سيوهڻ ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن جي وين سان حادثو، 20 ڄڻا اجل جو شڪار
قلندر جي پانڌيئڙن جي وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ويهه کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. کڏ جو پاڻي وڏو هجڻ ڪري سڄي وين پاڻي ۾ ٻڏي وئي، ڪيترائي پانڌيئڙا اڃان به وين ۾ ڦاٿل هجڻ جا اطلاع. حادثي جو اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيمن وين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. مسافر وين ۾ ويهه کان مٿي ماڻهو سوار هئا جيڪي ڄامشوري کان دادو وڃي رهيا هئا ته وين حادثي جو شڪار بڻجي وئي. جڏهن ته ٻڏل وين مان ڪيترن ئي ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جن کي طبي امداد لاءِ عبدالله شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي سبب فوت ٿيلن ۽ بيهوشين ۾ ٻار به شامل آهن. واقعي کانپوءِ سيوهڻ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.