پاڪستان جي ليجنڊ اداڪاره صبيحه خانم لاڏاڻو ڪري وئي

ليجنڊ اداڪاره ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري جو وڏو نانءُ صبيحه خانم آمريڪي رياست ورجينيا ۾ لاڏاڻوڪري وئي. صبيحه خانم جي ڏوهٽي ۽ ماڊل سحرش خان خانگي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته صبيحه خانم بلڊ پريشر ۽ شوگر سميت ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا هئي. صبيحه خانم ڪيترائي سال پاڪستاني فلم انڊسٽري تي راڄ ڪيو. پهرين پاڪستاني گولڊن جوبلي فلم به صبيحه خانم جي حصي ۾ آئي. سندس عمر 85 سال هئي. پاڪستاني فلم انڊسٽري جي پهرين سپر اسٽار صبيحه خانم جو اصل نالو مختار بيگم هو. هوءَ 1935ع ۾ پيدا ٿي هئي، سندس والدين محمد علي مابيا ۽ بالو بيگم ٿيٽر ۾ ڪم ڪندا هئا. صبيحه خانم پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1950ع ۾ فلم بيلي کان ڪيو. 1954ع ۾ فلم گمنام کان هن جي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان کانپوءِ ڪيترين ئي ڪامياب فلمن کيس پاڪستان جي ڪامياب اداڪاره بڻائي ڇڏيو. سندس ڪامياب فلمن ۾ واعده، حاتم ۽ شيخ چلي شامل آهن. اداڪاره صبيحه خانم سڀني کان وڌيڪ فلمون سنتوش ڪمار سان گڏ ڪيون ۽ ان سان ئي سندس شادي به ٿي. هوءَ ڪافي وقت کان آمريڪا ۾ ترسيل هئي جتي هوءَ بيماري وگهي فوت ٿي وئي.