پاڪستان ٻوڏ تباهين ۽ قرضن باوجود ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيندو: مفتاح اسماعيل
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تباهي مچائيندڙ ٻوڏ باوجود قرضن سبب ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته چئلينج واري صورتحال ۾ معاشي استحڪام جو رستو ڏکيو هو جيڪو هاڻي وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي، جيڪڏهن سوچي سمجهي فيصلا ڪنداسين جيئن اسان ڪري رهيا آهيون ته اسان ڏيوالپڻي جو منهن نه ڏسنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي باوجود مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ سميت معاشي استحڪام بابت گهڻي قدر پاليسيون ۽ هدف اڃان تائين ٽريڪ تي آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٻوڏ سبب ڪپهه جهڙين وڌيڪ درآمدات ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس کي چار ارب ڊالرن تائين جو نقصان رسي ۽ برآمدات تي ناڪاري اثر پون تڏهن به پاڪستان مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ چار ارب ڊالرن تائين واڌرو ڪري وٺندو. مفتاح اسماعيل چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ارب ڊالرن کان وڌيڪ نه وڌندو، ٻوڏ کانپوءِ معيشت کي گهٽ ۾ گهٽ 18 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي جيڪو 30 ارب ڊالرن تائين وڃي سگهي ٿو، ڪريڊٽ ڊيفالٽ جو خطرو وڌي ويو آهي ۽ بانڊ جون قيتمون پڻ ڪري پيون آهن، پر پندرنهن کان ويهه ڏينهن اندر مارڪيٽ جي معمول تي اچڻ جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته چار ارب ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي مالياتي ذريعن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران قطر، گڏيل عرب رياستن ۽ سعودي عرب سان اٽڪل پنج بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري پڻ ڪئي ويندي، تيل لاءِ هڪ ارب ڊالر جي دير سان ادائگي جي سهولت کي فعال ڪرڻ لاءِ هڪ دوست ملڪ سان جلد ئي قانوني دستاويزن تي صحيحون ڪرڻ وارا آهيون.