سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪيو وڃي: وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪيو وڃي. وائرس بابت وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هيستائين سڀ کان وڌيڪ 8 فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن. جڏهن ته 182 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 182 ڪيس اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪل انگ 2537 ٿي ويو آهي ۽ فوتين جو انگ 56 ٿي ويو آهي، 1520 تازيون ٽيسٽون ٿيون، جنهن کانپوءِ مجموعي ٽيسٽن جو انگ 24 هزارن کان وڌي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 600 کان وڌي ويو آهي. اسان وٽ آئيسوليشن وارڊن ۾ 1857 مريض علاج هيٺ آهن. گهرن ۾ آئيسوليٽ ٿيندڙ ماڻهن کي درخواست آهي ته اهي ٻين ڀاتين کي محفوظ رکن، ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ مسافر سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪن