خاص

پاڪستان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بابر اعظم ۽ امام الحق انجري سبب پهرين پنج ڏينهن واري ميچ ۾ نه کيڏي سگهندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو. اوپنر عمران بٽ کي 17 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ان جو پهريون انٽرنيشنل ٽيسٽ ميچ هوندو. بابر اعظم ۽ امام الحق آڱوٺي جي انجري سبب پهريون ٽيسٽ نه کيڏي سگهندا پر سندس ٻئين ٽيسٽ ۾ شموليت جو فيصلو به مناسب وقت تي ڪيو ويندو. پهرين ٽيست ۾ جيڪي رانديگر چونڊيا ويا آهن انهن ۾ محمد رضوان، سرفراز احمد، شاداب خان، عابد علي، اظهر علي، شان مسعود، فواد عالم، سهيل خان، ياسر شاهه، محمد عباس، عمران بٽ، حارث سهيل، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، فهيم اشرف شامل آهن.