ڪينسر جي هڪ دوا عمر پڻ وڌائي سگهي ٿي

نيوزي لينڊ جي ماهرن بين الاقوامي سائنسي جريدي ۾ پنهنجي تحقيق جي حوالي سان چيو آهي ته ڪينسر ۾ استعمال ٿيندڙ دوا زندگي جو عرصو وڌائي سگهي ٿي. هيءَ تحقيق جامعه آڪلينڊ ڪئي آهي جنهن ۾ وچولي عمر جي تندرست ڪوئن کي ڪينسر جي دوا ڏني وئي. ان دوا سان انهن ڪوئن جي عمر ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، جيڪو ٽن سالن جي برابر آهي. ماهرن ڪوئن کي ٻن گروپن ۾ تقسيم ڪيو ۽ ٻنهي کي هڪ جهڙي خوراڪ ڏني وئي جڏهن ته هڪ گروپ کي ”ايلپيليسب“ نالي دوا کارائي وئي، جن ڪوئن کي هيءَ دوا کارائي وئي اهي نه صرف ٻين ڪوئن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڏينهن جيئرا رهيا، پر پوڙهائپ ۾ سندن سَنڌ توانا رهيا ۽ جسم ۽ دماغ جي وچ ۾ مضبوط تعلق ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪوئن تي ڪيل تحقيق اسان انسانن لاءِ فائديمند ثابت ٿي آهي ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments