حڪومت تي پيٽرول اگهه وڌائڻ لاءِ دٻاءُ وڌڻ لڳو
وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکيا، جنهن تي مٿن دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي. وفاقي سرڪار کي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاران احتجاجي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جا اگهه زبردستي گھٽ رکڻ سان انڊسٽري تي ٻوجهه وڌي رهيو آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ايڊوائزري ڪائونسل اي سي او سي، جي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت زبردستي پيٽرول اگهه برقرار رکيا آهن، منظور ٿيل فارمولي تحت اگھن ۾ واڌ ٿيڻ گھرجي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي جي ٻوجهه کي نظر انداز ڪري اگهه گھٽ رکيا ويا، حڪومت پيٽرول 3 رپيا 21 پئسا ليٽر مارجن گھٽ ڪرايو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 2 رپيا 21 پئسا مارجن گھٽ ڪيو ويو. متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرنسي جو نقصان ٽي رپيا ۽ ڊيزل تي ٻه رپيا يارهن پئسا ايڊجسٽ ڪيو. 31 آڪٽوبر تي اي سي سي پيٽرول ڊيزل تي مارجن ۾ واڌ جي منظوري ڏني جيڪا اڃان تائين لاڳو ناهي ٿي. خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته اي سي پيٽرول ڊيزل تي مارجن وڌائي ڇهه رپيا في ليٽر ڪيو، پيٽرول ڊيزل مارجن ۾ ٻه رپيا 32 پئسا في ليٽر منظور ٿي. آگسٽ کان هن وقت تائين 7 ارب 55 ڪروڙ نقصان ٿي چڪو آهي. آئل انڊسٽري پهرين ئي بحرانن کي منهن ڏيئي رهي آهي.