خاص

پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جو نوي سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو

وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ آهي ته پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان جو تقريبن 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. حماد اظهر چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به ملڪ کي ڏنل ڏکئي ۽ جامع پلان تي عمل ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه وفاقي وزير حماد اظهر اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ايف اي ٽي ايف اجلاس جي حوالي سان وڌيڪ بريفنگ ڏيندو. ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي وڌيڪ مهلت ڏيندي جون تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.