خاص

پاڪستان ورلڊ بينڪ کان 50 ڪروڙ 55 لک ڊالر وصول ڪيا

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ورلڊ بينڪ کان 50 ڪروڙ 55 لک ڊالر  وصول ڪيا آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ترجمان پڻ ورلڊ بينڪ کان پئسا وصول ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف عالمي بينڪ کان 50 ڪروڙ 55 لک ڊالر رپيا حاصل ڪرڻ بعدپرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 19 ارب 50 ڪروڙ ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا آهن. جڏهن ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت ۾ بهتري اچڻ جو امڪان پڻ آهي.