ ڪريمان کٽ تي سڌا سمهيا پيا هئا. نه ته هونئن اڪثر هي نانگ وڪڙ پائي کٽ تي چرندا رهندا هئا. لطيفا ۽ هلڪا کجڪا ننڊ اچڻ تائين هنن جي ڪمري ۾ کجندا رهندا هئا. ٻاهر گجگوڙ هئي. اندر خاموشي هئي. دين محمد اوچتو خيال اچڻ تي اُٿيو  ۽ جلديءَ ۾ ڪوٺيءَ جو دَر بند ڪيائين ته ڪريمان چيس،

“اهو ڇاٿو ڪرين ڪمري ۾ اڳي ئي ٻوسٽ آهي ماريندين ڇا”

“خير  آهي هڪڙي رات ۾ آئي  وئي ڇا… ڪونه مرنداسون.”

“پر آخر ڇو. ڪوٺيءَ جو در ڇو ٿو بند ڪرين. ٻاهريون در بند آهي.”

“ٻاهريون دَر بند آهي، پر پوءِ به قضا پڇي ايندي آ ڇا.”

ڪريمان چپ ٿي وئي. دين محمد کي به ننڊ کڻي وئي.

بدرالدين جي ڪچي آڳر واري ۾ گهر ۾ مينهن ريج ڏئي رهيو هو. گاج جا آواز جنگي جهازن جيان گجگوڙ ڪري رهيا هئا. ڪوٺيءَ جي ڇت جو هڪ پاسو ائين ٽمي رهيو هو ڄڻ ان هنڌ تي ڇت پيل ئي ڪونه هئي. ٽمندڙ ڇت هيٺان بدرالدين جي زال بالٽي رکندي چيو،

“مينهن سان ته منهن ڏئي وٺبو، پر جيڪڏهن سڀاڻي ماستر مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ڪهڙا آهن تو وٽ شاهد جيڪي مٿان بڪندس.”

بيلدار بدرالدين جيڪو ڪوٺيءَ اندر پختي ڇت واري پاسي کان کٽ تي ويٺو هو. سو زال جي انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ لڳو. راڄل بالٽي رکي اچي ڀر ۾ ويٺس ته ان جي منهن ۾ ڏسندي چيائين،

“اهو تون اجايو وهم ٿي ڪرين. ماستر جي توکي خبر ڪونهي! پرائيءَ کان پري هوندو آهي.”

“اڙي بدرالدين! ماڻهوءَ کي بدلجندي دير ٿورئي لڳندي آهي.”

“نه…نه تون الڪو نه ڪر مان نٿو سمجهان ته ماستر ائين ڪندو.”

“ڪريمان….ڪريمان….او ڪريمان….اڙي اُٿ ته قَهر ٿي ويو.”

ماستر دين محمد زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو.

“ڇا ٿيو؟… ڇا ٿيو؟…”

ڪريمان حواس باخته ٿي مڙس کان پڇيو. ننڍڙا ٻار پيءُ جي رڙين تي اُٿي روئڻ لڳا.

“اَڙي هو ڏس پيتي ڪونهي، چور کڻي ويا.”

مڙس جي انهيءَ ڳالهه تي ڪريمان جي تڪڙن ساهن ۾ سامت آئي ٿڌو ساهه ڀريندي چيائينس،

“خير آهي… مان کڻي کٽ جي هيٺان رکي آ”

پريشاني ۽ پگهر ۾ ڀريل دين محمد يڪدم اُٿي بتي کڻي کٽ هيٺان ڪري ڏٺو جتي پيتي پئي هئي. ۽ پوءِ سک جو ساهه کڻندي ڪريمان کي ڪاوڙ ۾ چيائين،

“ڪهڙي مهل رکيهءِ، مون کي ڇو نه ٻڌايهءِ ؟”

“تون ننڊ پيو هئين مون کي وهم ٿيو ته آهستي لاهي کٽ هيٺان رکيم.”

ڪريمان ٻارن جي کٽ تي اُنهن کي سمهاريندي چيس،

“دين محمد دَر کولي ورانڊي ۾ بتيءَ جي روشني سان جاچيو مينهن بند ٿي چڪو هو ۽ آسمان خاموش هو، پر ڌرتيءَ تي ڏيڏرن جي ٽان ٽان ۽ تڏن جا آواز جاري هئا. ڄڻ انهن مينهن ۽ گاج کان چارج ورتي هجي. دَر بند ڪري جاري ۾ رکيل تالو کڻي دين محمد دَر کي اندران ڏنو. ڪريمان اوٻاسيون ڏيندي هن کي پئي ڏٺو، پر چيائينس ڪجهه به ڪو نه. ٻئي ڄڻا وري کٽ تي اچي گڏ سمهيا. ڪريمان ڇت ۾ نهاريندي دين محمد کي چيو،

“جڏهن کان اهي مئا آيا آهن. ننڊ ئي ڪونهي. مون کي ياد ڪونهي ته ڪڏهن هن مهل به مون کي ڪا جاڳ ٿي هجي.”

“پرائي امانت آهي نه ان ڪري الڪو ٿي پيو آ”

دين محمد به ساڳي ئي پريشاني واري انداز مان چيس.

“پنهنجا هجن ها ته ڀلا چنتا نه ٿئي ها.”

“پنهنجا ته رکون ها بينڪ ۾ گهر ڇو هجن ها.”

“بئنڪ ۾ رکين ها. لڳي جي جنگ ۽ بئنڪ ڪري پئسا بند ته پوءِ…” ڪريمان کٽ تي اُٿي ويهي مڙس جي منهن ۾ ڏسندي چيو جنهن تي هلڪي روشني پريشاني جيان ڏڪي رهي هئي.

“اِهي ته ملڪيت ۾ جوکا هوندا آهن.”

دين محمد چيس ته ڪريمان وري کٽ تي سمهندي چيس،

“اَلائي ڇا چڪر آهن. پاڻ وٽ ته ڪڏهن ايڏي مڏي آئي ڪونهي. جيڪو ايندو آ سو مهيني  ۾ ئي پورو ٿي ويندو آ.”

“بس ته ڪر”

دين محمد کٽ تي اُٿندي زال کي چيو ۽ چپن تي آڱر رکي خاموش رهڻ جو اشارو ڪندي وڏي پيتيءَ جي پويان ڀت ڏي اشارو ڪيائينس جتان کڙڪي جو آواز اچي رهيو هو. ٻئي زال مڙس کٽ تي ويهي آواز ڪنائڻ لڳا. ڀت ۾ ڪا شيءِ ٽڪرڻ جو آواز اچي رهيو هو. دين محمد زال کي سرٻاٽن ۾ چيو،

“لڳي ٿو چور ڀت ۾ کاٽ پيا هڻن.”

“ايڏانهن آهي به ته سڄو پاسو خالي” ڪريمان خوفزده ٿيندي چيس.

“پوءِ ڇا ڪيون، پاڻ وٽ ته ڪو هٿيار به ڪونهي.” دين محمد خوف مان هلڪو ڏڪڻ لڳو.

“ٻاهريون دَر کولي اَدي وارن کي وڃي اُٿار.”

“دَرَ تي جي بيٺا هجن.”

دين محمد انديشو ظاهر ڪيس ته ڪريمان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا

“اڙي اسان جا ته ننڍڙا ٻچڙا آهن. ماريا اندر آيا ته ڇا ڪنداسون.”

ڪريمان روئڻ لڳي ته دين محمد کي هڪ ترڪيب سجهي ۽ چيائينس،

“ڪوٺي تي ٿو چڙهي وڃان، مٿان ڏسي پڪ ڪري پوءِ ڪاٿون اَڙ وٺي چور چور ٿو ڪيان.”

اها ٽِرَڪ سوچي دين محمد آهستي کٽ تان اُٿي در کولي پير پير تي ڏئي. اڱڻ ۾ اکيون پٽي ڏسندو ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي ڪوٺي تي پهتو اُتي سمهي پيٽ ڀر ريڙهيون ڏيندو پوئين پاسي تي پهچي آهستي آهستي منڍي کڻي هيٺ نهاريو جتي اوندهه هئي. گهڻو غور سان ڏسڻ ۽ ڀت جي ڀرسان ٿيندڙ حرڪتن کي سمجهڻ کانپوءِ معلوم ٿيس ته ٻه گڏهه ڀت جي ڀرسان هڪ ٻئي کي اِٽون هڻي رهيا هئا. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن گُسي ڀت سان به پئي لڳيون. سڪون جو ساهه کڻي هيٺ لٿو. مينهن بلڪل بند هو ڪاري آسمان مان ڪٿي ڪٿي ستارا ظاهر ٿي رهيا هئا. ڪوٺيءَ ۾ پهچي سڄي ڳالهه ڪريمان کي ٻڌايائين ته ڪريمان جي ڪنبندڙ  لڱن ۾ ساهه پيو ۽ اطمينان جو احساس ٿيس.

بيلدار بدرالدين پنهنجي ڪوٺي اندر کٽ تي ستو پيو هو. ننڊ، هن کان به ڪوهين ڏور هئي. ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل بالٽي ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڇت مان پاڻيءَ جو ڦڙو ٽمي اچي پئي ڪريو. مينهن بند هو، پر ڇت جي ان ڪنڊ ۾ شايد پاڻي اڃان بيٺو هو.

عجيب قسم جا خيال بدرالدين کي نهوڙي رهيا هئا. جڏهن کان هن جي زال انديشو ڏيکاريو هئس تڏهن کان هن کي ننڊ نه پئي آئي. هو سوچي  پيو،

“ايمان مهمان آهي. منهنجو  ته ڪو شاهد به ڪونهي، جي ٿيو بي ايمان ته ڇا ڪندو مانس… هرڪو مون کي ملامت ڪندو ته ثابتي ڪهڙي اٿئي.”

بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڪجهه گهڙيون ڇت کي خالي اکين سان نهاريندو رهيو. وري پاسيرو ٿي سمهيو. هن کي پاڻ تي ڪاوڙ  اچڻ لڳي.

“هي ڇا ڪري ويٺو آهيان… ايڏي خطا… ايڏي بي عقلي… ماستر جي پگهار هوندي گهڻي… مان هن کي ايڏا پئسا بغير ڪنهن ثابتيءَ جي ڏئي آيو آهيان… هاڻي ڇو مون کي موٽائي ڏيندو.”

اندر ۾ اهڙي خيالن جي ولوڙ اٿيس جو هن ڀيري کٽ تي اُٿي ويهڻ جي بجاءِ سڌو زمين تي اُٿي بيهي رهيو. دَر کان ٻاهر ليئو پاتائين مينهن بند ٿي چڪو هو. هن سوچيو،

“ائين وري ڪيئن ڪندو. صفا ماري خون ڪندومانس. منهنجا حرام جا پئسا آهن. هر مهيني پگهار مان پيٽ ڪٽي بچايا آهن. ڀلي جيل هليو ويندس، پر ماستر کي ڪيئن کائڻ ڏيندس.” ڪوٺيءَ اندر هلڪي روشني بدرالدين جي ڪاوڙ جيان ڦرڪي رهي هئي.

ڪجهه دير خيال هن جي ذهن ۾ وچڙندا رهيا. جڏهن ڪجهه واضح ٿيا ته هن پنهنجن وهمن کي اجايو سمجهيو.

“نه..نه..مان غلط ٿو سمجهان! ماستر اهڙو ماڻهو ئي ناهي. هي ته ايڪهٺ هزار آهن، پر ايڪهٺ لک هجن ها ته به ماستر ائين نه ڪندو. مان ننڍپڻ کان  سڃاڻانس.”

اهڙي خيال اچڻ تي اندر ۾ ڪجهه ٿڌڪار محسوس ڪيائين.

راڄل جيڪا کٽ تي سمهي مڙس کي ڏسي رهي هئي. تنهن جو بدرالدين کي ايڏو پريشان ڏٺو ته اٿي کٽ تي ويهندي چيائين،

“پاڻ به ته ڀلا پيا آهيون نه. اهي به پنهنجي جند سان هجن ها ته اهڙو اُلڪو ٿئي ها ڇا؟”

بدرالدين در جي ڀرسان بيٺي چيس،

“قادن وارن جون مينهون اڳي چور مينهن ۾ ڪڍي ويا هئا نه…۽ ٻيو مينهن ۾ ڀِڄِي نه پون. انهيءَ خيال کان مان ٻئي پاسي سوچيو ئي نه.”

“چور ماستر جي گهر نٿا وڃي سگهن ڇا؟ اسان پنهنجي ملڪيت چورن کي سولائيءَ سان ڏيون ها ڇا؟ ماستر ته چورن کي هڪل به نه ڏيندو. ڪهڙي هن پنهنجي پگهر مان ڪمائي آ.”

زال جي انهيءَ ڳالهه بدرالدين جي هانوَ ۾ هٿ وڌا. اندر جي لاڳن کي صحرا جي خشڪ واري جيان محسوس ڪيائين. انهيءَ هڪڙي ڳالهه سموري لڱن جي ست ئي ڪڍي ڇڏيس، اف ڪري کٽ تي زال جي ڀرسان ويهي رهيو.

رات جا ٽي ٿي رهيا هئا. ماستر دين محمد زال کي چيو،

“پيتيءَ جي چاٻي ته ڏي.”

“ڇو.”

“تون ڏي ته.”

ڪريمان اُٿي چاٻي ڏنس. دين محمد کٽ هيٺان پيتي سُوري، کولي ڪري. ان مان پئسن واري ٿيلهي ڪڍي ۽ وري پيتي بند ڪئي. ٿيلهيءَ کي وهاڻي جي ڇَوَ ۾ اندر وجهي وهاڻو مٿن کان ڏئي سمهي پيو ته ايتري ۾ ٻاهر دَر تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو ڪريمان کٽ تي اُٿي ويٺي. دين محمد ڪوٺي جي دَر تان بيهي ڪجهه دير ڪنائي پوءِ چيو،

“ڪير آ”

“مان هان بدرالدين.”

دين محمد اڱڻ مان گذري وڃي دَر کوليو. بدرالدين کي وٺي ڪوٺيءَ ۾ اندر آيو. ڪريمان کٽ تي ويٺي هئي.

بدرالدين چَيُنِ،

“پئسا هٿيڪا ته رکيا اٿوَ نه؟”

ڪريمان ويهاڻي مان پئسن جي ٿيلهي ڪڍي بدرالدين کي ڏيندي چيو،

“پاڻ وٽ وڃين هٿيڪا ڪر ادا.”

بدرالدين جلديءَ ۾ پئسا وٺي بتيءَ جي ڀرسان وڃي ڳڻيا ۽ پوءِ کلندي ڪريمان کي چيائين،

“اَدي معاف ڪيو. بس عادت پيل آهي. سدائين هنن کي سيني سان لڳائي سمهندو آهيان اڄ هنن کانسواءِ ننڊ نه پئي اچي.”

ڪريمان ويٺي ئي مڙس ڏي تڪيندي هلڪو مسڪرائيندي چيو،

“بس ادا اهي پاڙن پٽيا جنهن وٽ آهن انهن کي به ننڊ ڪونهي جنهن وٽ ناهن انهن کي به ننڊ ڪونهي.”